تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

پير خادم حسين جي خون سان انصاف ڪير ڪندو؟

ڪنڊيارو سان تعلق رکندڙ پير خادم حسين کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، ايئن خبر نه هئي ته سوشل ورڪر جي قتل تي ايئن سوشل ميڊيا خاموش ٿي ويندي، 8 جون تي منهنجي سامهون هڪ خبر آئي ته ڪنڊيارو ڀرسان هڪ نوجوان جو ڪار مان گوليون لڳل لاش مليو آهي، لاش پوري طرح سان سڃاڻپ جهڙو نه هو، ٻئي ڏينهن تي مان ڳوٺ هليو ويس، ڳوٺ وڃي پير خادم سان رابطي جي ڪوشش ڪئي پر هُن جو نمبر بند هو، ڇو ته هو هن دنيا ۾ هيو ئي نه، ان ڪري نمبر به بند ۽ ان سان رابطو به نه ٿيو، واپسي بعد مهيني کانپوءِ مون هُن کي فيس بوڪ تي رابطو ڪيو ته اُن جي فرزند ميسيج ڪيو ته بابا ته قتل ٿي ويو آهي، مقتول جي وارثن عدالت توڙي ايس ايس پي نوشهروفيروز کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، پر جوابدارن کي اڃان تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو، پير خادم حسين جي پروفائيل تي وڃي ڏسجي ته هُن هر مظلوم انسان لاءِ آواز اٿاريو هو،هاڻي اسان کي به پير خادم حسين جي قتل خلاف آواز اٿارڻ گهرجي ته جيئن بيگناهه قتل ٿيل پير خادم حسين جي خون سان انصاف ٿي سگهي. (ثاقب سنديلو جي فيس بوڪ وال تان ورتل)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *