تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

پنهون … ناول جو تنقيدي جائزو … اڪبر لغاري

ادب جا ڪيترائي قسم آهن. هڪڙو ادب رڳو عڪاسي ڪندو آهي ۽ ٻيو عڪاسي ڪرڻ سان گڏ مزاحمت به ڪندو آهي. مزاحمت سياسي ۽ سماجي به ٿيندي آهي ته فڪري، نظرياتي ۽ ثقافتي پڻ. منظور ٿهيم جو هي ناول به مزاحمتي آهي، جنهن ۾ مزاحمت جا سڀ ئي رنگ موجود آهن پر سياسي رنگ وڌيڪ نمايان آهي.ڄام درڪ هڪ سڄاڻ نوجوان آهي جنهن جي يادگيري ۾ اهو ڀيانڪ منظر نقش ٿيل آهي جنهن ۾ ننڍي هوندي هن جي ڳوٺ تي بمباري ڪئي ويئي هئي. هن  جي ملاقات هڪ ٻي نوجوان توڪلي سان ٿئي ٿي جيڪو هڪ محبتي، انقلابي ۽ مدبر ماڻهو آهي. توڪلي جي ڳوٺ مان هڪ نوجوان اچانڪ غائب ٿي وڃي ٿو جنهن جو نالو پنهون آهي. پنهون توڪلي جي ڳوٺ ۾ مهمان بڻجي آيو هو ۽ ڪوئيٽا يونيورسٽي جو شاگرد هو. هو يونيورسٽي ۾ هر دلعزيز ۽ هڪ انقلابي جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هو. پنهون جي غائب ٿيڻ سان، سڄي بلوچستان جي نوجوانن ۾ سخت بيچيني پکڙجي وڃي ٿي ۽ هو سندس زندگي بابت فڪر مند ٿيندي، هن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏين ٿا. لاهور ۾ نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۾ باران بلوچ پڙهي ٿو جيڪوپڻ پنهون وانگر هر دلعزيز آهي. سندس چوياري ۾ سرائيڪي ڇوڪري خديجه، سنڌي ڇوڪري رتنا ۽ اردو ڳالهائيندڙ طلعت آهي. اهي ڇوڪريون مائٽن سان بغاوت ڪري، آرٽس جي تعليم پيون حاصل ڪن.باران انهن کي پنهون بابت پنهنجي فڪر مندي کان آگاهه ٿو ڪري جنهن تي سڀئي ڄڻا پنهون جي بازيابي لاءِ  ڪوئيٽا جو رخ ڪن ٿا.
ڪوئيٽا ۾ هي گروپ،  توڪلي، سندس ڀاءُ پيرڪ، ڄام درڪ ۽ پنهون جي ڀيڻ فرزانه، سڀ گڏجي پنهنجي جدوجهد جو آغاز ڪن ٿا. هو پريس ڪانفرنسون ڪن ٿا، ڪورٽ ۾ پٽيشن دائر ڪن ٿا، باغين سان ملن ٿا، يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن سان ملاقاتون ڪن ٿا پر پنهون جو ڪو اتو پتو نٿو ملي. آخر هنن جون اميدون دم ٽوڙڻ لڳن ٿيون پر ان وقت توڪلي هڪ وڏو فيصلو ڪري ٿو. هو پنهون جي بازيابي لاءِ، پريس ڪلب ٻاهران، مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال تي ويهي ٿو. ٻي ڏينهن، يڪجهتي طور، وڏي تعداد ۾ ماڻهو ساڻس گڏ بک هڙتال تي ويهن ٿا. ڪجهه ڏينهن ۾ ميڙ ايترو وڏو ٿي وڃي ٿو جو انتظاميه کي حرڪت ۾ اچڻو پوي ٿو. پريس پنهنجو پورو فرض نڀائي ٿي ۽ جدوجهد هڪ وڏي طوفان ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. هفتي کن کان پوءِ ، پنهون کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪو ڏوهه ثابت نه ٿيڻ سبب، ڪورٽ کيس بري ڪري ڇڏي ٿي.
هن ناول جي ٻولي سليس ۽ عام فهم آهي ۽ منجهس پڙهڻ جو چس به آهي. پڙهڻ وقت گھڻو سوچڻ جي ضرورت نٿي پوي تنهنڪري پڙهڻ ۾ رواني اچي وڃي ٿي. ناول ۾ بلوچستان جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي تمام سٺي عڪاسي ڪيل آهي. بلوچستان جا هونئن ته گھڻا ئي مسئلا آهن پر انهن ۾ قومي ۽ طبقاتي مسئلا سرِ فهرست آهن. فاضل مصنف، مختلف بحثن ذريعي، انهن مسئلن کي خوب نروار ڪيو آهي جن جو تت ڪجهه هن ريت بيهي ٿو: بلوچن کي وفاق کان شروع کان وٺي شڪايتون رهيون آهن ته وفاق ۾ شامل ٿيڻ سان هڪ ته سندن تشخص ختم ٿي ويو آهي ۽ ٻيو سندن وسيلن تي سندن مالڪي نه رهي آهي. سردار ۽ انهن جا پوئلڳ، وفاق سان گڏ رهڻ نٿا چاهين. انگريز جي زماني کان وٺي، بلوچ سردار، پنهنجي عوام تي ظلم مٿان ظلم ڪن ٿا پر ڏاڍي جي اڳيان ۽ اقتدار ۾ حصي خاطر، هو غلام ٿيڻ لاءِ  به تيار آهن. پڙهيل لکيل نوجوانن جو هڪ تعداد قومي جدوجهد بدران  طبقاتي جدوجهد جي حق ۾ آهي ۽ هو سرداري نظام مان جند ڇڏائڻ چاهي ٿو. اها سوچ ان وقت تمام زور هئي جڏهن سوويت يونين اڃا زندهه هو ۽ افغانستان ۾ سوشلزم اچي چڪو هو. هو چون ٿا ته سرداري نظام جي موجودگي ۾، جيڪڏهن بلوچستان، الڳ ٿي به ويو تڏهن به عام ماڻهو ساڳي ٻوهي ۾ هوندو. ان کان علاوه، مصنف، فرقيواريت جي باهه ۾ ٻرندڙ ۽ سرداري رسمن جهڙوڪ چر ڀيلي ۾ سڙندڙ، غربت، بيماري ۽ جهالت ۾ پچندڙ، بي رحم ۽ غير انساني روايتن جي پڻ چڱي عڪاسي ڪئي آهي.
مجموئي طور ڪردار نگاري به بهتر آهي پر ڪيترن ڪردارن جي ڪردارنگاري اڌوري ٿي محسوس ٿئي. طلعت، رتنا ۽ خديجه جي ڪردارن تي وڌيڪ لکڻ جي ضرورت هئي. شروع ۾ ائين لڳو ته ڄام درڪ مک ڪردار آهي پر اڳتي هلي توڪلي مک ڪردار بڻجي ويو ۽ ڄام درڪ ۽ خديجه مددي ڪردار بڻجي ويا. پنهون جي ڪردارنگاري به مختصر آهي. پنهون نالو شايد علامتي به آهي ڇو ته  سسئي وارو پنهون به پنهنجي دور ۾ کنڀجي ويو هو.   هن ناول ۾ بحثن جي ڪثرت آهي. هر مسئلي تي ڊگها بحث موجود آهن. خديجه، ڪوئيٽا يونيورسٽي ۾ وڃي، اتي جي شاگردن کان ڊگها انٽرويو ٿي وٺي، بلڪل ائين جيئن، سياسي رسالن ۾ ڇپجندڙ ڊگها سياسي انٽرويو هوندا آهن. وري توڪلي جي محفل هجي يا ڪا ٻي چوياري، سڀ جا سڀ دانشورن وانگر ڳالهائين ٿا ۽ ڊگها سياسي توڙي سماجي بحث ڪن ٿا. ان وقت ائين لڳي ٿو ته ڪو سياسي ڪتاب يا رسالو پيو پڙهجي يا ڪو ليڪچر پيو ٻڌجي. ناول جو خيال ئي دل مان محوَ ٿيو وڃي. ناول ۾ جان ان وقت پئجي وڃي ٿي جنهن وقت، توڪلي مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال جو اعلان ٿو ڪري ۽ اهو به ناول جي آخري پندرهن صفحن ۾. نه ته طويل بحث ذهني طور ٿڪائي ڇڏين ٿا.
بلوچستان جي قبائلي زندگي، عام ماڻهو جي حالتِ زار، سماجي ۽ معاشي ناهمواري وغيره جي خبر به رڳو ڪچهرين ۽ انٽرويوز مان ٿي پوي. قصه گوئي جي کوٽ شدت سان محسوس ٿئي ٿي. قصه گوئي ناول ۾ دلچسپي پيدا ڪندي آهي. هتي ڪجهه ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون ۽ واقعا تخليق ڪري، اهي مسئلا، بيان ڪرڻ بدران ٿيندي ڏيکاريا وڃن ها، ڪجهه ڪهاڻيون سردارن جي ظلم جون، ڪجهه غربت ۽ جهالت جون ته ڪجهه محبت ۽ سخاوت جون به هجڻ گھرجن ها باقي جيڪڏهن هر مسئلي تان پردو کڻڻ لاءِ ، رڳو گفتگو جو ئي سهارو وٺڻو آهي ته پوءِ  ان کي ناول سڏڻ جي تڪلف ڇو ڪجي. ڪو ٻيو نالو به ڏئي سگھجي ٿو.پنهنجي ڪجهه خامين باوجود هي هڪ بهتر ناول آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *