تازا ترين
  • *ميرپورخاص: محمود آباد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 27 ورھين جو فوت *ڄام ڏاتار واسي سرور شاھ ساهرن جي جي گھر گهمڻ آيو هو، موبائيل فون چارج ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳو *
  • *پني عاقل ۾ پ پ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شهر جو گشت *فتاح سميجو پاران ڄام اڪرام ۽ سيف الله ڌاريجو خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ جي مذمت ڪريون ٿا: جيالا*
  • *حيدرآباد: تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ناري عائشه آرائين کي مبينا طور مڙس پاران باهه ڏئي ساڙڻ وارو معاملو *نياڻي عائشه کي مڙس رضوان آرائين ۽ ڏير جاويد باهه ڏئي قتل ڪيو: پيءُ يوسف آرائين *عائشه جو مڙس بااثر آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: ماءُ صفيه بيگم *مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عائشه جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ 5 ڄڻا بيهوشي واري حالت ۾ منتقل *بيهوش ٿيلن غريب آباد چوڪ تان حلوه پڙي وٺي واپرائي هئي: ذريعا *بيهوش ٿيلن ۾ رضوان آرائين، مبشر، نينگر لاريب ۽ ناري نمره شامل آهن: اسپتال انتظاميا*
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*

ڀاءُ جي آزادي لاءِ احتجاج ڪندڙ استاد: سوشل ميڊيا تي وڊيو ۽ تصويرون وائرل

سوشل ميڊيا تي ڪجهه عرصو اڳ هڪ اهڙو استاد سامهون آيو جنهن مٿان شاگردن سان غلط حرڪتن جا الزام لڳا جنهن بعد سوشل ميڊيا تي مٿس ملامتون ڪيون ويون، ٻئي طرف هي استاد عبدالجبار هڪڙو آهي جنهن جي حمايت ۾ سوشل ميڊيا تي ڀرپور آواز اٿاريو پيو وڃي، سوشل ميڊيا تي استاد عبدالجبار هڪڙو جي وڊيو ۽ تصويرون وائرل ٿي ويون آهن جنهن بابت ڄاڻايو ويو آهي ته هو پنهنجي ڀاءُ ستار هڪڙو جي آزادي لاءِ احتجاج ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان پوسٽ شئير ڪندي آصف چانڊيو لکيو ته قمبر هاءِ اسڪول جو استاد عبدالجبار نٽھڻ اس ۽ شديد گرمي ۾ احتجاج ڪندي پنهنجي ڀاءُ عبدالستار ھڪڙو جي آزادي لاءِ دانهون ۽ رڙيون ڪري رهيو آهي، عذير احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته استاد عبدالجبار ھڪڙو کي پنهنجي ڀاءُ عبدالستار ھڪڙو جي آزادي لاءِ ڀٽو چوڪ تي ان حالت ۾ ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو. اسان اعليٰ ادارن کان گهر ٿا ڪريون ته عبدالستار هڪڙو کي بازياب ڪرايو وڃي. فدا حسين لکيو ت ستار هڪڙو جو آخر ڏوهه ڪهڙو آهي؟ عبدالجبار ٽوٽاڻي لکيو ته هن استاد سان انصاف ڪيو وڃي، جواد هڪڙو لکيو ته ستار هڪڙو کي آزاد ڪيو وڃي. شڪيل چانڊيو استاد عبدالجبار جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ھي ڪو چريو انسان نه پر قمبر شھر جو نامور استاد آھي. نٽھڻ اس ۾ مٿي اگھاڙو اھو به شھر جي مين ڀٽي چوڪ تي رڙيون ڪندي چئي ٿو ته منھنجو ڀاءُ ڪٿي آھي؟ سندس ڀاءُ کي آزاد ڪرڻ جي گهر ڪريون ٿا. نورالدين سولنگي، آزاد گل چانڊيو، ساقي ارشاد، ظفر چانڊيو، عقرب جان لکيو ته سمورن کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي. اخلاق بخاري استاد جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ھي برمي، بنگالي يا افغاني نه آھي ھي پاڪستان سنڌ جو ڄائو هڪ استاد آهي، جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي آزادي لاءِ سخت گرمي ۾ احتجاج ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن عبدالستار هڪڙو ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته کيس ڪورٽ ۾ آڻي سزا ڏني وڃي ڪنهن کي کنڀي گم ڪرڻ قانون جي خلاف عمل آهي. ارشد عزيز پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته لاپتا هڪ فرد ناهي ٿيندو پر هڪ خاندان جي زندگي لاپتا ٿي ويندي آهي، ستار هڪڙو کي آزاد ڪيو وڃي. فدا حسن ميرالي لکيو ته ھڪ استاد عبدالجبار ھڪڙو کي ڀاءُ جي آزادي لاءِ احتجاج ڪندي رڙيون ڪندي ڏسي ڪري دل ڏکاري ٿي وئي، سندس ڀاءُ کي آزاد ڪيو وڃي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *