تازا ترين
  • *سکر: وفاقي حڪومت جون مھانگائي گھٽ ڪرڻ لاءِ دعوائون ڌوڙ، دال جو اگهه مرغي برار ٿي ويو *سکر: يوٽيلٽي ڪارپوريشن 200کان وڌيڪ شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي *سکر: ڪوڪنگ آئل 10 ليٽر تي 200 کان 250 روپين تائين اضافو *سکر: دال ماش جي في ڪلو قيمت 15روپين جي اضافي کانپوءِ 250 روپيا ٿي وئي*
  • *روهڙي: فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ناموسِ رسالت ريلي ڪڍي وئي، سوين ماڻهو شريڪ *روهڙي: ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي فرانس حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي *
  • قومي اسيمبلي جي اجلاس مان اپوزيشن ميمبرز جو واڪ آئوٽ *قومي اسيمبلي جو اجلاس، اپوزيشن پاران ڪورم جي نشاندهي *اسان چاهيون ٿا ايوان کي رولز جي مطابق هلايو وڃي: نويد قمر *اسان کي ٻڌايو وڃي ته اسان ڪهڙي رولز جي خلاف ورزي ڪئي آهي: اسپيڪر*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ “ڪورونا کان ڊڄڻو ناهي وڙهڻو آهي” جي سلوگن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي*چيف جسٽس پاران اسلامڪ آڊيلوجي ڪائونسل جي تجويز ڪابينا ۾ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار *عدالت وفاقي مذهبي معاملن واري سيڪريٽري اطلاعات کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو *وفاقي ادارن جي ماڻهن کي چئو ڪم ڪن يا وري نوڪريون ڇڏي هليا وڃن: چيف جسٽس*
  • *گهوٽڪي ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، احتجاج *گهوٽڪي: احتجاج سبب ڪو به وڪيل عدالت ۾ نه پيش نه ٿيو *پاڪستانين کي فرانس جي شين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي: اڳواڻ*
  • *مٺي: وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ ننگرپارڪر پهچي ڪاليداس ڊيم جو افتتاع ڪندو*وڏو وزير ميرپورخاص ڊويزن جي چونڊيل نمائندن ۽ پ پ عهديدارن سان گڏجاڻي ڪندو*
  • *احتساب عدالت ۾ ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ کين ريفرنس تي ٻڌڻي*اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري اپيل داخل*بلال شيخ، عيدل شاهه راشدي سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش*
  • *ڪنڌڪوٽ ويجهو ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ ڌنار نينگر فوت *13ورهين جي الهيار قمبراڻي جو لاش سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي*
  • *حيات پتافي: ڪراچي روزگار لاءِ ويل نوجوان 8 ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ *شاهه رخ ڪراچي پورهئي لاءِ ويو هو، سندس ڪو ڏس پتو ناهي: پيءُ محمد علي منگي *ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي، شڪ آهي ته پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي: پيءُ*
  • *اسلام آباد: صدارتي ريفرنس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ٻين جي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي *عدالت درخواستگذارن جي درخواست منظور ڪري ورتي *درخواستگذارن ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي اپيل داخل ڪرائي هئي*

ڄامشورو جي مڪاني نمائندن کان سوشل ميڊيا تي پڇاڻو

مڪاني نمائندن جو مدو پورو ٿي چڪي آهي جنهن ڪري سوشل ميڊيا تي انهن بابت بحث هلي رهيو آهي ۽ سوشل ميڊيا تي انهن جي ڪارڪردگي بابت سوال پڻ ڪيا پيا وڃن، ان حوالي سان ساگر عالماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڄامشورو جي وارڊ جي ڪائونسلر، مليل فنڊ، ڪرايل ڪم جي ڄاڻ لکو، منهنجو وارڊ نمبر 4، ڪائونسلر واحد بخش ڀلائي ۽ ڪم سعودي عرب ۾ آهي، اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي لاهوتي حبيب الله لکيو ته منهنجو وارڊ نمبر آهي، جتي ڪائونسلر ۽ ٽائون چيئرمين ڪک پتي مان لک پتي ٿي ويا ڪرپشن جي الزامن هيٺ ڪورٽن جا چڪر لڳايا، پوءِ گهر هليا ويا انهن کي عوام جي خدمت جو وقت ئي نه مليو، اعجاز جمالي لکيو ته اسان جي وارڊ ۾ ڪائونسلر خميسو بروهي ڪم ڪرايا آهن، طارق لکيو ته اسان جي وارڊ 3 ۾ ڪائونسلر ۽ چيئرمين ٻيو ڪو ڪم ڪيو يا نه پر پنهنجي وارڊ کي کنڊر ضرور بڻايو، حاجي واحد بخش ڀلائي لکيو ته آئون اوهان سڀني سامهون حاضر آهيان، مون 18 مهينا اڳ ڪائونسلري تان استعيفا ڏني هئي، آئون ڇا هيس ۽ آهيان اها به اوهان کي خبر آهي، مون کي ٽائون مان رڳو 5 لک رپين جا ڪم مليا هئا جيڪي ڪرايا، راجا انور لکيو ته منهنجو وارڊ 6 آهي جتان جو ڪائونسلر سجاد شاهه جو ڪم ٿر ۾ اين جي او جو آفيسر رهيو. ضمير تيوڻو لکيو ته منهنجي وارڊ 4 جو ڪائونسلر سعودي عرب ۾ ڪم ڪري ٿو، منهنجو وارڊ 3 آهي ڪائونسلر ۽ چيئرمين ڪڏهن نظر ئي نه آيا، فهيم اڪبر ميمڻ لکيو ته اسان جي وارڊ ۾ 4 سالن ۾ ڪائونسلر نظر ئي نه آيو، صالح سنجراڻي لکيو ته وارڊ 3 جو ڪائونسلر سدائين لاپتا رهيو، فدا نوهاڻي لکيو ته وارڊ 3 ۾ ڪي به ڪم نه ٿيا، تجمل شاهه لکيو ته اسان جي وارڊ 1 ۾ لياقت هو جنهن ڪم ڪرايا.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *