تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

ڀاڄوڪڙ! … عبدالغني شر

اونداهه رات جي ٿڌن پهرن ۾ ماحول تي مڪمل ماٺار ڇانيل هئي پر ناياب جي اکين کان ننڊ ڪوهين ڏور هئي! سوچون سونامي وانگي ساهه منجهائي رهيون هئس ته هاڻي ڇا ڪجي؟ سوچن جي سفر ۾ ڀٽڪندي نيٺ ُھن دل ۾ پڪو پهه ڪري ورتو ته هاڻي مونکي مرڻ گھرجي جنهن لاءِ جان جوکي ۾ وجھي جيءَ ۾ جايون ڏنم سو منهنجي محبت جي مزاج کي سمجهي نه سگهيو هن جي چوڻ تي پنهنجا پراوا ڪيم پيار جي ريت نڀائڻ خاطر جيجل جي صدائن کي نه ورنايم هن جا سڀ آرا نيارا کنيم پوءِ به اڄ وري هن پاران مزاحيا انداز هن جي هڪڙي ”ڀاڄوڪڙ“ لفظ هن جي وجود کي وڍي ڇڏيو هن ڪڏھن تصور به نه ڪيو هو ته منهنجو جاني مونسان اهڙي مذاق ڪندو! جيڪا منهنجي برداشت واري سوچ کان مٿي آهي ڇو ته مونکي مھڻن طعنن کان سخت نفرت آهي منهنجي مزاج مهڻن کي ڪڏھن به برداشت ناهي ڪيو ڪاش تون اهو سوچين ها ته مون توسان روايتي پيار بجاءِ سچي محبت ڪئي آھي مون پريت جي ريت نڀائڻ خاطر ڪيڏا ڏک ڏٺا تو منهنجي وفا جو بار بار امتحان ورتو جنهن ۾ آئون پاس ٿيندي رهيس مون توتي بي انتها ڀروسو ڪيو تون شھر جي گلين جو آواره شھزادو هئين ۽ مان ڳوٺاڻي ماحول جي پرائمري پاس ڇوڪري هيس جيڪا اڄ جي سائنسي دور ۾ گونگي مثل آھي! جنهن جا ريتن رسمن سان چپ سبيل آھن اج به اسانجي ذھن تي سرداري سوچ جو تصور حاوي آھي ڏاڍ مڙسي جي انا جي فڪر هيٺ جيئدڙ جوانيون پنهنجي اندر جي اڌمن کي چپن تي آڻڻ بدران دل جون ڳالهيون دل سان ڪندي پنهنجي اندر ۾ اوتين ٿيون! ڪاش اهو تون ڄاڻين ها ته مون دل جي اٿاهه گهراين سان توکي چاهيو آهي ناياب اڃان اهڙين سوچن ۾ گم هئي ته اچانڪ ٻن ورهين جي معصوم منظر جي اک کلي وئي هو ماءُ جي غير موجودگي محسوس ڪندي روئڻ لڳو ناياب جذبات ۾ پنهنجي سخت جگر جي رڙين طرف ڌيان نه ڏنو رات جي خاموش تاريڪي ۾ معصوم منظر جي مسلسل رڙين تي ناياب جو ور حاڪم جاڳي پيو جيڪو پنهنجي وني کي ههڙي حال ڏسي گھٻرائجي ويو کن پل۾ ڪيترا سوال ڪندو رهيس ناياب هي تون ڇا ڪري رهين آھين تون ته سدائين بهادري جا قصا ڪندي اسان کي سمجھاڻي ڏيندي هئين پر اڄ تون بلڪل بزدل لڳي رهين آھين ڪيڏانهن ويا حوصلا تنهنجا ؟
حاڪم روز روز جي ڱھٽجي مرڻ کان هڪ ڀيري مرڻ گھرجي مون انهي ڪري پنهنجي مرضي موجب توسان ڱڏجي زندڱي ڱذاريم پر توکي ڪهڙي ڪل محبت ڇا ٿيندي آ ؟ ۽ پيار سان ڪيئن نڀا ٿيندو آهي توکي شايد اها خبر هجي ها ته پيار جي سفر ۾ عورت مرد کان وڌيڪ ڀوڳيو آهي ۽ سچائي سان نڀا به ڪيو آھي ”عورت جي اذيت ۽ پيڙا جي درد جي تاريخ تمام طويل آھي نه ڪو بيواهه جي ٽٽل چوڙين جي درد کي سمجهي سگهيو آھي نه ئي وري چيڙاهٿيل چڳين جي پيڙاءُ کي ڏسي سگهيو آھي!“ جيئن سومل جي مومل سان مذاق ڪيڏي مهانگي پئجي وئي ۽ هميشه لاءِ راڻو رساما ڪري ڪاڪ ڇڏي هليو ويو!
مان محبت جي ميدان ۾ اهڙي مذاق بنجڻ نٿي چاهيان ناياب جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي حاڪم جا حواس خطا ٿي ويا ڪجهه دير بعد پاڻ سنڀاليندي ناياب کي سمجهائيندي چوڻ لڳو ناياب مون سچ ته توکي اهو لفظ مذاق ۾ چيو هو مونکي اهاخبر نه هئي ته توکي ايتري ڪاوڙ ايندي جو پاڻ کي مارڻ لاءِ تيار ٿي وئين وري به توکي پنهنجي پيار جو واسطو آھي هاڻي رساما ڇڏ ناياب پنهنجي ور کي پريشان حال آلين اکين سان ڏٺو ته جذبات ۾ لڪل محبت اپٽارجي پئي ٻنهي جي اکين مان خاموش لڙڪ ڪرندا رهيا وري به ناياب وفا جا وچن نڀائيندي التجا واري انداز ۾ چوڻ لڳس پاڻ کي هاڻي زندگي جي سفر ۾ پيار جي پيچرن تي ڀٿڪندڙ مسافرن کي اها ڳالهه سمجهائڻي آھي ته محبت جي سفر ۾ ذاتي راءِ سان گڏ وک وک ۽ پيڙائن کان بچڻ لاءِ ممڪن حد تائين مائٽن جي مرضي کي اهميت ڏيڻي پوندي ته جيئن ”هر مون جهڙي ٻي ڇوڪريءَ سان محبت جي سچائي خلوص واري دڳ تي ڀاڄوڪڙ جهڙا لفظ طعنن ۾ تحفي طور ملڻ بند ٿين.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *