تازا ترين
  • *مبارڪپور ۾ چوري ڪندي 2 چور سوگها،مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ چنڪي واھ تي چورن افغان مهر جي گهر کي کاٽ ھنيو ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا *ڳوٺاڻن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُالله جعفري کي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو *مبارڪپور پوليس پھچي ٻن چورن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُ الله جعفري کي گرفتار ڪري ورتو*

ٿر، ڪورونا ۽ ڪردار… محمد ھنڱورجو

ڪورونا جي ٿر ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي ٿري ماڻھن جي حالت خراب ٿي وئي آھي. لاڪ ڊائون سان گڏ سندن روزگار به لاڪ ڊائون ٿي ويو آھي. روزگار جا ذريعا اڳيئي محدود ھُئا. ھاڻي ته ھيڪاندا ئي ٺپ ٿي ويا. ھتي ذڪر ڪجهه انھن ڌنڌن جو جن سان ھي لاڳاپيل رھيا آھن:
1-ڪي نوجوان سنڌ جي وڏن شھرن ۾ وڃي بورچي، چوڪيدار، بيراگيري، گارمينٽس ۾ نوڪري، مال جي واڙن تي مزوري ڪندا پئي رھيا آھن.
2- اڪثر ٿري غريب لڏپلاڻ ڪري ھر سال بئراج ايريا ۾ڪڻڪ ۽ سارين جا لابارا، مرچن ۽ ڦٽين جي چونڊائي، ڪمند جي ڪٽائي ۽ ٻي مزوري ڪندا رھيا آھن.
3- لوڪل سطح تي ٿر جي شھرن ۾ ھوٽلن تي مزوري، ٻھراڙيءَ کان کير، ڪنڊيءَ جان پن ۽ سڱر، ڪانا ڪاٺيون، ڪڏھن ڪا رڍ ٻڪري آڻي شھرن ۾ کپائيندا، ا ٽو ڀتو ڪندا رھيا آھن.
4-ڪي مستري ۽تغاري مزور شھرن جي اڏاوتي ڪمن ۾ اچي تاريخون ڪندا رھن ٿا.
5-ڪي وري پراڻين ڇڪڙا گاڏين ۾ مختلف ڳوٺن کان بار ڀريون ۽ پيسنجر کڻي شھرن ۾ اچن. ڊرائيورن، ڪنڊيڪٽرن، ڪلينرن ۽ گاڏي مالڪن جو گذر سفر انھن گاڏين تي آھي. انھن سمورن ڌنڌن مان کين ايترو ڪجهه ڪو نه ٿي مليو جنھن سان ھو پوري طرح پنھنجن ٻچن جو پيٽ پالي سگهن. تاھم روايتي ڪفايت شعاري سان مڙيئي وقت پئي گذريو. ھاڻي جڏھن لاڪ ڊائون سبب اُھي سڀ ڌنڌا ختم ٿي ويا آھن. اڪثر ٿري ماڻھو اچي گهرن ۾ واڙجي ويھي رھيا آھن. سندن ڏھاڙي واري اُھا آمدني به بند ٿي ويئي آهي. ايئن ”آڻين ۽ چاڙھين، ڏٿ ڏھاڙي سومرا“ واري حيلي کان به مارو ماڻھو رھجي ويا آھن. چند ڏينھن ۾ فاقن واري صورتحال پيدا ٿي ويئي آھي. اڳ ۾ ئي بکن بيمارين باعث ٿر ۾ ٻار مري رھيا آھن. لڳي ٿو ته ڪورونا اچڻ کان اڳ بکن وگهي اڪثر وڏا به وڃي خدا کي پيارا ٿيندا. ڪورونا ٿر ۾ لھي پئي ته شايد ئي ڪو بچي. ھيڏي ھن شامت ۽ ٿرين جي حالت جي مدنظر سرڪار اڳواٽ ڪي به اپاءُ ناھن ورتا، نه وري چونڊيل نمائندا ڪا پرگهور لھن ٿا. شايد ڇڏي ڏنو اٿن ته جيئن ٿر مان 80 سيڪڙو غربت گهٽجي وڃي. ھڪڙو ايم پي اي ارباب لطف الله آھي جيڪو ھڙان وڙان مدد ڪري رھيو آھي. ھي صاحب حڪومتي پارٽيءَ ۾ نئون آھي. پر ھي جيڪي ھيترا سارا ٿر سان لاڳاپيل ايم پي ايز، ايم اين ايز، سينيٽر ، چيئرمين ۽ پارٽيءَ جا عھديدار آھن. جن ماشاءالله سالن کان اقتدار جا مزا ماڻيا آھن. ٿري ماڻھو ڏسي رھيا آھن ته سندن ووٽن جي برڪت سان اڪثر ھو ڪيئن نه مالامال ٿي ويا آھن. ٿري ماڻھو خوش آھن، وري به ويٺا واکاڻون ڪن. اڳ ۾ ته ڪا تقاضا ڪونه پئي ڪيائون.پر ھاڻي ھن سنگين صورتحال ۾ موصوفن کي جُڳائي ته مھل آھي، ٿري ماڻھن جي ھر طرح مدد ڪن. سرڪار کان ھنگامي بنيادن تي گهربل رليف حاصل ڪري. ٿري ماڻھن جون حياتيون بچائڻ جا جوڳا جتن ڪن. ضلعي ۾ داخل ٿيندڙ ماڻھن جي اسڪريننگ جو انتظام ڪرائين. ٿر ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن کي حفاظتي ڪٽس مھيا ڪن ۽ عام ماڻھن کي ماسڪ ڏيارين پر بنيادي شيءِ خوراڪ آھي، بنا دير اُن جو انتظام ڪيو وڃي. ”بک ڀڇڙو ٽول، داناء ديوانا ڪري“ ٿري ماڻھن لاءِ اھي نمائندا ئي سرڪار آھن. جن کي ھنن ووٽ ڏيئي اسيمبيلن ۾ موڪليو آھي ۽ خوش قسمتيءَ سان اُھي اقتدار ۾ آھن. ٿري اشراف ماڻھو آھن. ھي وري به ووٽ ڏيندا پر، جي حياتي بچينِ! رب رحم ڪري.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *