تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

پهرين عالمي جنگ … روشن داس

پهرين عالمي جنگ، جنهن ۾ ڪروڙين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، 28 جون 1914ع تي شروع ٿي، ڇاڪاڻ ته هڪ يوگوسليوَ قومپرست، آسٽريا ۽ هنگريءَ جي گڏيل سلطنت جي ولي عهد آرچ ڊيوڪ فرانز فررڊينڊ ۽ سندس زال صوفي کي سراجيوو شهر ۾ قتل ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ ٻن مهينن اندر آسٽريا، هنگري ۽ جرمنيءَ جون محوري طاقتون هڪ طرف ۽ روس، فرانس، برطانيه ۽ اٽلي جون اتحادي طاقتون ٻئي طرف ٿي، هڪ ٻئي خلاف جنگ ۾ شامل ٿي ويون. 11 نومبر 1918ع تي وڙهندڙ ملڪن ۾ جنگبنديءَ جي ٺاهه تي صحيحون ٿيڻ تائين ٻنهي پاسن جا 2 ڪروڙ ماڻهو مارجي چڪا هئا، جن ۾ هڪ لک تيرهن هزار آمريڪي سپاهي به شامل هئا. ان کان سواءِ ٻه ڪروڙ ماڻهو زخمي به ٿيا هئا. دنيا پهريون ڀيرو ايڏي وڏي پئماني تي ۽ ايڏي وڏي عرصي (1914ع کان 1918ع) تائين جاري رهندڙ عالمي جنگ ۾ خونريزي، جاني ۽ مالي نقصان ڏٺو، جنهن ۾ زهريليون گيسون، نوان نوان هٿيار، بمباريءَ کانسواءِ نئين فوجي ٽئڪنالاجي استعمال ٿي.
جنگ جو پسمنظر ۽ ان جا مُکيه سبب:
هن جنگ جي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي يورپ جي مختلف طاقتن ۾ ڇڪتاڻ تمام گھڻي وڌي چڪي هئي. هڪ طرف فرانس، روس ۽ برطانيه هئا ته ٻئي طرف جرمني، آسٽريا هنگري ۽ اٽلي هئا. جنگ جي شروع ٿيڻ بعد ترڪي ۽ بلغاريه به جرمنيءَ سان شامل ٿي ويا ۽ بيلجيم، سربيا، يونان، رومانيه، مانٽينگرو، پورچوگال ۽ جاپان اتحادي طاقتن سان شامل ٿي ويا. هي ٻئي ڌريون بيلنس آف پاور’ يعني فوجي طاقت جو توازن رکڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هيون، پر ڌرين ۾ امن ۽ صلح کي قائم رکڻ ڏکيو ٿي نظر آيو، جنهن جا هيٺيان سبب هئا:
اهي ٻئي ڌريون آفريڪا، ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ پنهنجي لاءِ نيون نيون ڪالونيون هٿ ڪرڻ ۽ پنهنجون بادشاهتون وڌائڻ ۾ رڌل هيون. تڪڙي صنعتي ترقيءَ کانپوءِ فوجي ۽ جنگي سامان جي تياري وڌي ويئي هئي.*ڪيترن قدامت پسند بيٺڪِي ۽ صنعتي طاقتن کي پنهنجن ملڪن ۾ به پنهنجي پڙهيل ڳڙهيل وچولي طبقي، سجاڳ مزدورن ۽ سوشلسٽ/ ڪميونسٽ تنظيمن طرفان سخت دٻاءُ کي منهن ڏيڻو ٿي پيو.*علائقائي، اقتصادي، تجارتي ۽ بيٺڪِي مفادن، رقابتن ۽ حسد، گڏيل اعتماد ۽ تعاون کي ختم ڪري ڇڏيو.*سڀني وڏين طاقتن وڏي پئماني تي هٿيار ٺاهڻ شروع ڪري ڏنا هئا.*جرمنيءَ کي جنگ شروع ڪرڻ جي ان ڪري تڪڙ هئي، جو ان جي خيال ۾ ان کي پنهنجي وڏي دشمن روس کان هٿيارن ۾ برتري حاصل هئي.*جرمنيءَ کي روس ۽ فرانس جي فوجي اتحاد جي ڪري به خطرو هو، ته اها ٻنهي پاسن کان حملن ۾ اچي ويندي. ان ڪري ان فرانس تي وڏو حملو ڪري، ان کي فيصلائتي شڪست ڏيڻ چاهي ٿي، جيئن ان کان پوءِ اهو هڪ طرفو ٿي پوري طاقت سان روس تي حملو ڪري.
28 جون 1914ع تي روس جي اتحادي ملڪ سربيا جي سرزمين تي سراجيو شهر ۾ جرمنيءَ جي اتحادي ملڪ آسٽريا هنگريءَ جي ولي عهد کي سندس زال صوفي سميت هڪ قومپرست جي هٿان قتل ٿيڻ ڪري آسٽريا، هنگريءَ جي سلطنت، جرمنيءَ کان مدد طلب ڪئي ۽ آسٽريا ۽ جرمني گڏجي 28 جون تي سربيا خلاف جنگ جو اعلان ڪيو، روس پنهنجي اتحادي سربيا جي مدد جو اعلان ڪيو ته جرمنيءَ به روس خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. فرانس، روس سان فوجي معاهدن سبب جرمنيءَ جي خلاف ميدان ۾ لهي پيو. ڪجهه ڏينهن ۾ جرمني، فرانس تي بيلجيم مان لنگهي حملو ڪيو ۽ بيلجيم سان اڳواٽ موجود دفاعي سهڪار جي معاهدي تحت برطانيه جرمنيءَ خلاف جنگ ۾ ٽپي پيو ۽ پوءِ جلد يورپ جا ٻيا رهيل ملڪ به جنگ ۾ شامل ٿي ويا. حقيقت ۾ 1910ع تائين يورپ جا سڀئي ملڪ يا ته جرمني ۽ آسٽريا هنگريءَ جي ڪئمپ ۾ يا وري انگلينڊ، روس ۽ فرانس جي ڪئمپ ۾ شامل ٿي چڪا هئا ۽ هڪٻئي کي ڌمڪيون ۽ چتاءُ ڏيڻ سان گڏ انهن فوجي چرپر ۽ هٿيارن جي تياري شروع ڪري ڏني هئي. پوري يورپ جي مختلف ملڪن ۽ قومن پاڻ کي مختلف گروهن ۾ ۽ فوجي معاهدن ۾ جڪڙي ڇڏيو هو، هي دفاعي معاهدا انهن جي هڪٻئي کان خوف ۽ پنهنجي بچاءَ جي ڪوشش جي پيش نظر ڪيا ويا هئا. تنهن ڪري جيئن ئي هڪڙي ملڪ تي حملو ٿيو ٿي ته ٻيا ملڪ به جنگ ۾ شامل ٿيندا ٿي ويا. هنن جنگي معاهدن جي ڪري ئي بعد ۾ آمريڪا، جاپان ۽ اٽلي به اتحادين پاران جنگ ۾ شامل ٿي ويا.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *