تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

ڀٽائي اڻ پڙھيل نه پر وڏو عالم ۽ ڄاڻو ھو……سينگار گبول

“شاهه لطيف امي (اڻ پڙھيل) ھو. ھن رڳو “الف” اکر پڙهيو ۽ “ب” کان بس ڪري ڇڏيائين” اھڙيون ڳالهيون عام ڪيون وينديون آهن، پر اهي ڳالهيون ڪرڻ وقت عقل کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان وٽ جڏهن ڳالهيون عقيدن ۽ عقيدت جي صورت اختيار ڪري وٺنديون آھن، ته پوءِ عقل جو استعمال ممنوع بڻجي ويندو آھي. آئون ان ڳالهه کان بنهه انڪاري آھيان ته لطيف ڪو امي (اڻ پڙھيل) ھو. وٽس رڳو لدني علم ئي ھو ۽ ٻئي ظاهري علم کان بنهه وانجھيل ھو.
لطيف سائين سفر ۽ حضر ۾ پاڻ سان گڏ هميشه قرآن پاڪ، شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو ڪلام ۽ مثنوي مولانا روم کڻندو ھو. ھڪ اڻ پڙھيل شخص اھي ٽيئي اھم ڪتاب پاڻ سان ڪيئن ۽ ڇو ٿو کڻي سگهي؟ لطيف انھن ماڻھن مان ته هو ئي ڪونه، جيڪو اھي ٽيئي عظيم ڪتاب ڏيکاءَ طور کڻي. ھو جڏھن انهن ٽنھي عظيم ڪتابن ۾ موجود فلسفي، فڪر ۽ مواد کي سمجهندو ھو، تڏهن ئي ته انھن کي هميشه پاڻ سان گڏ کڻندو ھو. ڀٽائي نه رڳو سنڌي ۽ عربي جو ڄاڻو ۽ عالم ھو، پر ھن کي پارسي، ھندي، پنجابي ۽ ٻين مشرقي زبانن تي به ساڳيو عبور ھو.
جيڪڏهن لطيف پارسي نه سمجهي ھا ته مثنوي مولانا روم ساڻ نه کڻي ھا ۽ ان ۾ بيان ٿيل ڪيترن ئي قصن ۽ واقعن جو مثال پنهنجي شاعري ۾ نه ڏئي ھا! لطيف صرف رومي جو مطالعو نه ڪيو پر ھن ٻين فارسي شاعرن کي به پڙھيو. شاهه عنايت شهيد کي مغل نواب خان اعظم جي درٻار ۾ جڏھن دوکي سان سر ڪٽڻ کان اڳ هن فارسي شعر “سر در يار فدا شد چه بجا شد” چيو هو، جنهن جو ترجمو آهي “سر يار جي قدمن تان قربان ٿيو ته ڀلو ٿيو، اھو تمام ڳرو بار ھو، ادا ٿيو ته ڀلو ٿيو.
ساڳي طرح لطيف سرڪار سر سھڻي ۾ فرمائي ٿو ته:
گهڙي گهڙو هٿ ڪري، ٻهون نهاري ٻنگ ،
سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد، وصل اهو ئي ونگ،
اين بار گران بود ، ادا شد چه بجا شد، آجو ٿيو سڀ انگ،
رات جني جو رنگ، آران سي اڪاريين،
معنيٰ: “سھڻي درياهه جو پيچ معلوم ڪري گھڙوکڻي اندر گهڙي پئي. “دوست جي قدمن تان سر قربان ٿئي ته ڀلي ٿئي. اھا ئي وصل (ميلاپ) ماڻڻ جي رمز آهي. اي ڌڻي جن جي موج جي مھل رات آهي، سي شل پار اڪارئين.
اڳتي هلي اھڙا ٻيا مثال پيش ڪندس جن کي پڙهڻ سان پڙھندڙ محسوس ڪندو ته لطيف اڻ پڙهيل نه پر ھڪ وڏو عالم ۽ ڄاڻو هو. عالمن ۽ اديبن جي شاهه صاحب جي عملي لياقت بابت اهڙي رويي جو مکيه ڪارڻ “تحفته الڪرام” (1767ع) ۾ آيل امي (اڻ پڙھيل) لفظ آهي جو مير علي شير قانع شاهه سان ڳنڍيو هو. پر آئون حيران آهيان ته تحقيق ڪندڙ اسان جي عالمن جي نظر ساڳئي مورخ جي مٿي ڄاڻايل ڪتاب کان 8 ورهيه اڳ لکيل سنڌ جي پارسي شاعرن واري تذڪري “مقالات الشعراءِ” (1759) تي ڇو نه پئي؟ جنهن ۾ موضوع (ع) اکرن وارن شاعرن ۾ شاهه لطيف ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙي کي پارسي شاعرن ۾ شامل ڪري لقب ۽ تخلص تارڪ ڄاڻايو آھي؟ “قانع” دليل طور جي پارسي شعر جو نمونو ڏيڻ کان قاصر رھيو آهي، اھو البته ڌار سوال آھي. پر ھن جي لکڻ مان واضح آهي ته شاهه لطيف نه فقط پڙھيل ھو. پر پارسي ٻولي تي خاصو عبور هئس. دليل ھيٺ پيش ڪريان ٿو. اسان مان شايد ڪيترن دوستن مخدوم محمد معين ٺٽوي جي “رساله اويسيه” جو مطالعو ڪيو ھجي، جنهن ۾ شاهه لطيف جي پارسي ۾ پڇيل سوالن جا جواب تفصيل سان ڏنا آھن. اهي ترجما نياز ھمايوني 2005ع ۾ شاهه عبداللطيف مرڪز ڀٽ شاهه (ثقافت سياحت کاتو حڪومت سنڌ) ڇپائي چڪا آهن.
شاهه صاحب مخدوم کان 4 سوال پڇيا. ھتي آئون ھڪڙو سوال لکندس، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن چارئي سوال لکيا ته گهڻي ڊيگهه ٿي ويندي. (سوال1= چه فرمانيد علماء اڪرام اجع انام اندر آنچه لفظ. “اويسي” در قلام طاعف صوفيه رضوان الله تعالى عليھم اجمعين واقع شدھ يا نه؟ وبر تقدير شدھ با شد چه معنيٰ دارد؟) معنيٰ= ان باري ۾ عالم ڇا ٿا فرمائين ته لفظ “اويسي” صوفين سونھارن جي طاعف ۾ آيل آهي يا نه؟ جي آيل آهي ته ھڪڙو شخص “اويسي” آھي ته ان لاءِ ظاهري پير مرشد وٽان فيض جي حصول جي زمري ۾ ته نٿو اچي؟ يعني اھا ڳالهه ڌرين جي مڃتا کان ٻاهر ليکي ويندي آھي ڇا؟”
مخدوم صاحب جو “رساله اويسيه” شاهه صاحب جي فارسي جي عالم هئڻ جو وڏي ۾ وڏو ثبوت آهي.
(حوالا: شاهه جو رسالو. ڪنول پاڙون پاتال ۾. رساله اويسيه. شاهه لطيف جا سرچشما. شاهه جو چونڊ شعر)

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *