تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

پولينڊ ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا … ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو

پولينڊ اوڀر يورپ جو اهو ملڪ آهي جتي ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ تمام وڏو جاني نقصان ٿيو. مشهور نازي ڪئمپون به هن ملڪ جي اندر قائم ڪيون ويون جتي لکين ماڻهن کي ساڙيو ۽ ماريو ويو. هن ملڪ جي آباد هن وقت 38 ملين يعني 3 ڪروڙ ۽ 80 لک جي لڳ ڀڳ آهي. جڏهن ته پولينڊ جي ايراضي 312,696 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي. هي ملڪ 16 ايڊمنسٽريٽو ڊويزن ۾ ورهايل آحي. هن ملڪ جي گادي جو هنڌ وارسا آهي، موسم جي لحاظ کان ڊسمبر کان مارچ سرد رهي ٿو جنهن ۾ ٽيمپريچر مائنس پنج تائين وڃي سگھي ٿو جڏهن ته جون کان آگسٽ تائين موسم گرم رهي ٿي. اهڙي طرح باقي مهنيا موسم وچٿري رهي ٿي. هي ملڪ هن وقت تائين 19 نوبل پرائز حاصل ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ 2018ع جو ادب بابت نوبل انعام به شامل آهي، جڪو هتان جي ليکڪا اولگا کي ڏنو ويو. اهڙي طرح هن وقت تائين صرف ادب جي شعبي ۾ پولينڊ ڇهه ڀيرا نوبل پرائز حاصل ڪري چڪو آهي. يورپ جي ٻيو نمبر پراڻي يونيورسٽي The Jagiellonian University پولينڊ آهي جيڪا 1364ع ۾ قائم ٿي. پولينڊ ۾ تعليم بابت رهنمائي خاطر پالش منسٽري آف سائنس ۽ هائر ايجوڪيشن طرفان www.go-poland.pl ويب سائيٽ ٺهيل آهي، جتي پولينڊ ۾ داخلا، خرچ ، رهائش ۽ اسڪالرشپ کان ويندي ويزا بابت مڪمل معلومات ڏنل آهي، ڪنهن به شاگرد کي پولينڊ جي ڪلچر ۽ تاريخ بابت به هي ويب سائيٽ ڪارائتي معلومات ڏيئي ٿي. پولينڊ جي حڪومت 2012ع ۾ پالش نيشنل اڪيڊمي فار اڪيڊمڪ ايڪسچينج (NAWA) طرفان پولينڊ ۾ پرڏيهي شاگردن کي آڻڻ لاءِ “Ready, Study, Go! Poland” مهم جو به آغاز به ڪيو ويو هو.
پولينڊ ۾ اعليٰ تعليم ۽ يونيورسٽيون
دنيا جي ٻين ملڪن جيان پولينڊ ۾ به پبلڪ ۽ پرائيويٽ تعليمي ادار موجود آهن، جن ۾ اڪيڊمڪ ۽ ووڪيشنل تعليم ڏيڻ لاءِ الڳ الڳ تعليمي ادارا آهن. سال 2020ع جي ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ ۾ پولينڊ جو 16 يونيورسٽيون شامل آهن جن ۾ پولينڊ جي پهرين ۽ يورپ جي ٻيو نمبر پراڻي يونيورسٽي Jagiellonian- يونيورسٽي 338 نمبر تي، يونيورسٽي آف وارسا 349 نمبر تي آهي ۽ وارسا يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي 500 نمبر جي رينڪ ۾ شامل آهي. ان کان علاوه adam-mickiewicz يونيورسٽي ۽ nicolaus-copernicus يونيورسٽي به 800 کان 900 جي رينڪ ۾ شامل آهن. هن ملڪ ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ بابت رهنمائي خاطر هن ويب سائيٽ تي تفصيل ڏنل آهن. https://go-poland.pl/
جنهن جي سب ڊومينhttps://go-poland.pl/scholarships-within-bilateral-agreements۾ اسڪالرشپس جو تفصيل آهي. ان کان علاوه هن لنڪ تي به پولينڊ ۾ اسڪالرشپ ۽ فنڊنگ بابت معلومات ڏنل آهي. https://nawa.gov.pl/en/. پولينڊ طرفان اسڪالرشپس بابت تفصيل ۾ گڏيل ايڪسچينج پروگرام ، ترقي پزير ملڪن جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپس کان علاوه، يورپ جي گڏيل اسڪالرشپ پروگرامن تحت ترقي پزير ملڪن جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ کان علاوه يونيسڪو هيريٽيج ۽ مختلف عالمي ادارن تحت ملندڙ اسڪالرشپ تحت به پولينڊ ۾ داخلا حاصل ڪري انهن ادارن مان فنڊنگ وٺي سگھجي ٿي. جنهن لاءِ تفصيل مٿي ڏنل لنڪس تي ڏسي سگھجي ٿي.
پولينڊ جا مشهور ماڻهو
هن ملڪ جو مشهور سائنسدان نڪوليئس ڪوپرينڪس جنهن سولر سسٽم جو تصور ڏنو ۽ سمجهايو ته دنيا جو مرڪز ڌرتي نه پر سج آهي جنهن جي چوڌاري باقي گره گردش ڪن ٿا. ان کان علاوه مشهور اينٿروپالاجسٽ برونسلا ملنواسڪي جو تعلق به هن ملڪ سان آهي.
رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ
پولينڊ باقي سموري يورپ جي ڀيٽ ۾ سستو ملڪ آهي. گھٽ بجيٽ وارن شاگردن لاءِ هن ملڪ ۾ رهائش افورڊ ڪرڻ به آسان آهي. جتي 400 يورو کان گھٽ بجيٽ ۾ به مهينو گذاري سگھجي ٿو. مثال طور هاسٽل ۾ رهائش جا ماهوار 60 يورو آهن جڏهن ته يونيورسٽي کان ٻاهر گڏيل رهائش به 100 کان 200 يورو اندر ٿي وڃي ٿي. اهڙي طرح 2 يورو ۾ هڪ ويلو ماني کائي سگھجي ٿي. 10 يورو سڄو مهينو پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ گھمڻ لاءِ ڪافي آهن. ڪافي 1.5 يورو ۾ ملي ٿي. ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو رهائش ۽ کاڌي پيتي لاءِ باقي يورپ جي ملڪ جي ڀيٽ ۾ اڌ جيترو خرچ پولينڊ ۾ اچي ٿو.
پولينڊ ۾ ٽيوشن فيس
بيچلر ۽ ماسٽرس ڊگري پروگرامن ۾ ٽيوشن فيس 2000 کان 600 هزار يورو تائين آهي، پر اهم ڳالهه ته ريسرچ ڊگري يعني پي ايڇ ڊي لاءِ ڪابه فيس نه آهي، بلڪه ريسرچ ڪرڻ ۾ مدد لاءِ مختلف فنڊنگ به ڏني وڃي ٿي. بحرحال فيس ۽ اسڪالرشپ بابت تفصيل يونيورسٽين جي ويب سائيٽ تي ڏسڻ گھرجن. اڪثر فيس انگلش پروگرامن ۾ آهي نه ڪي پالش لينگئيج پروگرامن ۾.
پولينڊ جي تعليم ادارن ۾ پرڏيهي شاگردن لاءِ
هن وقت پولينڊ ۾ پرڏيهي شاگردن جو تعداد 57 هزار آهي، جيڪو تعداد پولينڊ جي سمورن شاگردن جو 4 سيڪڙو آهي. مجموعي طور پرڏيهي شاگردن جو گھڻو تعداد يورپ جي ٻين ملڪن مان ئي آهي پر سڀ کان گھڻا شاگرد يوڪرين جا آهن. ايشيا مان به 7 هزار شاگرد پولينڊ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهي رهيا آهن. جڏهن ته آمريڪا توڙي آفريڪا جي ملڪن مان به ڪجهه شاگرد پولينڊ ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *