تازا ترين
  • *وزير اعظم جي درخواست تي وفاق جي نمائندگي جو فيصلو ڪيو: فروغ نسيم *جسٽس فائز عيسيٰ ريفرنس ڪيس ۾ وفاق جي نمائندگي ڪندس: فروغ نسيم *بطور وزير قانون مون عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي: فروغ نسيم *منهنجي دل ۾ عدليا جي لاءِ عزت ۽ قانون جي پاسداري آهي: فروغ نسيم*
  • *ڀرياسٽي ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن 8 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *ٽن عورتن سميت 8 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *دادو ۾ نوجوان ناري جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڊاڪٽر رشيد قريشي جي پنجن گهرڀاتين سميت 16 ڄڻن جي رپورٽ نيگيٽو اچي وئي *
  • * وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات *ملاقات دوران صحت واري وزير عذرا پيچوهو، پرنسپال سيڪريٽري ۽ ٻيا به شريڪ *اسان وٽ ڪورونا جي حوالي سان روزانو 6600 ٽيسٽ ڪرڻ جي گنجائش آهي: وڏو وزير *شهري ٽيسٽ ڪرائڻ ۾ ايترو سهڪار نه ڪري رهيا آهن، جيترو ڪرڻ گهرجي: مراد علي شاهه *
  • ڪوٽڙي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻي کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن جو انگ 24 ٿي ويو *22مان هڪ ڄڻي جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي * ڪورونا متاثر کي گهر ۾ ئي آئيسولٽ ڪيو ويندو: ڊي ايڇ او *
  • *قاضي احمد ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *مختلف سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي وئي *
  • *سنجهورو: ڪشمير بارڊر تي دل جي دوري سبب فوت ٿيل فوجي جوان جو مڙهه ڳوٺ پهچايو ويو *فوجي جوان ڪاشف جٽ جو مڙھ مظفر آباد کان سندس اباڻي ڳوٺ 23 چڪ پهچايو ويو *
  • *سانگهڙ ۾ ڪورونا متاثر فوڪل پرسن جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڪورونا متاثر ڊاڪٽر شبير چنا جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *ڪنڊيارو شهر جي محبت ديرو ناڪي وٽ پئٽرول ڀرائڻ دوران چنگچي کي باهه لڳي وئي *مالڪ ٽپو ڏئي پاڻ کي بچايو، شهرين پهچي باهه وسائي ورتي، چنگچي سڙي وئي*
  • *ڊکڻ ويجهو پوليس جي ٽن مقتولن جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳوٺن تي چڙهائي، 2 گهر ۽ اوطاق ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ: مسمات بشرا خاصخيلي کي تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ وارو معاملو *عمرڪوٽ: پوليس گذريل ڏينهن 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ اڄ ميڊيڪل لاءِ اسپتال آندو *جوابدارن عرس کاڙت، قيوم کاڙت ۽ ربنواز کوسي جو ڊي اين اي ڪرايو ويو: پوليس *عورت ٿاڻي تي پهچي جوابدارن تي تشدد ۽ زيادتي ڪرڻ جو الزام هنيو هو: پوليس *
  • * اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ راجا پرويز اشرف جي نيب ريفرنس ۾ بريت واري درخواست *رينٽل پاور ڪرپشن ڪيس جي فيصلي جي لاءِ 25 جون جي تاريخ مقرر *
  • *لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل 70 ورهين جو مريض فوت *لاڙڪاڻو : گذريل ٽن ڏينهن کان سيد گلزار شاھ آءِ سي يو وارڊ ۾ وينٽيليٽر تي هو*
  • *سکر: سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ *ميرپور ماٿيلو ۾ وڪيل گل فيروز ڪلوڙ کي گرفتار ڪرڻ خلاف وڪيل برادري طرفان مظاهرا *
  • *ڪراچي جهاز سانحو: سڙي زخمي ٿيل نينگري سول اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت، 84 لاش سڃاڻپ بعد وارثن حوالي*

ڀٽائي جي سر سامونڊي ۾ وڻجاريءِ جو درد……..عزيز ڪنگراڻي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جي هر سر ۾ خيالن جي اڏام جو سرچشمو سندس مشاهدو ۽ مطالعو آهي. ڀٽائي فطرت ۽ قدرت جا لقاءُ گهرائي سان پُرجهيا. درياهه جي دهشتن ۽ سمنڊ جي اونهاين کان وٺي، ڍنڍن، ڍورن، تراين، جبلن، ماڻهن، ماحول، سماج، سماجي قدرن، ريتن رسمن، موسمن، ڌنڌن ۽ ٻين انيڪ شين جو باريڪ بيني سان مشاهدو ڪيو. ڀٽائي هر سماجي پهلو کي گهرائي سان پرکيو ۽ پروڙيو. سندس اظهار ۾ شين بابت مشاهدو ايڏو ته وسيع آهي جنهن جو ڪو آند نه پاند! مثال طور، ڀٽائي لوهار ۽ لوهارڪي ڪرت جو مشاهدو پنهنجي شاعري ۾ ايئن پيش ڪري ٿو، ڄڻ خود اها ڪرت ڪري چڪو هجي. ايئن هر موضوع بابت سندس مشاهدو سانوڻ ۾ مهراڻ جيان موجزن آهي. انهي ڳوڙهي مشاهدي يا پرک ۽ پروڙ جي آڌار تي هن عظيم شاعر نه صرف سنڌي سماج جي نقش نگاري ڪئي، پر ترجماني به ڪئي، ته ان ۾ آفاقي ۽ عالمگير سوچ پڻ سمائي. ڀٽائي انهي اڻ مئي مشاهداتي سگهه سان اظهار وسيلي هر دور ۾ سنڌي سماج ۾ ساهه کڻندڙ ماڻهن جي احساسن جو عڪاس بڻجي ويو.
ڀٽائي جي مشاهدي جي ڳوڙهائپ جو ساگر سندس شاعري ۾ رائج ڪهاڻين ۽ انهن جي ڪردارن جي روپ ۾ به ڇوليون هڻندي نظر ايندو. اهي ڪردار يا ته غريب، ستايل، جاکوڙي يا عام ماڻهو آهن يا وري اهڙا ڪردار ڳاتائين جيڪي عام ماڻهوءَ جا حامي، ڀرجهلا يا آدرشي رهيا ۽ عوام ۾ مثبت پهلو جي حوالي سان مقبول رهيا. ڀٽائي انهن ڪردارن ۽ ڪهاڻين کي ڳاتو يا اهميت ڏني، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن ريت عام عوام سان سلهاڙيل رهيا. ڀٽائي انهن ڪهاڻين يا ڪردارن جي ڪردار نگاري جي نسبت سان سنڌي سماج ۽ انسان ذات جي ترجماني ڪئي جيڪي سنڌ سان لاڳاپيل هئا. انهن ڪردارن ۾ سر سامونڊي جي وڻجارِي جو به ڪردار چئي سگهجي ٿو جنهن جي درد ۽ ڀوڳنا کي ڀٽائي پنهنجي شعر جو موضوع بڻائي ان کي لازوال ڪردار بڻائي ڇڏيو. وڻجارِيءَ جو درد ايئن پيش ڪيو اٿائين ڄڻ ڀٽائي جو پنهنجو درد هجي ۽ اهو ڄڻ سنڌي سماج جو سور هجي. ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ هر ان وڻجاريءَ جو درد هجي جنهن جو وڻجارو محبوب (ور) وڻجاريءَ (زال) کي وڇوڙي جي آڳ ۾ اڇلي روزيءَ سانگي سمنڊ جون لهرون لتاڙي سمنڊ پار ويل هجي. اڄ به سندس اظهار سڄر ۽ تازو محسوس ٿئي ٿو.
سر سامونڊي ۾ وڻجاريءَ جي ويڳ ۽ ويراڳ جي نسبت سان ڀٽائي تڏهوڪي زماني ۾ دنيا سان سنڌ جي واپار ۽ موسمن جو بيان پڻ ڪيو آهي. ڀٽائي مهراڻ يا سنڌ جي موتين جي دنيا سان عروج تي ٿيندڙ واپار جو ذڪر ڪندي سنڌ جي پرڏيهه سان واپاري لاڳاپن جا چٽ پڻ چٽيا آهن. سنڌ جي پرڏيهه سان واپار جي ڳالهه ڪندي سر سامونڊي ۾ ڀٽائي لنڪا (سريلنڪا) سان سنڌ جي واپاري لاڳاپن جو خاص ذڪر ڪيو آهي.
لنڪا لنڪا ڪن، لئه لنڪا جي اوهريا
يا
سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آئيا

سر سامونڊي ۾ ڀٽائي وڻجاريءَ جي ڏکويل احساسن جي ترجماني وقت سنڌ جي وڻج واپار ۽ ان لاءِ پرڏيهه ويندڙ وڻجارن، ٻيڙن، غورابن، سڙھن وغيره جو ذڪر به ڪيو آهي. سر سامونڊي ۾ سمنڊ وسيلي سنڌ جي واپار ۽ واپار لاءِ ويندڙ وڻجارن جي نسبت سان وڻجارڪي ڪرت ۽ ان ۾ سندن مصروفيتن ۽ سندن زندگي کي پيش ايندڙ خطرن ۽ تڪليفن کي به اجاگر ڪيو آهي. وڻجارا واپس پهچندا مس هئا ته وري سفر جو سعيو ڪندا هئا. روڪڻ سان به نه رڪجندا هئا. ويندا هئا ته ورڻ ۾ وقت لڳائيندا هئا. ان ڪري سندن گهر واريون يا وڻجاريون کين روڪينديون هيون پر اهي نه رڪندا هئا ته وڻجاريون سندن ماءُ کي کين پلڻ يا روڪڻ جون دانهون ڏينديون هيون. ڇو ته وڻجارا ويندا هئا ته ورڻ ۾ ڏينهن لائيندا هئا ۽ وڻجاريون الڪن جي ڄار ۾ ڦٿڪنديون هيون. جيستائين واءُ سڻائو نه لڳندو هو، تيستائين سندن ٻيڙا اچڻ لاءِ روانا نه ٿيندا هئا. خاص طور واپسي ۾ مهينن جا مهينا لڳي ويندا هئا. ڇو ته جنهن طرف کين وڃڻو هوندو هو انهيءَ طرف واءُ گهلندو هو ته سفر تي اسهندا هئا. سنڌي ٻوليءَ ۾ واءُ سڻائو ورڻ وارو محاورو به ان پسمنظر ۾ رائج ٿيل آهي. وڻجارا دير ڪندا هئا ته سندن زندگي خطري ۾ هجڻ جو احساس اڀرندو هو. وڻجاريون تڙ پوڄينديون هيون. مطلب سندن وهون معنيٰ زالون باسون باسينديون يا دعائون گهرنديون هيون، ته شال سندن ور خيريت ۽ سلامتي سان واپس موٽن. جن جا ور موٽندا هئا سي خوش ٿينديون هيون ۽ جن جا نه موٽندا هئا سي سيڪارا يا شوڪارا ڀرينديون هيون. ڀٽائي انهيءَ صورتحال کي وڻجارِيءَ جي واتان چورائي ٿو:
وڻجاري جي ماءُ، وڻجارو نه پلئين
***
اڃا آئين ڪالهه، پڻ ٿو سفر سنبهين!
***
سامونڊين سائين، واءُ سڻائو وارئين.
***
اڀيون تڙ پوڄين، وڻجارن جون وَهُون
***
سي ئي ٿيون مرڪن، جنين سندا آئيا
***
اڀرن سيڪارا، پسيو ور ٻين جا

ڀٽائي موسمن جي مشاهدي کي به سر سامونڊي ۾ ڀرپور نموني پيش ڪيو آهي. گربخشاڻي موجب “سامونڊي يا وڻجارا واهوندي يعني بسنت بهار جي موسم ۾ ورندا هئا ۽ اتر لڳندو هو ته وڻج سانگي سفر تي اسهندا هئا”. ان مان لڳي ٿو ته وڻجارا سڄو سيارو نه ايندا هئا ۽ اوسيئڙي ۽ اڪير ۾ وڻجارن جون ونيون ٿڌا ساهه ڀري سڄڻن کي سارينديون هيون. وڻجارين جو سڄو سيارو ور لاءِ واجھائيندي گذرندو هو. بهر حال، موسمن جي نسبت سان وڻجارن لاءِ وڻجارين جي ڪيفيتن جي عڪاسي ۾ ڀٽائي ڪمال کي ڇهيو آهي. خاص طور سياري جي موسم ۾ وڻجارين جي هيڪلائي ۽ ور بنا سياري جي مند گھارڻ ويل سندن جذبن کي ڳائي ڀٽائي هر دور ۾ هر دل جو ترجمان بڻجي ويو.

لڳي اتر آهريا، واهوندي ورن
***
لڳي اتر هير، سامونڊين سڙهه سنباهيا
***
سر نسريا پاند، اتر لڳا آءُ پرين
***
ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنباهيا

هتي واضح ڪرڻ ضروري آهي ته ڀٽائي موسمن جي لحاظ کان ٻين موسمن جو ذڪر ان ڪري نه ڪيو آهي جو وڻجارا سياري ۾ ويندا هئا ۽ چوماسي هوائن کان اڳ واھوندن ۾ ورندا هئا. سندن سفر 2 موسمن سان منسلڪ هو، تڏهن سر سامونڊي ۾ 2 موسمن جو ئي بيان شامل آهي ته وڻجارا سياري اسهندا هئا ۽ واهوندي ۾ ورندا هئا. تنهنڪري هن سر ۾ ڀٽائي صرف سياري ۽ بهار جو ذڪر ڪيو آهي ۽ وڻجارن جي ڪرت ۽ انهي ڪرت ۾ لڳندڙ وقت جي حوالي سان ڀٽائي پاڻ وڻجاريءَ بڻجي ويل لڳي ٿو. سر سامونڊي ۾ وڻجاري جي جذبن جي اپٽار مختلف پهلوئن کان شامل آهي. ڪٿي ور سان مخاطب آهي. ڪٿي وڻجاري جي ماءُ سان هم ڪلام آهي، ته ڪٿي وڻجاري ڪانڌ سان هم ڪلام آهي. ڪٿي ايلاز ۽ منٿ ڪندي معلوم ٿيندي، ته ڪٿي گهر واري کي ڏوراپا ڏئي ٿي ته شل اهو واپار وارو ڌنڌو تون ڇڏين يا توکان وسري وڃي يا جي خبر هجي ها ته وڻجارو آهين ۽ سدائين پرڏيهه رهندڙ آهين ته توسان شادي ئي نه ڪريان ها:

وڃئي وسري شال، جو تون سودو سکيو
***
جي تون وڻجارو ڪانڌ، ته مون هڏ مَ لائون لڌيون

سر سامونڊي ۾ ڀٽائي وڻجاريءَ جو سمورو درد هڪ بيت ۾ سمائي ڇڏيو آهي. جڏھن سياري ۾ به وڻجاريءَ جو جوڀن انتظار جي گرميءَ ۾ برف جيان رجي ٿو، ته تڙپڻ لڳي ٿي. جوڀن کي اڪيلائي جي آڳ ۾ پڄرندي محسوس ڪري ٿي ۽ اڪنڊ اڪير جو ڪلوڙو ڪلين ۾ پويس ٿو ته پنهنجي ماءُ سان ڏوراپي جي انداز ۾ مخاطب ٿئي ٿي:

سي ئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا
رئان رهڻ نه سپرين، آيل ڪريان ڪيئنءَ،
مونکي چاڙهي چيءَ، ويو وڻجارو اوهري

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *