تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

چاليهه (40) انگ جي اهميت … علامه نياز فتحپوري/ ڊاڪٽر نواز علي شوق

چاليهه(40) جي انگ کي دنيا جي مختلف مذهبن ۾ وڏي اهميت حاصل آهي، مرڻ کان پوءِ چهلم (چاليهي) جي رسم رياضت ۽ عبادت ۾ چلو (چاليهه ڏينهن ڪنڊائتو ويهي عبادت ڪرڻ) رسول الله صلي الله عليه وسلم کي چاليهن سالن جي عمر ۾ نبوت ملڻ، احقاف سوره ۾ اربعين (40) سالن جو ذڪر عورت جو ٻار ڄڻڻ کانپوءِ انفاس جا 40 ڏينهن مخصوص ڪرڻ، اهي سڀ اهڙيون ڳالهيون آهن، جن کان هر مسلمان واقف آهي، اهڙي ريت يهودين جي لٽريچر مان معلوم ٿئي ٿو ته بني اسرائيل 40 سالن تائين دربدر رلندا رهيا، ايليا نبي کي 40 سالن تائين ڪانوءَ خوراڪ پهچائيندا رهيا، جنهن برسات مان طوفان نوح پيدا ٿيو، اها برسات به 40 ڏينهن تائين قائم رهي . قديم مصر ۾ لاش کي ممي ڪرڻ لاءِ به 40 ڏينهن جي مدت مقرر هئي ۽ انگلينڊ جي وچ واري دور ۾ انساني قتل جو ڏنڊ ڀرڻ لاءِ به 40 ڏينهن جو ميعاد مقرر هو. جنگ جي دوران ٻنهي ڌرين کي آرام ڪرڻ لاءِ 40 ڏينهن جو وقت مقرر هو، سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ائين ڇو آهي؟ دنيا جي سڀني قومن ۾ 40 جي انگ کي ايڏي اهميت ڇو آهي؟ افسوس جو ان ڳالهه تي ڪنهن غور نه ڪيو ۽ ڪا تحقيق نه ڪئي.
پرڀو نالي هڪ عالم ان باري ۾ ڪجهه تحقيق ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته 40 جي انگ جي اهميت مسلمانن ۽ يهودين وانگر زردشتين ، هندن ۽ عيسائين ۾ به موجود آهي، سندس تحقيق موجب مشرق ۽ مغرب جي قومن جي رهائش جو هنڌ هڪ ئي ماڳ هو، اهوئي سبب آهي جو ڪي روايتون قصا ۽ ڪهاڻيون انهن مڙني ۾ مشترڪ آهن. سڀ کان پهرين توريت پڙهي ڏسو معلوم ٿئي ٿو ته طوفان نوح جي 40 ڏينهن کان پوءِ پهاڙ جي چوٽي نظر آئي، يعقوب ع جي لاش کي مسالو لڳائڻ لاءِ 40 ڏينهن جي ضرورت هئي، موسيٰ ع 40 ڏينهن جا روزار رکيا، ايليا نبي 40 ڏينهن اڃيو بکيو رهيو، نينوا کي توبه لاءِ 40 ڏينهن ڏنا ويا. بني اسرائيل 40 ڏينهن جهنگ ۾ رلندا رهيا، بني اسرائيل کي فلسطين 40 سال پريشان ڪيو. ان قسم جا گهڻائي واقعا توريت ۾ موجود آهن جن مان 40 جي انگ جي اهميت نکري نروار ٿئي ٿي. زردشت 40 سالن کان پوءِ تبليغ شروع ڪئي، پارسين وٽ لڳاتار 40 ڏينهن اهو رامزدا جي نالن جو ورد مفيد سمجهيو وڃي ٿو . هر سال جا 360 ڏينهن چلن ۾ ورهائين ٿا ۽ مذهبي رهنما کي به اها خدمت قبول ڪرڻ لاءِ 40 ڏينهن رياضت ڪرڻي پوي ٿي. سنڌ جي هندو عورتن ۾ رواج آهي ته ويم ڪرڻ کان پوءِ ٻار جو ناڙو ڪپي 40 ڏينهن تائين ماءُ جي سيراندي کان رکيو ويندو آهي، ويدڪ علاج جي طريقي ۾ ڪايا پلٽ لاءِ 40 ڏينهن گهربل هوندا آهن، عيسوي روايتن ۾ 40 جو ذڪر گهڻن هنڌن تي نظر اچي ٿو، مسيح ع جي ولادت جي 40 ڏينهن کان پوءِ مريم بيبي مسيح ع کي عبادت گاهه ۾ پيش ڪيو، مسيح ع 40 ڏينهن جو روزو رکيو. ڦاسي تي چاڙهڻ کان پوءِ کيس 40 ڪلاڪ قيد ۾ رکيو ويو. احيا۽ ثاني کان پوءِ 40 ڏينهن هن ڌرتي تي رهيو. ان کان پوءِ کيس آسمان تي گهرايو ويو.قديم شاعرن جي ڪلام ۾ به 40 جو وجود ملي ٿو.
انهن مڙني روايتن مان اها ڳالهه يقيني طور ثابت ٿئي ٿي ته دنيا جون سموريون قومون ڪنهن زماني ۾ هڪ ئي جماعت سان تعلق رکنديون هيون جيڪي بعد ۾ مشرق ۽ مغرب ۾ ٽڙي پکڙي ويون ۽ ڪي روايتون به پاڻ سان گڏ کڻي ويون پر هينئر سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪڏهن ۽ زمين جي ڪهڙي حصي مان ان هڪ جماعت جا ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا ۽ 40 جي انگ جي سندن روايتن ۾ ايتري اهميت ڇو آهي؟ انسان سڀ کان پهرين زمين جي ڪهڙي حصي تي آيو؟ ان بابت مختلف نظريا آهن، تلڪ نالي هڪ عالم جو نظريو آهي ته انسان قبل از تاريخ زمين جي ان حصي تي آيو جنهن کي قطبين جي ڀرواري زمين چيو وڃي ٿو ظاهر ۾ ته اهو نظريو غلط معلوم ٿئي ٿو ڇوته قطبين جي برفاني علائقي ۾ انسان ڪيئن رهي سگهي ٿو؟ حقيقت هي آهي ته ان حصي ۾ سدائين برف نه هوندي هئي، هڪ برفاني دور ايندو هو اهو وري ختم ٿي ويندو هو . غور ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ان جو آخري برفاني دور ڪڏهن ختم ٿيو؟ طبقات الارض جي عالمن جو چوڻ آهي ته سڀ کان آخري برف ڄمڻ جو 40 هزار سال ۽ 20 هزار سال قبل مسيح جي وچ واري عرصي ۾ ٿيو هو، ان دوران صدين تائين گرمي اچي ويندي هئي ۽ اها سرزمين ماڻهن جي رهڻ لائق بڻجي ويندي هئي.ان کان علاوه گرمي جو وڏو ثبوت هي آهي ته اتان لوهه ۽ ڪوئلي جا ذخيرا لڌا ويا آهن، روس جي چئن عالمن اتي وڃي تحقيق ڪئي جڏهن هنن پيغام موڪليو ته شمالي قطب برف کان خالي آهي، اسان سروي لاءِ سڪي رهيا آهيون ته دنيا حيران ٿي وئي، مطلب ته هي ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته قطبن تي هميشه برف نه ٿي رهي ان تي ڪيترائي گرمي جا دور گذري چڪا آهن، ان کان علاوا موجوده عالمن جي به اها ئي تحقيق آهي ته انڊو آرين قومن جو اصلي وطن اهائي سرزمين (قطب) هئي بعد ۾ برفاني دور اچڻ تي اهي قومون هيڏي هوڏي ٽڙي پکڙي ويون.
هينئر ان ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ته ڇا واقعي انسان سڀ کان پهرين قطبين واري هنڌ آباد ٿيو، اها سڀني کي خبر آهي ته طلوع (سج اڀرڻ) ۽ غروب(سج لهڻ) جي جيڪا ڪيفيت گرم ملڪن ۾ هوندي آهي سا ٿڌن ملڪن ۾ نه هوندي آهي قطبين ۾ سج اڀرڻ ۽ لهڻ جو هڪ ڌار نظام آهي، هڪ وقت اهڙو به ايندو آهي جو سج صفا غائب ٿي ويندو آهي ۽ 65 ڏينهن جي ڊگهي رات شروع ٿي ويندي آهي، ظاهر آهي ته جنهن حصي ۾ ايڏي ڊگهي رات ٿيندي هجي اتان جا رهواسي سج جي درشن جو ڪيڏو نه انتظار ڪندا هوندا ۽ ڊگهي رات گذري وڃڻ کان پوءِ ڪيڏيون نه خوشيون ملهائيندا هوندا، جن قديم قومن جي تهذيبن جو مطالعو ڪيو هوندو سي ڄاڻن ٿا ته اهي سج جي پوڄا ڪندا هئا، اڊونس، انيس ، تموز، مردوڪ ۽ اندر سڀ سج ديوتا جا مختلف نالا هئا، قديم يونان ۽ روم ۾ اتيس جو احياءُ ثاني 25 ڊسمبر تي ملهايو ويندو هو ۽ اهائي تاريخ بعد ۾ عيسائين مسيح ع جي احياءُ ثاني لاءِ اختيار ڪئي، ان 25 جو راز اهو آهي ته قطبين ۾ سج 24 ڏينهن تائين اڀري لهي پوءِ پنجويهين ڏينهن پوري ريت اڀرندو آهي، قطبين جي قديم آبادي ان کي نوروز سمجهندي هئي ۽ خوشيون ملهائيندي هئي، سج جي پهرين طلوع کان پوءِ 16 ڏينهن جي گهٽ وڌائي کان پوءِ پوري 24 ڏينهن بعد حقيقي ڏينهن شروع ٿيندو هو جو 65 ڏينهن تائين قائم رهندو هو، اهڙي ريت ڄڻ 40 ڏينهن انتطار ڪرڻ کانپوءِ انهن جو خوشي جو ڏينهن شروع ٿيندو هو. اهوئي سبب آهي جو 40 جي انگ جي اهميت سڀ کان پهرين قطبين ۾ قائم ٿي پوءِ جيڪڏهن اسان مڃون ته انساني آبادي سڀ کان اڳ قطبين ۾ ظاهر ٿي ۽ بعد ۾ اتان کان چئني طرفن ٽڙي پکڙي وئي ته هي مسئلو سولائي سان حل ٿي وڃي ٿو ته سڀني مذهبن ۽ قومن ۾ 40 جي انگ کي ايتري اهميت ڇو حاصل آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *