تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ڀرمل … زاهد علي ڀٽو

هڪ ڳوٺ ۾ ڀرمل نالي اڌڙوٽ همراھ رهندو هو جيڪو جيڪو ڏاڍو حوالي ۽ وڏوٻٽاڪي هو. حوال اهڙا جو مڙس ملڪ جو والي ۽ڪانڀو خان هجي ، اڳئين دور ۾ غريبتان گهڻيون هيون ۽سادگي گهڻي هئي جهيڙا جهٽا نه هجڻ برابر هئا۽ دلين ۾ ڪو مير ڪا بي ايماني ڪون هئي هڪٻئي تي دولت جو توڙي عزت جو اعتبار هوندو هو، ڀرمل ڳالهين جو ڳهيرو ڳوٺ وارن کي حوال ۽ هوائي ٺڪا ٻڌائي پنهنجو رعب داٻ ويهاريندو هو ۽ هرروز ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺاڻي جي ڊٽڪي سان دعوت کائيندو هو ،مرد مڙا ڪو گاھه پٺي تي ڪو ڪاٺين تي وڃي ته پويان بنا چئي ڳوٺ جي گهرن جي سارسنڀار ڀرمل جي ذمي هوندي هئي،
ان وقت هندستان ۽ پاڪستان ۾ 71ع واري جنگ ڇڙي چڪي هئي۽ جنگ جوخوف ڀرمل واري ڳوٺ ۾ به ڳوٺاڻن کي ورائي قابو ڪري ڇڏيو هو، جنگ جي خوف کان ڳوٺ جون عورتون ماني پچائڻ کان به گهٻرائينديون هيون ته ڀرمل انهن جي دل ٻڌائڻ (مضبوط) ڪرڻ لاءِ ڳوٺ جي عورتن کي چوندو هو ”توهان ڪو خوف نه ڪيو گهٻرايو نه ! بک لڳي آ بس توهان ماني پچايو، مان ويٺو آهيان نه ! منهنجي هوندي توهانکي گهٻرائڻ جي ڪا ضرورت ناهي !پر جڏهن جنگي جهاز جو زوزاٽيندڙ آواز ٻڌو ته ڊپ وچان ڀرمل ڊوڙي وڃي کٽ هيٺيان لڪي پيو ۽ عورتن کي رڙ ڪري چيائين ”ٻيڙي ٻڏا اچي پڳا اٿئو .!
هاڻي ڀڄو ۽ پنهنجو ساھ بچايو

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *