تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

ٿر جي هاڻي ڳالهه نه ڪبي…!! ڪيلاش ميگهواڙ

ٿر جي لاڏلي ثقافت پڙي ۽ پولڪي جي وڙ ۾ وکريل آھي ته ڪارونجهر جي چوٽي تي هاريل جمالياتي حسن ۾ به جهاتيون پائي ٿي.ڪارونجهر جي ڪور منڙِي ۾ مهڪيل پرين جي ڳل جهڙي پکي مور جي هلڻين ۾ بيساخته رهي آهي.ويراواھ جي تلور کي موسم جي ادا ۽ فدا آهي اُتي ڀڙڀانگ ڀٽن تي جاگرافي جي جڳھ تاريخ جي سون ورڻن اکرن ۾ اُچاريل آھي. ٿر ۾ پاڻمرادو ڦٽي پيل ڀانت ڀانت جي گلڙن جي هڳاءُ پڻ دل کي معطر بڻائي وجهندو آھي. قدرت جي بي بها حسين وادين جو ڏيک رمڻيڪ روپي رنگ گڍي ڀٽ تي ڳولي سگهجي ٿو. درد وندي جو ديس ٿر، سانوڻي مندڙي جي رُتڙي ڪري مشهور ۽ منفرد رهيو آھي،بيباڪي جي ڀلوڙ ڪردار جُهول ۾ بيٺل اُٺ جيان اوڳاڙي اٿلي پوي ٿي تڏهن مينهن اوڙڪو آڙي وسندو آھي، ڌنار ڌوري ڏسندو آھي ۽ تاڙو تنواريندو آھي. ارڏي ڌرتي جي سيم تي فوزيه جي ڳيتن کان وٺِي صادق فقير جي دلتاري سرن جي سٽن تائين خوشبوءُ خوشبوُ ٿي پوندو آھي. جڳمڳائيندڙ ڏيئا پڻ وڻ وڻ جي ڪاٺي روشن ڪرڻ لاءُ ڪوهن جا پنڌ جهاڳي هن ڌرتي جي سائي چادر مٿي آرزو ٿڪ ڀڃڻ لاءُ ايندا آھن. برسات جي هر بات،پاٺيٻڙ پکي جي سانت، ڍڳين جي رنڀڻ جي رات ٿي پوندي آھي جڏهين مينهن آبي تي اگوندرو هوندو آھي. ڀوڏيسر تي هلندڙ گلابي ويس پهريل وڳن،چانڊوڪي جهڙي سونهن شناس صدا،مرڪ تي به مهڻو ۽ مهٽو ڏيڻ لڳندو آھي جنهنڪري اهڙي صدين جي تهذيب جو جانبداري سان ذڪر ڪرڻ، ڀوڏيسر جي مسجد ۾ لڳل سگمرمر پٿر جيان ضروري ٿي پئي آھي.
هزارين سال اڳ آسپاس پکڙيل سونهن کي سنڀاليو ۽ سانڍيو بيٺل هن وجود انتهائي گهڻا درد ڏٺا،سوز ۽ آواز جي گدا سان گهاريندڙ ماڻھو اهو ڄاڻي سگهن ٿا ته سونهن جا پريت ساکي ڪنهن وقت جي شاندار بحالي هاڻي اجڙيل ڪيترو ڏک رکي ٿي. عجيب و غريب طرز رونما حالتن جي هٿن ۾، اتهاسي پهرن ۾ هلي آھي پر وري مينهن مندون ٺاهي ساوڪ جي ويس پهرائي سينڌ جو سينڌور ٺاهي ڇڏينديون آهن! سڏونت ۽ سارنگا جا قصا ڇڙندا آھن پاري ننگر ويجهو مال مڙهندا آھن، تڏهين روپلي جو مزاحمتي روح به رچي ويندو آھي. پرھ ويل پيل بونداباري جي سڪ کي وساري نٿو سگهجي. ڪيڏا نه اهي دل ريجهائيندڙ هوندا پير جنهن جبل مٿي باهڙي ٿيندي ڏٺو.ڪيڏا اهي البيلا چپ هوندا جنهن ڇاڇري بابت ڪجھ ڳالهايو هوندو. نٿو وساري سگهجي انهن کي جيڪو پائر جي پٽن تي ڪجھ قدر منظر رکي ويا هوندا آھن يا کڻي چوڙئي جي چوٽي کان موٽي پنهنجي ماڳ ڏانهن هليا ويندا آھن، باقي پويان يادون ۽ انهن جون جيُ جياريون وڃائجي ويل رونقون وري چونديون آھن ’’سال پڄاڻا وري اچجو هتي‘‘! هن وقت ٿر تي مينهن جي موسم آھي، ان ڪري ٿر جي هاڻي ڳالهھ نه ڪبي!
جيڪڏهن ڪنهن کي جمالياتي حسن جي وصف جي جهلڪ پسڻي آھي ته پوءِ صحرا ٿر جو سفر ڪري،اهو سمورو لقاءُ خاموش سرڳوشين اڄ ڏينهن تائين سنڀالي رکيو. اهڙن حسين لازوال منظرن کي صرف ڪتابن ۾ ئي بيان ڪري سگهجي ٿو. پکڙيل بادلن کي ماروئڙن جو اهو ئي ڏوراپا آھي ته دل کولي وسو وسو. باقي کنوڻين ڪيرائڻ کان بچائجو! لهندڙ سج جو الوداعي نهارون به ڪا دعائون لڳنديون آھن جيڪا ڪنهن در دانهڙي وٽ اگهجي ويون هجن. اُٿندڙ آلاپن جي اننگ ڪوئي رنگ لڳندا آھن، ته وسڻ جا همڪلام ڍنگ ڪوئي جوڌا اڙٻنگ لڳندا آھن. ماحول جي سڳنڌ الائي ڪٿي وڃي پهتي آھي پر پوءُ به هن نسوري سال جو ڊگهو الميو ڪورونا وائرس ڪري سياحن اچڻ گهٽ ڪيو، مگر ٿر جي ڌرتي انهن کي ازخود پاڻ ڏانهن مائل ڪندي، وري چوڙيون وڄبيون ۽ دليون ڳنڍبيون. خوشحالي جا باب ڪڪر جي رم جهم لڳندا آھن. ٿر جي هن وقت ڪوئي ڳالھه ڪونه ڪبي ڇو ته اهو سڀ ڪجهھ سياحن جي نظرن ۾ ائين اچي ويو جئين پرديسي جو سارڍڙي جي ترڪڻي پٿر تي ترڪيل ڪوئي لمحو،جئين رُخ موڙيل گاڏي جي اندازن جو ڀرپور آجياڻو!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *