تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

پ پ ايم پي اي شهناز انصاري جي ڌيءَ کي قتل جون ڌمڪيون، سوشل ميڊيا تي وڊيو جاري

پ پ ايم پي اي شهناز انصاري جي ڌيءَ ڊاڪٽر فاطمه شهناز انصاري کي جوابدارن طرفان پوليس اڳيان قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ جي حوالي سان هن سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان جاري ڪئي آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ڊاڪٽر فاطمه شهناز کي ڌمڪيون ڏيڻ جي مذمت ڪندي کيس تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ فاطمه شهناز انصاري جو چوڻ هو ته منهنجي امڙ کي قتل ڪندڙن مون کي به قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن، جوابدارن مون کي پوليس جي اڳيان قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن، ۽ چيو آهي ته مرڻ واري ته مري وئي، هاڻ تنهنجو وارو آهي، جيڪي فصل هئا، جيڪي شيون هيون، انهن تي قاتلن قبضا ڪيا آهن، انهن زمينن تي هنن پنهنجا فصل تيار ڪيا آهن، مون کي خبر نٿي پوي ته هتي سڀ خاموش ڇو آهن؟، جن منهنجي امڙ کي بيدردي سان قتل ڪيو، اڄ انهن مون کي سڌو سنئون قتل جون ڌمڪيون ڏنيون آهن، اڄ هنن مون کي چيو آهي ته توکي نه ڇڏينداسين، هن چيو ته منهنجي اڳيان امڙ کي قتل ڪيو ويو، شاهد مان آهيان، ڌمڪيون ڏيندڙن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن همٿ مغيري، ثاقب علي، جنيد انصاري ۽ ٻين ڊاڪٽر فاطمه شهناز جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته پ پ حڪومت ۾ ئي پ پ جي ايم پي اي کي ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪيو ويو هاڻي قاتل سندس نياڻي کي به قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، سمجهه ۾ نٿو اچي ته قاتل پوليس ۽ هن نظام کان طاقتور ڪيئن آهن؟، وزيراعليٰ سنڌ مراد شاهه کي معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *