تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

ٿر ۾ موجوده ادبي چوري ۽ ڪجهھ نوجوان اهم ليکڪ! … ڪيلاش ميگهواڙ

بنيادي طور تي ادب ڪا مذاق ناهي ۽ نه ئي مقابلي بازي جي راند روند، ادب ته جيئرو جاڳندو خود وقت آھي جيڪو زندگي سان جُڙي راس ٿي آتش فشان جيان اوڀامي ٿو. ادب زندگي آھي جنهن کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي.گچ ناميارا اديب،سماج سڌارڪ ۽ مڻيادار ماڻهو ٿر جي مٽي سان مهيڪيل آھن. موجوده ٿر جي ادب ۾ چوري جي ليڪ بر لتاڙيندي اڳتي وڌيل نظر ايندي. ٿر ۾ موجوده نوجوانن واري پيڙهي بلڪل عقلي ۽ دانشمندي جي در تي ٽيڪا ٽپڻي واري رجحان ۾ نظر ايندي. اڃا به چون ٿا ٿر مان بهترين نوجوان لکي رهيا آھن. اڄ جئين فيسبڪ کوليم، ڪنهن دوست هن لکڻي جو فوٽو موڪلي ڏنو.’’سانوڻ ٽيج هڪ رومانس ڀريو ڏڻ‘‘ جيڪو مهاوير واسو نالي، ڪنهن اخبار ۾ پنهنجي نالي تي ڇپرائي ڇڏيو. هي ليک امر رائسنگهھ راجپوت جي ڪتاب جو آھي. ڪتاب جو نالو ’منهنجو صحرا سڏڪي ٿو‘‘. امر ٿر جو مور آھي جيڪو ٻاٻيهي جي پڪار بڻيو آھي ته ڀٽن تي مينهن ماماڻن جيان لکڻين جا کيڙا دل لڀائيندڙ مهڪ ۾ هڻيا آھن. باقي ائين ادبي چوري نه ڪئي وڃي. پنهنجي نالي پرايا ليک ڇپائڻ اخلاقي قلمڪار جو اصول ناهي…جڏهن ته صاحب ليکڪ کي امر جي ڪالم مان مدد وٺي لکڻ کپندو هو، ان ۾ ڪوبه هرج ناهي . هونئن به سنڌ جي تاريخ جا ڪتاب ائين ئي ڀريا پيا آھن. پر هي ليک صاحب ڪاپي پيسٽ اديب، سڄو جو سڄو ائين اُتاريو آھي.
هن وقت ٿر مان ڪوبه نئون لکندڙ ناهي، ٻن ٽن نوجوانن کي ڇڏي باقي وڏن اديبن جي ته پڇا ئي نه ڪريو، چوندا آھن نيرودا ۽ مارڪيز پنهنجو گهر جهلن.شاهوڪار تخليق صرف اسان ئي ڪئي آھي. مٺگهرن سان گڏ مٺائي ورهائي،نيارو بڻجي بس اهو پيو ڪتاب،باقي تاريخي حقيقتون وڃي ڌوڙ پائن.هڪ وڏي اديب پنهنجي لکڻي ۾ لکيو آھي رائچند هريجن ڪجهھ به نه ڪيو ٿر جي تاريخ ۾ جڏهن ته ٿر جي سموري تاريخ جديد توڙي پيرائتي رائچند هريجن جي ڪتاب’’تاريخ ريگستان‘ تي بيٺل آھي وري رائچند سان پنهنجي وقت ۾ جيڪو ظلم ٿيو ان بابت ٿر مان ڪنهن به قلم نه کنيو. رڳي ٺلهي واکاڻ! مونکي ٿر جي ڊگهي تاريخ ۾ اهم اهي نالا لڳن ٿا، محمد عثمان ڏيپلائي، رائچند هريجن، منگهارام اوجها، وليرام ولڀ، عبدالقادر جوڻيجو ۽ موجوده دور ۾ نور احمد جنجهي، امر رائسنگھه راجپوت! ازان علاوه ڪجهھ نالا آھن جنهن بابت ڪتاب پيو لکي سگهجي. ٿر جي موجوده ادب ۾ اڻ ڳڻيا نالا لکي رهيا آھن. نوجوان قلمڪارن مان جيڪڏهن نالا ملندا ته ان ۾ سنگتراش صحرائي کي نٿو وساري سگهجي جيڪو باصلاحيت لکڻ جي هنري فن سان ڪميٽڊ آھي. اُتي مٺي جي بازار ۾ رولاڪ قبيلن جهڙو ماڻھو اشوڪ ڪمار خاموش نظر ايندو پر محنت جي اڃا گهڻي ضرورت آھي ڇو ته اشوڪ وٽ اعليٰ پائي جي ڪالمن ۽ مضمونن ۾ تاريخي ڳالهين کان وٺي چاشني وجود رکي ٿي. ٿر مان هڪ ناليوارو قلمڪار صدام ساگر به آھي جيڪو صاف گوئي انداز ۾ بهترين ليک لکندو رهيو آهي. آتم ميگهواڙ هونئن به هڪئي وقت ڪاڪو ڪاٺيار بڻجي لکي ٿو. سندس ناول ’’ٻيلي ڏاهو ٿي‘‘ بنھه ڀلو ڪتاب آھي ۽ ٻيا به ٻه ٽي ناول اڻ ڇپيل ڪتابي واڱڻائي رنگ جيان موجود آھن. ٿر جي امبر تي ستارن جي سيج چانڊوڪي راتين ۾ ڪنهن وينگس جي وارن جيان زرد موسم ۾ وکرندي آھي جنهن جي سونهن چنچل شامهون ڪي برکائون لڳنديون آھن. راجستاني ثقافتي ورثي طور لاجواب شاهديون جهوني پوڙهي جيان پگهريل آھن جنهن تي قلمڪاري ڪري سگهجي ٿي. ڏيپلي تعلقي ۾ ٿر جو نوجوان ليکڪ سليم راهمون پُراثر انداز سان لکندو رهندو آھي سندس سماجي مسئلن بابت مون اڪثر ليک پڙهيا آھن. اُتي وفا جاني موسيپوٽو تحريري وڻندڙ روپن جي مڻڪن کي ميڙيندڙ وابستائي ليکڪ آھي.شڪيل اڪبر جنجهي ٿر جي هڳاءُ ۾ بارشن جهڙا لمحا ڏئي ٿو، ڏيئڙي جي ڏات مان لکڻين جا جلوه رکيا آھن. اجڙيل ڏيھه ۾ رومانس جو ٻج پوکي، ڪلاکيتر جي پيڙائن ۾ صدائون هڻندڙ نوجوان ٽهي ڪافي اسم لکن پيا پر ڪم گهڻو آھي. رومانس گهڻو پيو لکيو وڃي پر تاريخي حقيقتون وڃائجي ويل لڳي رهيون آھن. هرڪوئي شاعر ٿيڻ ٿو چاهي پر لوڪ ادب کي اجايو سمجهيو پيو وڃي. چوري واري آڙ وڌندي پئي وڃي. معياري ليکڪن کي هرڪوئي پنهنجي نالي تي ڇپائي رهيو آھي. جڏهن ته پاڻ وٽ ادبي ادارا ستل آھن ته هڪ ليکڪ ڪيترو درد ڀوڳي ٿو،سو قلمڪاري جي چوري بند ٿيڻ گهرجي!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

One Response to ٿر ۾ موجوده ادبي چوري ۽ ڪجهھ نوجوان اهم ليکڪ! … ڪيلاش ميگهواڙ

  1. نواز بھٹو says:

    کیلاش میگھواڑ صاحب کی تحریر پڑھی ایک لمحے کے لئے لگا جیسے میں تھر میں موجود اور اس تحریر میں جن لکھاریوں تعارف کروایا گیا اور جس طرح ان کی قلمی محنت کی عکاسی کی گئی لگا جیسے وہ میرے مقابل ہیں۔ کیلاش نہیں بکل درست کہا ہے کہ ادب مذاق نہیں ہے کوئی صنف ہو لکھنے والے کو اس کیفیت سے گزرنا پڑتا ہے۔ درد کے سمندر میں ڈوب کر خون جگر سے لفظوں کو امر زندگی عطا کرتا ہے۔ کیلاش نے جس طرح کہا کہ ادب وقت ہے جس کو لفظ امر کر دیتے ہیں، تحریر محض لفظوں کا مجموعہ نہیں ہوتی بلکہ وہ جھرونکا ہوتے ہیں جو آنے والی نسلوں کے لئے چراغ بن جاتے ہیں،اور یہ چراغ نئی نسل کے لئے درست سمت کا تعین کرتے ہیں۔ کیلاش کی اس تحریر میں تھر کی بدلتی رتوں، کیفیتوں،صداؤں، ٹپ ٹپ برستے ساون اور کوئل کی پکار کو محسوس کیا۔ میں انتہائی معذرت خواہ ہوں کہ میرے لیپ ٹاپ میں سندھی سافٹ ویئر نہیں ہے اس لئے تحریر پڑھ کہ دو الفاظ تحریر کرنے پر مجبور ہوا۔

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *