تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

پيئرن جو عالمي ڏهاڙو … اچو ته والدين جي اکين ۾ ڏک ڳوليون.! … عامر جوڻيجو

اڄ سنڌ سميت پوري دنيا ۾ فادرس ڊي  ملهايو پيو وڃي، هي ڏينهن هر سال جون مهيني جي 21 تاريخ تي ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو خاص مقصد پيئرن يعني والدين جي اهميت کي ساراهڻ آهي. ڏسجي ته والدين پنهنجي اولاد کي وڏيون تڪليفون سهي تعليم ۽ سٺي تربيت ڏيڻ باوجود به ظلمن جو شڪار آهن، سنڌ ۾ والدين سان ظلمن جا واقعا به روز جو معمول بڻجندا پيا وڃن، جيڪي اسان کي روزانو ميڊيا تي رپورٽ ٿيندي ملن ٿا. ڳالهه اُها ئي احساس جي وڃي بيٺي ته احساس کان بنا رشتا ۽ ناتا بي لاڀائتا هوندا آهن.  والدين هڪ اهڙي ڇپر ڇانوَ آهن جيڪي پنهنجي اولاد جا مٿان اس جا ڪرڻا به نه سهندا آهن، جيڪي ننڍپڻ کان وٺي ڏک ڏولاوا سهي اولاد کي سـٺي تعليم، تربيت ڏيندا آهن، انهن والدين جا ڪيترائي خواب هوندا آهن ته سندن اولاد وڏو ٿي سٺا آفيسر ٿي سندن سمورا ڏک مٽائي ڇڏيندا آهن پر ڪيڏو نه الميو هوندو جڏهن اُها ئي اولاد پنهنجي والدين جا سمورا خواب مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏي ۽ پنهنجي ابي امان کي ڏک ڏئي.
ايئن الائي ڇو ٿيندو آهي جو والدين کي هميشه اولاد جي وڏي ٿيڻ کانپوءِ رت جا ڳوڙها روئندي ڏٺو ويو آهي، شايد اولاد کي پتو نه هوندو ته کين ڪيڏن وڏن نازن سان ابي امان پاليو، وڏڙو ۽ ڪجهه بڻايو آهي پر الائي معاشري ۽ ماحول جي هوا گهلڻ کانپوءِ پراوا ٿي ويندا آهن ۽ والدين جي زندگي زهر بڻجي ويندي آهي. اسان توهان کي اهڙا واقعا روزانه ضرور ٻڌندي يا ڏسندي مليا هوندا، جتي وحشي اولاد پنهنجي پيءُ کي ننڍين ڳالهين يا ملڪيت جي لالچ ۾ اچي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏين ٿا. جيڪي واقعا انتهائي افسوسناڪ ۽ دل جھوريندڙ آهن. 
خدارا پنهنجي والدين کي نه ايذايو اُهي ئي اوهان جي ڏک سور جا حقيقي ساٿي آهن، ۽ قيامت تائين رهندا، امڙ جو رشتو ته اُهو آهي جو ڪوبه اولاد پنهنجي ابي جي نالي سان نه پر امڙ جي نالي سان پڪاريو ويندو، ان کان علاوه خداتعاليٰ امڙ جي پيرن هيٺان جنت رکي آهي، اُن جنت جي زندگي جهنم بڻائيندڙ اولاد کي ٿورڙو سوچڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ اولاد کي هن پيئرن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي والدين پوءِ اهي ڪنهن به ڄمار ۾ هُجن پيرسن هجن يا اڌڙوٽ سندن سار لهن ۽ انهن جي اکين ۾ ڏک تلاش ڪري اُنهن کي ڪوري ڪپي اُڇلايو ۽ اچو ته سڀ گڏجي والدين کي انهن جي شان مطابق عزت مان ۽ مرتبو ڏيون ان ۾ ئي اسان سڀني اولاد جي چڱائي ۽ ڪاميابي آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *