تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

پهرين مئي 1977ع

ترڪي ۾ عثمانيه سلطنت دوران پهريون ڀيرو مزدورن جو عالمي ڏينهن 1912ع ۾ ملهايو ويو. پوءِ 1928ع کان 1975ع تائين ڪنهن به سال مزدورن جو ڏينهن نه ملهايو ويو. پهرين مئي 1976ع تي وري مزدورن جو ڏينهن ملهايو ويو، ان جي ٻئي سال اهي افواهه هليا ته 1977ع ۾ ٿيندڙ مزدورن جو ڏينهن خوني ڏينهن ۾ بدلجي ويندو، ان باوجود به 5 لک ماڻهو استنبول جي تقسيم اسڪوائر تي گڏ ٿيا. اوچتو مختلف هنڌن تان مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن مٿان فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو. ايتري ۾ سيڪيورٽي فورسز بڪتربند گاڏين سان اچي مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ شروع ڪيو. فائرنگ دوران اٽڪل 34 کان 42 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته 125 ڄڻا زخمي ٿيا. اها فائرنگ ڪنهن ڪئي، ان جي پٺيان ڪير هو، ان بابت پتو نه پئجي سگهيو، مظاهري ۾ شريڪ 50 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جن کي بعد ۾ ڇڏيو ويو.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *