تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڀت جي ديڳ! … ليکراج ميگهواڙ

اسان کي هاڻي پنهنجون ٻُوٽيل اکيوُن کولڻيُون پونديُون، جي ائين بند رهيوُن ته هنن وحِشي حالتن جي ور چڙھيل اُھي ماڻھُو اسان جي ايندڙ نسلن جي ذھني توڙي جسماني حالت ناگاساڪي جي ملڪ جهڙي ڪري ڇڏيندا! هر طرف تاڙين جي گونج ٿي وئي جڏھن اسٽيج تي ڪيلاش جوشيلي انداز ۾ اھڙي تقرير ڪئي.ھن پروگرام جي انتظاميه ماڻھن جي ويھڻ واري جڳهھ تي ٻن قسمن جون ڪرسيون رکايون هيون پروگرام جي اسٽيج جي سامهون فوم واريون يعني آرامده ڪرسيون ان کانپوءِ ڪاٺ واريون ڪرسيون هيون ۽ ھال جي پڇاڙيءَ ۾ ميدان پڌرو ڇڏيو ويو هو ، اتي ڀرسان هڪ ڳوٺ جو نوجوان ساگر اسٽيج تي ڪيل تقريرن تي ۽ انتظاميه تي سوچ ويچار ڪري رهيو هو.پروگرام ختم ٿيو ته اتي ماني جو پُڻ بندوبست ٿيل هو.ساگر جو اندر اڌ اڌ ٿي رهيو هو جڏھن هِن محسوس ڪيو ته ”قول ۽ فعل ۾ ايترو تضاد“ سو به اهڙن پروگرامن ۾ جتي فقط اهڙا ڏاها سبيتا انسان جيڪي اسٽيج جو سينگار توڙي ناظرين جي هر زاويه و سوچ ويچارن تي حاوي ٿيل هوندا آھن.
ساگر سوچ ويچارن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو هو، نيٺ ھن اهو ارادو ڪيو ته اهي دانشور اديب ماني کائي وٺن ته جيئن هنن سان ڳالھائي سگهجي.ساگر جڏھن ڏٺو ته جيڪي اسٽيج تي غربت بيروزگاري تعليم جي اڻ هوند تي سنجيده ٿي افسوس سان ڳالهائي رهيا هئا ۽ اِھو پڻ چئي رهيا هئا ته ”رڳو ڳالهائڻ سان اهڙي ترقي جي اميد نه ٿا ڪري سگهون اسان کي عملي طور به اڳتي اچڻو پوندو “، اُھي ماڻھو سمورا شباب ڪباب ائين واپرائي رهيا هئا ڄڻ ته ”مکين ڳڙُ ڏٺو“. جڏھن سڀني ماني کائي بس ڪئي ته ساگر ڪيلاش جي ڀرسان وڃي بيٺو . . .سائين ٺيڪ آھيو؟ ساگر پڇيس. جي ها ، توهان ڇا پيا ڪيو هن وقت؟ڪيلاش پچيس.سائين آئون هن وقت جي ايم سيد جي ڪتابچن جو مطالعو ڪري رهيو آھيان، ڪيلاش نرڙ ۾ گهُنج وجهندي ڪنڌ سان ڌوڻيو ، همممم. . .سائين منهنجو توهان کان سوال آھي؟ ساگر بيچني مان چيس.جي ابا ، حُڪم ڪريو. . . سائين، اوهان جي اڄوڪي گفتگُو مان مونکي ڪافي ڳالهيون سمجهه نه آيون! ؟ ۽ منهنجو هن وقت تائين هئڻ جو سبب ئي اهو آھي جو مونکي ڪي منٽ اوهان سان ڳالهائڻو هو ته ڇا اسان جو سماج جيترو پٺتي پيل آھي ،اِھو فقط چند اهڙن پروگرامن ذريعي پنهنجي مقصد ۾ سوڀارو ڪيئن ٿيندو؟؟ ڪيلاش ٽھڪ ڏيندي وراڻايس ته ”ابا تنهنجو سوال جاندار ضرور آھي پر تنهنجي سوال جو جواب شايد لطيف جي هنن سِٽن ۾ آھي ته ،جت نه پکي پير، تت ٽمڪي باهڙي، ٻيو ٻاريندو ڪير کاهوڙڪيءَ کير ري! ڪيلاش لطيف جو بيت ٻڌائي ڪرسين ڏانهن وڃڻ لڳو.. ڪيلاش ساڻس وِکون کڻندي چوڻ لڳو ته سائين ، منهنجو مقصد ته هن وقت لطيف جي سُر کاھوڙيءَ جي ڪردار وانڱر صداقت هنِ وقت جي کاهوڙين ۾ آھي؟؟ ڪيلاش ڪاوڙ مان وراڻيو ته ڇا اسين اڄ سڀ هتي توکي ….؟ خاموش ٿي ويو. ساگر ٻيهر ڳالھائڻ لڳو ،سائين ناراض ڇو ٿا ٿيو ؟ ڏسو اوهان مونکان مطالعي مشاهدي ۽ عُمر ۾ به ٻه ٽي ڏينهن وڏا آھيو، جيئن توهان شين کي ڏسندو محسوس ڪندو تئين مان شايد نه ڏسي سمجهي نه سگهان! پر مونکي خوشي ٿي جو اوهان جا ويچار ۽ ڳالهيون ٻڌائڻ جو موقعو فراهم ڪيو، ساگر جون اهي ڳالهيون ڄڻ ته ڪيلاش لاءِ سون تي سهاگوڪيلاش ڪنڌ ڌوڻيو هممممم .. ڇوڪرا جيتري تنهنجي ڄمار آھي ايترو آئون اهڙن
پروگرامن ۾ ايز اي مهمان خاص طور شرڪت ڪري چڪو آھيان ،ڪيلاش اڇي ڪاٽن جي وڳي مٿان واسڪوٽي کي سيٽ ڪندي ڀرسان پيل ڪرسي تي ويهي ساگر کي وڌيڪ چوڻ لڳو ته ، اڄ هتي اچڻ لاءِ مونکي ڪافي ڪم ڇڏي اچڻو پيو فقط ان لاءِ جو آفتاب سان قربت ڪجھ اھڙي ئي آھي جو کيس جواب اسان ڪڏھن ڏنو ناهي! توهان منهنجا ڪيترا ڪتاب پڙھيا آھن؟ڪيلاش سگريٽ چپن تي رکندي ساگر کان پڇيس.
ساگر بيوس ٿيندي وراڻايس ته سائين مون اوهان جا ڪالم ضرور پڙھيا آھن، باقي اوهان جا ڪتاب اڃان ناهن پڙھيا آئون مسڪين ماڻھُو آھيان ڪتاب خريد ڪرڻ جي سگهھ مون ۾ ناهي! اوهان جي ڪتابن جي قيمت منهنجي خريد ڪرڻ کان ڪوهين ڏُور آھي..پوءِ ايڏيون دعوائون ڪيئن ٿو ڪرين؟ڪيلاش طنزيه لهجي ۾ پڇيس.. ساگر اتي ئي بيٺو رهيو ۽ وراڻائين ته ”سائين سوال ڪرڻ ڏوھ آھي ته پوءِ آئون توهان سان معافي وٺان ٿو“. ڪيلاش يڪدم چوڻ لڳو نه نه اهڙي ڳالھه ناهي پر ماڻھُو سوال ڪرڻ وقت اهڙي سوچ رکي ته آئون اڳيان ڪهڙي سطح جي ماڻھُو سان سوال ڪري رهيو آھيان ۽ منهنجو اڳين ماڻھو جي علمي ادبي قد ڪاٺ ۾ ڪيترو فرق آھي؟ سائين سائين. . . ڪيلاش جو ڊرائيور سهڪندي آيو.. سائين ، گاڏيون توهان جو انتظار پيون ڪن سائنڻ ساره فرح ۽ ياسمين سڀئي ھلڻ لاءِ گاڏيون پاسي ۾ لڳائي انتظار پيون ڪن ،هڪ ئي ساهي ۾ ڊرائيور ڪيلاش کي ٻڌايو. ٺيڪ آھي توُن هل رڳو آفتاب ٻاهر اچي ڪم آھي ٿورو …ڪيلاش خاموش ڀت بنجي ويو. ٿوري دير جي خاموشي بعد آفتاب آيو ۽ اهي ٻئي گاڏين ڏانهن روانا ٿي ويا.
ساگر سوچڻ لڳو ته”وڏي ٿيڻ لاءِ ڪڏھن ڪڏھن عمر به ننڍڙي لڳي ٿي، ۽ ڪڏھن ڪڏھن ڪي سوال به عمر جي عرصي کان پڇندا آھن ته ڇا اسين اڃان شُعوري طور بالغ ڪانه ٿي سگهيا آھيون!؟“. ساگر ٻي ڏينهن جڏھن اخبار ۾ پڙھيو ته ”ڪالھ ڳوٺ گلڙو خان ۾ تعليم جي اڻ ھوند تي ليڪچر پروگرام رکيو ويو جنھن ۾ علمي ادبي توڙي سياسي سماجي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي دانشور ڪيلاش چيو ته ،اسان جو نوجوان اڄ ڪالھ فيسبڪ سوشل جي نشي ۾ ڌتُ هوندو آھي کين اهو معلوم ناهي ته سڌريل ملڪ تعليم جي ميدان ۾ پاڻ کي مڃرائي چڪا آھن، پر افسوس اسان جو ماڻھو اڃان ذھني غلامي کان آجو ناهي ٿيو ، اميد ٿي ڪجي ته اسان جو نوجوان اڳتي ايندو ۽ اسان کيس معاشي طور تي هر حوالي کان سهڪار لاءِ اسان جا در کُليلُ هوندا“… جڏھن ساگر اخبار ۾ اهڙي خبر پڙھي ته هي ويتر مايوس ٿيو ۽ سوچڻ لڳو ته ” ڪڏھن ڪڏھن اهڙن ماڻھن کي ڏنل احترام به انا پرستي جي طوفان جي شدت کي وڌائڻ ۾ قول ۽ فعل ۾ وڏو ڪردار نڀائي ٿو“. ساگر جيئن ئي ڳوٺ جي رستي واپس اچي رهيو هو ته هن جي سامهون آفتاب اچي ويو ، يار آفتاب توهان ته ڳوٺ جو ماحول ۾ بدلائي ڇڏيو ساگر پُرجوش ٿيندي چيس. آفتاب وراڻيو ته يار مڙئي ڪجهھ نه هئڻ کان بهتر آھي ڪجھ نئون عمل ڪريون ته جيئن پنهنجو سماج به دنيا جي بدلنجدڙ مزاج ۽ طور طريقن سان ڪُلھو ڪلھي ۾ ملائي بيهي. آفتاب مونکي ڏاڍي خوشي ته پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪيلاش صاحب جهڙو ڏاھو ماڻھُو آيو ،ساگر آفتاب کي پروگرام متعلق کولڻ ٿي چاهيو.. آفتاب چوڻ لڳو ته ”اهي ماڻھُو سهڻا سٺا اخلاق وارا هوندا آھن پر اُھي هميشه پنهنجي مفاد اڳيان مجبور هوندا آھن، پاڻ جهڙو ماڻھُو پنهنجي سماج جي ڀلائي لاءِ پنهنجي ذاتي توڙي روايتي زندگي هوندي به ڪس ڪثر کائي ويندو پر اهي ماڻھُو“….؟ آفتاب خاموش ٿي ويو. اچ ته هن نم جي وڻ ھيٺ ڪي گهڙيون ويهون ٿا ساگر آفتاب کان سموري پروگرام جي معلومات لاءِ ويهڻ جو چيس. ها ساگر هڪ ڳالھ چوان پر ڪنهن ٻي کي ٻڙڪ نه پئي، آفتاب هيڏانهن هونڏانهن نهاريندي چيس، اصل ۾ هي پروگرام او او اهو ناهي ميڊيا وارو يار . . . . اڙي ها گلُو خان . . .ها ها . . اهو اهو . .انهي تي ڪيلاش بار رکيو ته ڳوٺ ۾ ڪٿي پروگرام ڪرڻو آھي ته تڏھن هِن کي آئون نظر آيس! ڇاڪاڻ جو ڪيلاش هڪ اين جي او سيڪٽر جو خاص معاون ۽ ملڪي سطح تي ڪم ڪندو آھي .پر مون گُلو کي اڳواٽ چيو هو ته ڳوٺ جا ماڻھُو سڀ پنهنجن ڪمن ڪارن ۾ ھتي ماڻھُو ته ڪو هوندو ڪونه مطلب ٻڌڻ وارا به ته هجن نه! ۽ اوهان جو جيڪو مقصد آھي سو هتي اھڙو ماحول ناهي ، ڳوٺ ۾ مشڪل سان ڪي پنج ست اھڙا هوندا جيڪي توهان کي ٻڌي سمجهي سگهندا…!
آفتاب ساگر جي ڪن ۾ چوڻ لڳو ته ”تڏھن ڪيلاش مونکي چيو ته آئون ڀَتُ جون ديڳون يعني برياني شھر کان کڻي ايندس ، ماڻھُن کي رڳو تون اِھو ٻڌائي ڇڏجين“. آفتاب ،ساگر کي پورو معاملو ٻڌائي بس ڪئي ته ڀرسان ڳوٺ جو هڪ مزدور خوش ٿيندي آفتاب کي چوڻ لڳو ته ”سائين رات واه جو ڀَتُ هيو وري ڪڏھن ٿا ڀَتُ جي ديڳ آڻيو“…

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *