تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

ڀنگ ۽ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيندڙن جو انوکو داستان ……..آزاد انور مهر

شڪارپور، ڪنڌڪوٽ-ڪشمور، گهوٽڪي، خيرپور توڙي سکر جي ڪچي وارا علائقا ڌاڙيلن لاءِ هميشه جنت مثال رهيا آهن، اهي علائقا ڀُنگ لاءِ اغوا جي وارداتن جو به مرڪز آهن. گذريل 6 مهينن دوران گڏ ڪيل انگن اکرن مطابق اغوائن جا 106 واقعا رپورٽ ٿيا، حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته انهن اغوائن ۾ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيندڙن جو انگ بنهه گهڻو آهي. خاص ڪري اتر سنڌ جي شڪارپور، سکر، خيرپور، گهوٽڪي، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ نوشهروفيروز ضلعن سميت ٻين ڪيترن ئي شهرن مان 49 ماڻهو عورتاڻي آواز تي هرکجي ڌاڙيلن وٽ قيد بڻيا، جڏهن ته پوليس جي دعويٰ مطابق 29 مغوين کي شڪارپور ۽ ڪشمور پوليس اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.
سنڌ ۾ ماڻهن کي عورتاڻي آواز تي هرکائڻ بعد پيار جي ڪوڙي ڄار ۾ ڦاسائي اغوا ڪرڻ جي ڪهاڻي ايتري ئي پراڻي آهي، جيتري سنڌ ۾ موبائل فون. اغوا جي پهرين واردات 09-2008ع ۾ گهوٽڪي ضلعي ۾ شروع ٿي ۽ پوءِ اهو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو اڃان تائين هلندو اچي. انهن 10-11 سالن جي عرصي ۾ ڪيترائي ماڻهو عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيا، جن مان اڪثر ڳجهه ڳوهه ۾ ڀنگ ڀري يا ڊيل ذريعي بازياب ٿيا. هن وقت به مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ 21 ماڻهو اڃان ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن، جن ۾ چڪ، ٺل، خيرپور، گهوٽڪي، جروار، جيڪب آباد، ڪچي پل، ٽنڊومستي جا 2-2، جڏهن ته ٺٽو، حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ ڪشمور جو هڪ-هڪ مغوي شامل آهي. هاڻ ته اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين موبائيل فون تي ماڻهن سان عورتاڻي آواز ۾ ڳالهائي، کين پيار جي ڪوڙي ڄار ۾ ڦاسائي اغوا ڪرڻ کي پنهنجو پيشو بڻائي ڇڏيو آهي.
هي هڪ اهڙو “سافٽ ڪرائيم” آهي، جيڪو وڏين ڪوششن باوجود رڪجي نه سگهيو آهي. اڪثر ڪري اهڙن واقعن ۾ پوليس ڪارروائي کان به لاچاري ڏيکاري ڇڏي ٿي. جيئن ته انهن علائقن ۾ پوليس ڪمزور ۽ ڌاڙيل زور رهيا آهن، ان ڪري پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ قانوني ڪارروائي ڪرڻ بدران غيرسرڪاري انداز اختيار ڪندي مغوين کي بازياب ڪرائيندي رهي آهي، جنهن ۾ ڀنگ کان ويندي چڱن مڙسن ۽ بااثرن جي مداخلت شامل آهن.
شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعن جا ڪچي وارا علائقا موبائل فون تي عورتاڻي آواز ۾ ڳالهائي ماڻهن کي اغوا ڪندڙ ڏوهارين جو ڳڙهه بڻيل آهن. “پنهنجي اخبار” پاران گڏ ڪيل معلومات عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيندڙن ۾ زندگيءَ جي هر شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو شامل آهن، فوج ۽ پوليس جا جوان ۽ وڪيل به ڌاڙيلن جي ان ڄار ۾ ڦاسڻ کان بچي نه سگهيا آهن. 16 سالن جي بيروزگار نوجوان کان ويندي 50 سالن جي هاري ۽ آفيسر تائين، هر قسم ۽ هر عمر جا ماڻهو محبوبائن جي پيار ڀرين ڳالهين ۾ ڦاسي ملاقات لاءِ سندن ڏسيل پتي تي پهچڻ بعد اغوا ٿي وڃن ٿا.
اغوا واقعن جا تفصيل:

اپريل ۾ اغوائن جا ڪل 10 ڪيس سامهون آيا، جن مان 4 ماڻهو عورتاڻي آواز تي هرکجي ڌاڙيلن تائين پهتا. مئي مهيني ۾ مجموعي طور اغوائن جا 19 واقعا پيش آيا، جن ۾ 10 عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل هئا. جُون ۾ 18 واقعا ٿيا، جن ۾ 6 عورتاڻي آواز جا واقعا هئا. جولاءِ مهيني ۾ اغوائن جو انگ 12 رهيو، جن ۾ 4 عورتاڻي آواز وارا ڪيس هئا، جڏهن ته آگسٽ مهيني ۾ سڀ کان وڌيڪ يعني ڪل 27 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن ۾ 8 ڄڻا عورتاڻي آواز
تي هرکجي ڌاڙيلن وٽ قيدي بڻيا. سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهيني ۾ گڏيل طور 14 اغوا ڪيس رپورٽ ٿيا، جن ۾ 4 عورتاڻي آواز تي هرکجي آيا. جڏهن ته هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ڪريم بخش کوسو جا 3 ماڻهو اغوا ٿيا، جن مان هڪ ڀڄي نڪتو، ٻه اڃا نڌاڙيلن وٽ قيد آهن. ڏٺو وڃي ته اغوائن جو حقيقي انگ اڃان به مٿي آهي، ڪافي واقعا ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيڻ کان رهجي وڃن ٿا.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *