تازا ترين
  • *ڪوئيٽا: ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جا ڪيس وڌي رهيا آهن: وزيراعظم *ڪورونا کان بچڻ لاءِ بلوچستان حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: عمران خان * مختلف ملڪن ۾ هن وقت لاڪ ڊائون ختم ٿي رهيو آهي: عمران خان *
  • *اسلام ڪوٽ ويجهو نوجوان ناري جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ *ڳوٺ چوٿيو ڪولهي واسڻ ناري آنٻو زال موهن ڪولهي جو جهنگ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو *لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ منتقل، ناري اولاد نه ٿيڻ سبب پريشان هئي، پن لاهڻ جو بهانو ڪري جهنگ ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو: وارث *
  • *پنوعاقل لڳ ڪچي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، پوليس ڪارروائي ڪندي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو *ڳوٺ بکو مهر ۾ ميلائو مهر پنهنجي ڌيءَ واجده کي اياز عرف اجو مهر سان ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو *مقتولا جي ڀاءُ ادريس مهر کي گرفتار ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: ايس ايڇ او رضا ڳوٺ *
  • *ميرواهه گورچاڻي ۾ هاري گهرواري ۽ ماءُ تي زميندار جي تشدد خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو *ڳوٺ کنڀڙي واسي هاري موهن ڪولهي زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي خلاف پوليس وٽ دانهيو *زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي قرض نه ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ماءُ تي تشدد ڪيو: موهن ڪولهي *پوليس هاري کي تشدد جي تصديق لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو *
  • *پاڪستان کي ڪورونا وائرس جو علاج ڳولڻ وارن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو * آمريڪي صحت کاتي جي دوائن واري لائبريري ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد جي ٽيم کي اهل قرار ڏنو *25 مريضن جا 3 گروپ ٺاهي انهن تي ايٿرو مائيسين، ڪلورو ڪوئين ۽ روايتي طريقي سان علاج ڪيو ويندو:ڊاڪٽر عمر فاروق *
  • *ڪورونا وائرس بابت ٽوئيٽر تي 60 سيڪڙو ڄاڻ غلط شيئر ٿي رهي آهي:رپورٽ*
  • *ميرپورماٿيلو ڀرسان گهر ٻاهران راند ڪندي معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت*
  • *لاڙڪاڻي ماڻ ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو 9 مهينن بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *سکر جي قرنطينه ۾ وڌيڪ 56 مريض صحتياب ٿيا آهن، ٻيهر ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کين گهر موڪليو ويو آهي: صوبائي وزير*
  • *لاڪ ڊائون سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن طرفان احتجاجي مظاهرا*
  • *افغان حڪومت 100 طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو *گهٽ خطري وارن سئو قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي:افغان حڪومت *
  • *سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ 18 ڏينهن به جاري، شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون توڙي پبلڪ ٽرانسورٽ مڪمل طور بند*
  • *پاڪستاني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي نشانو بڻائي هيٺ ڪرايو:آءِ ايس پي آر*
  • *ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو*
  • *خانپور جي ڪچي ۾ جوابدار ڪارنهن تهمت هيٺ پنهنجي زال ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو*

ڀڳت سنگھه هڪ مزاحمتي ڪردار …حفيظ عمراڻي

ڀڳت سنگهه جو جنم 28 سيپٽمبر 1907ع تي لائلپور، پنجاب ۾ ڪشن سنگھه سڌو جي گهر ۾ ٿيو. ڀڳت سنگھه جو تعلق هڪ سياسي گهراڻي سان هو. جنهن سبب کيس ڄمڻ سان ئي حب الوطني جون لوليون ملڻ لڳيون هيون. 13 اپريل 1919ع ۾ جڏهن انگريز سامراج جي رکوالن پاران جليانوالا باغ ۾ هزارين ماڻهن کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو هو. تڏهن ڀڳت جي ڄمار 12 ورهيه مَس هئي. پر ان واقعي ننڍڙي ڀڳت جي ڪچڙي ذهن ۾ اڌما مچائي ڇڏيا. انگريز سامراج سان نفرت ته اڳئي ننڍڙي ڀڳت جي سوچن ۾ گردش پئي ڪندي هئي پر جڏهن ڀڳت هزارين ديس واسين جا لاش تڙپندي ڏٺا ته سندس ذهن ۾ بغاوت جي هڪڙي نئين لهر جنم ورتو… جنهن کي شروعاتي عملي جامو باپو (موهنداس ڪرمچند گانڌي) پاران 20 نومبر 1920ع جي ڪيل ڪانگريس جي سيشن ۾ انگريز سامراج خلاف ٽوٽل نان ڪوآپريشن موومنٽ جي اعلان جي صورت ۾ مليو. گانڌيءَ جي اهڙي اعلان سموري هندوستان ۾ باھه ٻاري ڇڏي. گانڌيءَ جي چاهيندڙن ۾ تيرهن سالن جو جوشيلو نوجوان (ڀڳت سنگھه) هر ڳالھه ۾ اڳڀرو پئي رهيو. پر ملڪ جي بگڙجندڙ حالتن کي ڏسندي جلد ئي گانڌيءَ پنهنجو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو. جنهن ڀڳت سنگھه کي دلي طور ڏاڍو ڏک رسايو .
ڀڳت سنگھه جو خيال هو ته” اسان جو مقصد فقط انگريز سامراج کان وطن کي آزاد ڪرائڻ نه آهي. ڇاڪاڻ ته آزاد ٿيڻ کان پوءِ جاگيردارن جي غلام بڻجڻ سان عام ماڻهو جي زندگيءَ تي ڪو به فرق نه پوندو.ڇاڪاڻ ته هندوستان مختلف ذاتين ۽ مختلف مذهبن سان وابستگي رکندڙ ماڻهن جو گڏيل ديس آهي. اسان کي اهڙو وطن اڏڻو آهي جنهن ۾ مذهبي انتهاپسندي جو ڪو به وجود نه هجي. جتي طبقاتي فرق ڪا به حيثيت نه رکندو هجي. جتي جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام جو مڪمل خاتمو ٿئي.“ تنهن لاءِ ئي ڀڳت سنگھه پنهنجي تنظيم جو نالو هندوستان ريپبلڪن ائيسوسيئيشن مان تبديل ڪري ‘هندوستان سوشلسٽ ريپبلڪن ايسوسيئيشن رکيو. سائمن ڪميشن جڏهن لاهور پهتي ته سياسي اڳواڻن (جنهن ۾ ڀڳت سنگھه ۽ سندس ساٿي پڻ شامل هئا) پاران سخت مخالفت ڪئي وئي. 17 نومبر 1928ع ۾ لاهور اسٽيشن اڳيان سائمن ڪميشن جي خلاف احتجاج ڪندڙن تي پوليس لٺ بازي ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ سياسي اڳواڻ لالا لجپت راءِ انگريز سامراج هٿان بيدردي سان مارجي ويو. جنهن واقعي ڀڳت سنگھه ۽ سندس ساٿين کي ڏاڍو ڏک رسايو ۽ انهن فيصلو ڪيو ته ظالم سامراج کي جواب ڏيڻ جو هڪ ئي ذريعو لالا لجپت راءِ جي بيڏوهه خون جو پَلو ڪرڻ ئي آهي. انهن احتجاج تي لٺ بازي ڪندڙ سامراجي چوڪيدارن جي اڳواڻي ڪندڙ پوليس آفيسر جئمس اي اسڪاٽ کي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو. جڏهن ته ڀڳت سنگھه انساني رت وهائڻ ناپسند ڪندو هيو، پر انگريز سامراج جي جبر ۽ ڏاڍ سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ اهڙو عمل ڪرڻ اڻٽر بڻجي چڪو هو.
17 ڊسمبر 1928ع (ٺيڪ هڪ مهينو پوءِ) پوليس هيڊ ڪواٽر جي ٻاهران پوليس آفيسر کي قتل ڪيو ويو. پر غلطي سان مرندڙ آفيسر جئمس اسڪاٽ نه پر جون پي سانڊرس هو. ان سان گڏوگڏ هڪ پوليس حوالدار پڻ رستا روڪ ڪرڻ تي ڀڳت سنگھه جي ساٿي چندر شيکر آزاد جي هٿان ماريو ويو. انقلابي نوجوان جي اهڙي عمل انگريز سامراج جي تخت کي لوڏي ڇڏيو. هندوستان جي سمورين سياسي تنظيمن جي اڳواڻن ڀڳت سنگھه ۽ سندس ساٿين جي مخالفت ۾ بيان ڏنا ۽ سخت رويو اختيار ڪندي مخالفت ڪئي. ڀڳت سنگھه ۽ سندن ساٿين وٽ هندوستان جي عوام تائين پنهنجي مقصد جي رسائي جو ڪو به ذريعو نه هو ، سواءِ اخبار ۽ ريڊيو جي ذريعي کان، تنهن لاءِ انهن طئي ڪيو ته ڪو اهڙو عمل ڪجي، جنهن سان ميڊيا جو ڌيان سندن طرف ڇڪجي. انهي ڏس ۾ ڀڳت سنگھه ۽ سندس ساٿين مرڪزي اسيمبلي ۾ بم ڦاڙڻ جو منصوبو جوڙيو. جڏهن ته ڀڳت هرگز انساني رت وهائڻ جو قائل نه هو، تنهن لاءِ انهن بم ۾ ڪنهن به قسم جو بارود استعمال نه ڪرڻ جو عهد ڪيو. ۽ انهن جو مقصد به فقط ميڊيا جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرائڻ ئي هو. جنهن سان هو پنهنجي جدوجهد جو مقصد آساني سان هندوستاني عوام تائين پهچائي ٿي سگهيا.
نيٺ 8 اپريل 1929ع تي مرڪزي اسيمبلي جي هلندڙ اجلاس ۾ ڀڳت سنگھه ۽ هڪ ٻئي ساٿي بٽو ڪيشور دَت پاران ماڻهن کان پاسيرو هڪ خالي جڳھه تي ڌماڪو ڪري انقلاب زنده آباد! انقلاب زنده آباد! جون صدائون بلند ڪيون . ڀڳت سنگھه جو خيال هو ته” جيسين اسين انگريز سامراج سان سڌو سامهان بيھي نه ڳالهائينداسين، تيسين اسان جو عام ماڻهن جي ذهنن ۾ گَهر ڪرڻ مشڪل آهي. تنهن ڪري ٻنهي ڪامريڊن وڏي شانائتي انداز ۾ انقلابي نعرن جي گونج ۾ انگريز سامراج کي گرفتاري ڏني. ٻنهي ساٿين کي لاهور سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو. جتي جيل اندر هندوستاني قيدين ۽ انگريز قيدين لاءِ ٻٽو نظام ڏسي. ڀڳت سنگھه بک هڙتال تي ويهي رهيو. سندس مطالبو هو ته” جيڪو کاڌو انگريز قيدين کي ڏنو وڃي ٿو، اهو ئي کاڌو هندوستاني قيدين کي پڻ ڏنو وڃي، ان سان گڏوگڏ قيدين کي صاف ڪپڙا، ڪتاب، قلم، ڪاغذ ۽ روزاني اخبارون مهيا ڪيون وڃن“.نيٺ 13 سيپٽمبر 1929ع ڌاري انگريز سامراج ڀڳت سنگھه ۽ سندس ساٿين جي جذبن اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا ۽ 63 ڏينهن جي لڳاتار هڙتال کان پوءِ سياسي قيدين جا سمورا مطالبا مڃيا ويا.
آخرڪار اهو ڏينهن به اچي ويو. جنهن ڏينهن وطن تان قربان ٿيڻ جي خوابن جي نيٺ ساڀيا ٿي وئي. ڪورٽ آف اسپيشل مئجسٽريٽ ڀڳت سنگھ، راج گُرو ۽ سُکديو کي موت جي سزا ۽ ٻين سمورن ڪامريڊن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. 23مارچ 1931ع جو شام 7 لڳي 33 منٽن تي ڪامريڊ ڀڳت سنگھه، ڪامريڊ راج گُرو ۽ ڪامريڊ سکديو انقلاب زنده آباد! انقلاب زنده آباد! جي آخري صدائن ۾ پنهنجو پاڻ کي وطن تان قربان ڪري ڇڏيو. پر جڏهن ته انگريز سامراج سندن حوصلن کان ڇرڪيل هيو. ۽ انهن هرگز نه پئي چاهيو ته ڀڳت سنگھ ۽ سندس ساٿين جا لاش هندوستاني عوام ڏسي، تنهن لاءِ انگريز سامراج جي چوڪيدارن سندن بي جان جسمن جا به ڪهاڙين سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري فيروز پور لڳ ستلج درياھه منجھه اڇلائي ڇڏيا.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *