تازا ترين
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *

پھرين عالمي جنگ … روشن داس

نيون نيون ڪالونيون حاصل ڪرڻ لاءِ يورپي طاقتن ۾ رقابت اوج تي پهچي چڪي هئي. جرمني، برطانيه ۽ روس وغيره ۾ وڏي پيئماني تي هٿيارن ۽ فوجن جي تياري، انهن ملڪن جي فوجي سربراهن کي ملڪي پاليسين ۾ مداخلت جو موقعو ڏنو هو. يورپي ملڪن ۾ قومپرستي جو جنون پيدا ٿي چڪو هو ۽ اهي هڪٻئي تي برتري حاصل ڪرڻ لاءِ بيتاب هيون. بوسنيا ۽ هرزيگووينا جو صوبو آسٽريا ۽ هنگريءَ جي گڏيل سلطنت جو حصو هو، پر اتي جي سرب رهاڪن، هن صوبي کي سربيا سان ملائڻ ٿي چاهيو ۽ ان ڪري ئي هڪ سرب قومپرست سربيا جي دوري تي آيل آسٽريا هنگري جي ولي عهد تي حملو ڪري، کيس زال سميت قتل ڪري ڇڏيو ۽ اهو واقعو ئي پهرين عالمي جنگ جي شروع ٿيڻ جو اهم سبب بڻيو.هن پهرين عالمي جنگ ۾ 5 ڪروڙ 90 لک فوجي لاٿا ويا هئا. يورپ ۾ بيشمار دولت هن جنگ دوران کٽل سامان ۽ کاڌي پيتي جي شين جي خريداري لاءِ آمريڪا منتقل ٿي ويئي هئي. ٽئنڪون پهرين ته اتحادين ٺاهيون ۽ استعال ڪيون، پر پوءِ ٻين ملڪن به پنهنجون پنهنجون ٽئڪون ٺاهي جنگ جي ميدان تي آنديون. زهريلي گئس جو جنگ ۾ ٻنهي طرفن کان استعمال ڪيو ويو. هوائي جهازن کي پهريون ڀيرو هن جنگ ۾ بمباري ۽ ٻين فوجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو.
خندقن جي خونريز جنگ: زميني جنگ مختلف محاذن تي سؤ ميلن جي خندقن مان وڙهي ويئي. نئين قسم جي خطرناڪ توپن، مشين گنن ۽ ٽينڪن جنگ جي ميدانن کي لاشن ۽ رت سان ڀري ڇڏيو هو. فرانس تي جرمنيءَ جي حملي بعد انگلينڊ جون فوجون، فرينچ فوج سان گڏجي جرمن فوج سان وڙهي رهيون هيون ۽ هيءَ ويڙهه گھڻو ڪري فرانس جي سرزمين تي ٿيندي رهي. هتي زميني جنگين کي دراصل ”خندقن جي جنگ“ چوڻ کپي، ڇاڪاڻ جو ٻنهي مخالف فوجن پنهنجي اڳيان خندقون کوٽي ڇڏيون هيون، پر پوءِ به ٿوري مقابلي ۽ خونريزيءَ بعد ٻنهي پاسي جي فوجن کي چند وال اڳيا ن ملي سگھندا هئا يا کين پوئتي هٽڻو پوندو هو. خندقن جي هن تباهي ڦهلائيندڙ جنگ ۾ گھڻن محاذن تي سموري عرصي دوران، وڏي خونريزي ٿيندي رهي ۽ هر معرڪي ۾ سوين يا هزارين سپاهي مرندا رهيا. سو، اصل زميني جنگ ته روس ۽ جرمني جي وچ ۾ روس جي سرزمين تي ۽ جرمن، فرينچ ۽ انگلينڊ جي فوجن جي وچ۾ فرانس جي سرزمين تي ٿيندي رهي پر ٻين محاذن تي به خونريز جنگيون ٿينديون رهيون. جن ۾ انگلينڊ جي فوج گيلپولي ۽ دردانلياس وٽان ترڪيءَ تي حملو ڪيو، پر اهي ترڪن جي خونريز جواب بعد ناڪام ٿي واپس وريون. روس ترڪستان وٽان حملو ڪيو. فلسطين ۽ ميسوپوٽيما ۾ انگريز فوج ترڪيءَ جي فوج سان جنگ وڙهي. جرمن ۽ انگلينڊ جن وٽ سڀ کان وڏيون بحري فوجون ۽ ٻيڙا هئا، تن سمنڊن ۾ به پاڻ ۾ لڙائي ڪئي ۽ هڪٻئي جي تجارتي جهازن کي ٻوڙيو. هن جنگ ۾ روسي فوجن جي حملي آور جرمن فوجن خلاف عوام خراب ڪارڪردگي ۽ ملڪ ۾ خراب اقتصادي حالتن جي ڪري روس ۾ بغاوت ڪري وڌي ۽ ڪميونسٽ ليڊر لينن، 26 نومبر 1917ع تي جرمن سان جنگبنديءَ جو ٺاهه ڪري روس کي جنگ کان الڳ ڪري ورتو ۽ جرمن فوج روس جي محاذ تان واندي ٿي انگلينڊ ۽ فرانس جي فوجن سان وڙهڻ لاءِ مغربي محاذ تي فرانس پهتي. ٻئي طرف آمريڪا، برطانيه ۽ فرانس جنگ ۾ شامل ٿي ويا. آمريڪا جي 12 لک فوجن جنگ جو فيصلو اڳتي هلي آهستي آهستي انگلينڊ ۽ فرانس جي حق ۾ ڪري ڇڏيو. وڏي تعداد ۾ آمريڪي فوجين يورپ ۾ اچي جرمنيءَ خلاف هلندڙ جنگ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ انگلينڊ ۽ فرانس کي وڏي پئماني تي اوڌر تي فوجي هٿيار به ڏنا. جرمنيءَ جي فوجن پهرين عالمي جنگ جي شروعاتي وقت ۾ يورپ جي جنگي محاذن تي وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون هيون، پر برطانيه، فرانس ۽ روس جي فوجين جلد انهن کي روڪي ڇڏيو ۽ وڌيڪ پيشقدمي نه ڪرڻ ڏني. 1918ع تائين سمورين طاقتن جي پوزيشن خراب ٿي چڪي هئي. آسٽريا هنگريءَ جي سلطنت، روسي انقلاب مان متاثر ٿيڻ سان گڏ مزدورن ۽ عام ماڻهن ۾ بيچيني ۽ بغاوت سبب 1918ع جي آڪٽوبر جي مهيني ۾ ئي ويهي رهي ۽ جنگ تان دستبردار ٿي وئي. اتحادين جي حملي ۾ جرمنيءَ جي فوج کي فرانس ۽ بيلجيم مان شڪست ڏئي پوئتي هٽايو ويو. جرمن فوج ۽ عوام جي دلشڪستگي ۽ مايوسيءَ سبب جرمني جو بادشاهه قيصر وليم (ٻيو) 9 نومبر تي پنهنجي تخت تان دستبردار ٿي ويو ۽ 11 نومبر تي اتحادين ۽ جرمنيءَ جي وچ۾ جنگبنديءَ جي معاهدي تي صحيحون ٿيون. اهڙي طرح پهرين عالمي جنگ پنهنجي چوٿين سال جي يارهين مهيني جي يارهين تاريخ 11 وڳي بند ٿي.
جديد مورخن ۽ تاريخ نويسن هن وڏي جنگ ۽ ان جي تباهه ڪارين لاءِ اتحادي ملڪن کي جوابدار قرار ڏنو آهي. انهن جي خيال ۾ هي عظيم الميو اجايو هو ۽ اتحادي ملڪن جي بهادر سپاهين کي ڪنٽرول ڪري هروڀرو خونريزي ڪرائي وئي. پهرين عالمي جنگ ۾ دنيا جي مڙني جنگين (سواءِ ٻي عالمي جنگ جي) کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. جنگ ۾ شامل ٿيل ملڪن کي جلد فتح حاصل ڪرڻ جو گمان هو، جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ هي جنگ وڏي تباهيءَ سان پورا چار سال جاري رهي. اتحادي طاقتن سڀني شڪست کاڌل ملڪن سان جنگبنديءَ جا الڳ الڳ ٺاهه ڪيا. جرمني کان فرانس جي ورسائيليس شهر ۾ ورسائيليس جي ٺاهه تي صحيحون ورتيون ويون، جيڪو سراسر جرمن قوم ۽ ملڪ جي نقصان ۾ هو پر شڪست کاڌل جرمنيءَ مجبور ٿي ان تي صحيحون ڪيون. اتحادين حقيقت ۾ جرمنيءَ کان ذليل شرطن تي ٺاهه ڪرائي ۽ ان کان جنگ جا نقصان ڀرائڻ وارا شرط مڃرائي، جرمن قوم جي دلين ۾ ايتري ته نفرت ڀري ڄڻ ته ٻي عالمي جنگ جو بنياد وجھي ڇڏيائون. اتحادين هن جنگ جو ذميوار جرمنيءَ کي قرار ڏنو، پر يورپ کي هن جنگ تباهه ڪري ڇڏيو.
پهرين عالمي جنگ ۾ آمريڪا جو فيصلائتو ڪردار: آمريڪا شروع شروع ۾ پاڻ کي جنگ کان پري رکيو، ڇاڪاڻ جو آمريڪا جو جرمنيءَ سان به وڏو واپار هلندڙ هو ۽ ٻنهي طاقتن ۾ ڪي وڏا اختلاف به نه هئا. 1910ع ۾ آمريڪا جي ڪل آباديءَ جو ٽيون حصو يورپ مان لڏي آيل ماڻهن تي مشتمل هو، جن آمريڪا کي هن جنگ ۾ ملوث ٿيڻ کان روڪيو پئي. آمريڪا 1917ع تائين جنگ جي ٻنهي ڌرين کي خوراڪ توڙي ضرورت جون ٻيون عام شيون وڪڻي رهيو هو. هن واپار مان آمريڪا وڏي دولت ڪمائي رهيو هو.
ھلندڙ

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *