تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

پپراسر جو خوبصورت آبشار …عزيز ڪنگراڻي

پپراسر جو آبشار سنڌ جي ضلعي دادو جي تعلقي جوهي جي تاريخي شهر واهي پانڌي ويجهو اولهه طرف کيرٿر جابلو سلسلي ۾ قديم قلعن ميان ڪوٽ ۽ ڪارو ڪوٽ جي وچ ۾ نئي نلي يا نري جي وهڪري ڀرسان آهي. هيءُ آبشار هڪ حسين ترين تفريحي ۽ تاريخي ماڳ پڻ آهي. حسين ترين آبشار جو پاڻي ڪافي اوچائي کان پپرا سر ڪنب ۾ ڪري يا پوي ٿو. پپرا سر سنڌي زبان جو مرڪب نالو آهي. پپرا جو مطلب پپر آهي ۽ جڏهن ته سر جو مطلب ڍنڍ يا تلاءُ يا ڪنب آهي. پپراسر جو مطلب ٿيو پپر وڻ واري ڍنڍ يا چشمو. پپراسر آبشار واري ڪنڀ وٽ پپر جا ننڍا وڻ آهن جنهنڪري مٿس نالو پپرا سر پيل ڀانئجي ٿو. هيءَ تلاءُ نما ڪنب پپراسر جي آبشار جو پاڻي ئي جوڙي ٿو.
مقامي ماڻهن جون روايتون هن ڪنب ۽ آبشار کي غير مسلم ماڻهن سان منسوب ڪن ٿيون. چيو وڃي ٿو ته هت غير مسلم ماڻهن جي عبادت گاھ به هئي جيڪا ميسارجي وئي آهي. غير مسلم ماڻهن جي روايت جي لحاظ سان ۽ پپر جي وڻ جي نسبت سان ٻُڌمت ڏانهن ڌيان ڇڪجي ٿو. ڇاڪاڻ ته پپر جي وڻ جي ٻُڌمت ۾ مذهبي طور وڏي اهميت آهي. ٻوڌي مذهبي روايتن موجب مها آتما گوتم ٻڌ پپر هيٺان چلي (Mediation) مان گذريو ۽ پنٿ جاري ڪيو هو. پپر جي پن کي به ٻُڌ مت ۾ تقدس حاصل آهي. ان پسمنظر ۾ سوچيون ٿا ته غير مسلم واري مقامي ماڻهن جي روايت کي تقويت ملي ٿي ۽ ممڪن آهي ته هيءَ ماڳ ۽ آبشار ٻُڌمت سان تعلق رکندو هجي. سنڌ ۾ قديم آثارن منجهان ٻُڌمت جي ٻين علامتن کانسواءِ ٺڪرن تي پپر جي پن جي نقش نگاري پڻ دريافت ٿيل آهي.
تاريخي طور به معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ٻڌمت گهڻو وقت رهيو آهي. قبل مسيح ۾ موريا گهراڻي جي اشوڪا يا آسوڪا جي دور کان وٺي سنڌ ۾ ٻُڌمت يا ٻڌ ڌرم عام هو. موريا گهراڻي کان برھمڻ گهراڻي تائين ٻڌ ڌرم جو عروج رهيو. ايم ايڇ پنهور موجب ٻڌ ڌرم سومرن جي دور تائين به سنڌ ۾ رهيو. چچنامي ۾ ذڪر ڪيل ٻُڌيا پرڳڻو (ڪاڇو) به هن سحر انگيز آبشار کان ڪو گهڻو پري ناهي. هيءُ خوبصورت آبشار ٻُڌيا پرڳڻي کاناٽڪل 20 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع هو ۽ آهي. مونکي هن آبشار جي آس پاس جبلن ۾ نقش نگاري ۾ ٻُڌمت جا ٺُلھ ۽ ٻيون علامتون وڏي مقدار ۾ مليون آهن جيڪي به هن راءِ جي تصديق ڪن ٿيون. ٻُڌمت جي انهن علامتن بابت مون پنهنجن ڪتابن ڪاڇو هڪ اڀياس، سنڌ ٽوئرازم اين آر ڪيالاجيڪل جرني ، اي گلمپس ان ٽه هسٽري آف سنڌ ۽ انڊس اسڪرپٽ ان اسٽونز ڪتابن ۾ تفصيل سان ڪيو آهي. انهيءَ نسبت سان غالب گمان آهي ته پپرا سر جو آبشار ۽ ماڳ ٻُڌمت جي ماڻهن جو رهيو هوندو ۽ ممڪن آهي ته پپراسر نالو به تڏهوڪي زماني کان وٺي اڄ تائين رائج آهي.
بهرحال پپراسر سنڌ جي جابلو سلسلي ۾ هڪ پرڪشش ۽ پُر سحر ماڳ ۽ آبشار آهي جيڪو تاريخي، تفريحي ۽ سياحتي ماڳ آهي. هيءُ ماڳ گورک هل اسٽيشن ويندي رستي ۾ ئي پوي ٿو. وس وارا ادارا ۽ حڪومت سنڌ جي ڪوشش سان پپراسر آبشار سان گڏ پپراسر ڏانهن ويندي رستي ۾ ايندڙ ٻين ننڍن وڏن ڪنبن ۽ آبشار کي سياحتي مرڪز بڻائي سگهجي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *