تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

ٿر جو تعليمي ماهر ڪريمڏنو جوڻيجو … نصير ڪنڀر

لهندڙ سج جي لالاڻ ۾ اسين جڏھن سندس تمام سادي اوطاق تي پهتاسين ته سج لهڻ وارو هو.76 سالن کان مٿي ڄمار رکندڙ سائين ڪريمڏنو جوڻيجو “گيڏيئي“ جي سهاري اوطاق ۾ پهتو ته اسين ملڻ لاءَ اٿي بيٺاسين. توڻي جو هو جسماني طور هيڻو هو پر ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جا حواس بلڪل نوجوانن جهڙا هيا .ڌيمي آواز جي ڀڻڪ به سمجهي جواب پئي ڏنائين.سڀني سان خوش خيريت بعد هن جڏھن ڪئپسٽن جو سگريٽ دکائي ڪش هنيو ته مون تعارف ڪرائيندي بچپن بابت سوال پڇيو.پنهنجي جيون جا سونهري سال تعليم جي شعبي کي ارپيندڙ۽ خوددار ڪنهن جي اڳيان نه جهڪندڙ ڪريم ڏني جوڻيجي جو جنم 10 جولاءِ 1944 تي ڳوٺ سڙھ لڳ ڏيپلو ۾ ٿيو.پرائمري بعد ميٽرڪ ڏيپلو هاءَاسڪول ۽ انٽر شاهه لطيف ڪاليج ميرپورخاص مان ڪيائين.ون يونٽ جي استحصالي پاليسي سبب ميڊيڪل ۾ داخلا ڪجهه مارڪن تان رهجي ويئي. تنهنڪري پراڻي ٿرپارڪر ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ جونيئر ٽيچر لاءَ درخواست ڏنائين.ڇو ته انهي دور ۾ هر ضلع ڪائونسل پنهنجي پاران اسڪولن ۾ استاد مقرر ڪندي هئي .انهي وقت جي چئرمين مير“ کانڊو“ ڏيپلو هاءَاسڪول جو آرڊر ڏنو .جتان بدلي ڪري ڊگڙي رکيو ويو. انهي دوران هن 1966 ۾بي ايس سي ڪئي ۽ وري ڏيپلو هاءَ اسڪول جوائن ڪيائين .واپس اباڻي شھر اچڻ جوسبب هن جو وڏو مقصد خاندان جون نياڻيون پڙھائڻ ھيون جڏھن سندس ڀاڻيجي ۽ ٿر جي بهترين استاد صاحبڏنو ميمڻ جي ٻن نياڻين ميٽرڪ ڪئي ته هي ضلعي ڪائونسل جي نوڪري تان استعيفا ڏيئي بي ايڊ ڪرڻ لاءَ ھليو ويو ۽ ٽرينگ بعد گورنمنٽ آف سنڌ ۾ ايڇ ايس ٽي جو آرڊر وٺي واپس ڏيپلو آيو.هن ٻڌايو ته هر شھر ۾شھر ۽ ٻھراڙي جو تضاد رهيو آھي ائين هن شھر ۾ به هو ۽ ڪجهه سياسي سبب به هيا. انهي ڪري 1979۾ هن کي به هتان بدلي ڪري ٽنڊو جان محمد رکيو ويو. جتي ساجن داس چنداڻي هيڊماستر هو. هن اتي سورنهن سال نوڪري ڪئي 92 ۾ پروموشن ٿيو تڏھن هيڊ ماستر طور ڏيپلو هاءِ اسڪول جوائن ڪئي. سائين ڪريمڏني ٻڌايو “جلدئي عبدالغفار صديقي ٿرپارڪر ضلعي جو ڊي اي او ٿي آيو .تنهن چيو مان توکي ايس ڊي اي او مقرر ٿو ڪرايان مون چيو آئون سئنون سڌو ماڻھو آھيان سياسي جوڙ توڙ ۽ خوشامدي ڪرڻ مون کي اچي ڪون . آئون متضاد ماڻھو رهيو آھيان هي منهنجو پويون رڪارڊ آھي.مون کان اهو جهان ڪون هلندو .“ پر هن ڪون مڃيو ۽ مونکي ايس ڊي اي او ڪرايو.
زندگي جي عجيب لمحن جون ساروڻيون ساريندي هن ٻڌايو ته 93 کان 98 تائين منهنجون سورنهن دفعا بدليون ٿيون. ڊي ايم جي گروپ ۾ ٿي سگهي ڪنهن آفيسر جون ايتري عرصي ۾ ھيتريون بدليون ٿيون هجن پر تعليم کاتي ۾ شايد ئي ڪنهن آفيسر جون ايتريو بدليون ٿيون هجن. انهي جو سبب منهنجو هيٺائين نه وٺڻ وارو مزاج آھي.ڳالهه کي جوڙيندي چيائين هڪ منسٽر نوٽ هڻي ڏنو ته هن کي فلاڻي هنڌ کان بدلي ڪري فلاڻي ضلعي ۾ رکو .انهي پني جي ڪاپي ڪنهن مهربان مونکي آرڊر سان گڏ موڪلي ڏني .مون انهي آرڊر کي ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ۽ اهو آرڊر ڪينسل ٿيو.سال2001 ۾ سائين هتي جي رساڪشي کان دل برداشته ٿي ۽ هڪ سڄڻ جي صلاح تي بدلي ڪرائي ميرپورخاص هليو ويو .جتان 2004۾ ڊي اي او جي پوسٽ تان رٽائرمينٽ ورتائين.
مون کيس ملڻ جو سبب بيان ڪندي چيو “اوهان جو لکڻ پڙھڻ سان لڳاءُ رهيو آھي“ ته چيائين پڙھڻ جي حد تائين ته رهيو آھيان، منٽو، قرت العين حيدر ۽ جمال ابڙو سميت سنڌي ۽ اردو نثر جو مطالعو ڪندو رهيو آھيان .آئون ۽ عبدالقادر ڪلاسي رهيا آھيون .عبدالقادر جو چاچو هتي تپيدار هو .هو ان وٽ رهندو هو ۽شام جو گڏ پڙھنداهياسين .آئون سائنس ۽ ميٿس ۾ ھوشيار هيس قادر صفا جڏو هو.انهي کانسواءَ عثمان کٽي، علي بخش۽ الهبچايو سمون دوست هئا .انهي ڪري پاڙھو سٺو هيس پر شروع ۾ تعليم حاصل ڪندي سفر ۾ رهيس ۽ پوءَ نوڪري جي “گهن چڪر“ لکڻ جو ماحول ئي ڪون ڏنو انهي ڪري لکي نه سگهيس. زندگي جي ڪڙي حقيقت بابت پڇيم ته چيائين رٽائر ٿيڻ بعد مون ڪجهه ٻني ورتي هيم انهي ڪري يا ڪي ٻيا سبب هوندا جنهن ڪري 2010 ۾ آئون اغوا ٿي ويس. 52ڏينهن ڌاڙيلن جي قبضي ۾ رهيس. اهو منهنجو هڪ نئون تجربو هو. مونکي ذاتي طور ڏک ٿيو ته هن سماج ۾ استاد جي ڪا حيثيت ئي ڪونهي اها قوم ڪيئن ترقي ڪري سگهندي .جڏھن مون جهڙو سادو استاد به اغوا ٿي سگهي ٿو ته ٻيا شھري ڪهڙا محفوظ ھوندا .
ٻاهر اونداهه ڦھلجي چڪي هئي منهنجا ساٿي خالد عمراڻي ۽ عالم چارو واپس اچي چڪا هئا. اسان سائين سان موڪلائي لاءَ اجازت گهريسين سائين “گيڏيئي“ جي سهاري اٿي دعائون ڏيندي موڪلايو .اوطاق کان ٻاهر آياسين .مون ڏٺو وڏين عمارتن ۽ شڪارپور جهڙو اوج رکندڙ ڏيپلو شھر عجيب ويراني ۽ مايوسي ۾ وڪوڙيل هو.مونکي شفيق پراچا جي چيل ڳالهه ذھن تي تري آئي جيڪا سائين ڪريمڏني جوڻيجي ڪجهه گهڙيون اڳ ٻڌائي ته “هن شھر جا رهاڪو اٺن تي چڙھي آيا ۽ جهازن ۾ چڙھي دنيا ۾ ڦھلجي ويا“.اسين سائين شير محمد سان گڏ ميرانجهڙي روشني واري گهٽي ۾ مسعود جوڻيجو ڏانهن پنڌپياسين.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *