تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

پنهونءِ ساڻ پريت … ڊاڪٽر نواز علي شوق

هيءَ هڪ حقييت آهي ته شمس العلماءِ مرزا قليج بيگ، پيرحسام الدين ۽ ڊاڪٽر بني بخش خان بلوچ جيڪو علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم ڪري ويا. اسان شايد پيڙهين تائين اهڙو شاندار ۽ شاهڪار ڪم نه ڪري سگهون. سنڌ تي الله پاڪ جو اهو احسان آهي جو هڪڙيون هستيون هتي پيدا ٿيون، جن اسان جو مانُ مٿاهون ڪيو، باقي مضمون. ناول. افسانا ۽ ڊراما لکبا رهبا، شاعريءَ جو شغل به جاري رهندو سڀ اکين تي پر اسان هن عالمن کي ڪجهه تحقيق طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي، هتي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي شاهه جي رسالي بابت ڪيل تحقيق متعلق هڪ تاثر پيش ڪري رهيو آهيان.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هونئن ته هر هڪ ڪم، اهو لوڪ ادب هجي، لغات هجي يا ڪلاسيڪي شاعريءَ سڀ مثالي ڪم آهن. خاص طور ڊاڪٽر صاحب شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي رسالي تي جيڪا تحقيق ڪئي آهي. منهنجي ذاتي راءِ آهي ته اهو سندن مڙني ڪمن کان مٿاهون آهي. هن پنجاهه قلمي نسخا ۽ سورهن ڇاپي رسالا آڏو رکي. انهن جو ڀيٽ وار اڀياس ڪري مستند شاهه جو رسالو تيار ڪيو. اهڙو ڪم صديون اڳ ڪنهن به نه ڪيو. قلمي نسخا هٿ ڪرڻ ۽ اها اڳواڻي پراڻي صورت خطي پڙهڻ به هڪ وڏو ڪارنامو آهي.
ڊاڪٽر بلوچ هن رٿا تي انهيءَ اصول موجب ڪم شروع ڪيو ته جداجدا رسالن ۾ شامل جملي ڪلام کي ڪن پڪن پختن علمي ۽ تنقيدي معيارن تي پرکي شاهه جي پنهجي ڪلام ۽ ٻئي گڏيل ڪلام کي جدا ڪجي، ان ڪري جملي اٺن معيارن جي پرک سان “شاهه جي پنهنجي ڪلام ”۽ “رسالي ۾ شامل ٻئي ڪلام”جي وچ ۾ فرق ڪيو ويو آهي. اهي اٺ معيار هي آهن:
1-رسالن جي تعداد جو معيار 2-رسالن جي قدامت جو معيار 3- رسالن جي ڀيٽ جو معيار 4-ٻوليءَ جو معيار 5-شاعريءَ جو معيار 6-بيان جو معيار 7، معنيٰ ۽ مفهوم جو معيار 8- اعليٰ فهم ۽ فڪر جو معيار.
ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب هر سر جي داستانن ۽ هر هڪ داستان هيٺ بيتن ۽ واين جي ترتيب تي ڌيان ڏيئي، انهن کي سهڻي ترتيب ڏني، جيڪو انتهائي مشڪل مسئلو هو، جنهن کي موضوع جي تقاضا، بيان جي ربط ۽ معنيٰ جي سلسلي جي لحاظ سان وڏي سوچ ويچار بعد حل ڪيو ويو. هر بيت ۽ وائي جي هر لفظ ۽ هر سٽ کي مختلف قلمي توڙي ڇاپي رسالن سان ڀيٽڻ ۽ وڌيڪ صحيح ۽ سهڻين پڙهڻين اختيار ڪرڻ طرف خاص توجه ڏنو ويو، ( شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام جلد ٻيو مهاڳ. ص الف.ب)
ڊاڪٽر صاحب 50 قلمي نسخن جو قيمتي مواد سنڌ جي عالمن، اديبن خاص طور شاهه جي شيداين کي ڏيئي ويو آهي. اهو اهڙو احسان آهي، جهڙو اڳ ڪنهن به عالم ڪو نه ڪيو. هي اهڙو علمي، ادبي ۽ روحاني تحفو آهي، جهڙو اڳ ڪنهن به نه ڏنو مطلب ته بلوچ صاحب اسان سڀني سنڌين کي (اهي دنيا جي ڪهڙي به ملڪ ۾ رهندا هجن ) هڪ وڏو خزانو ڏيئي ويو آهي. هينئر اسان جو فرض آهي ته سڀني مان ڪينو ڪڍي. بغض واري باهه وسائي، ساڙ کي ساڙِي عقل ۽ انصاف واري اک سان ان جو اڀياس ڪريون هيڏي وڏي ڪم جي ساراهه نه ڪرڻ سراسر بخيلي ۽ تنگ نظري آهي. ڊاڪٽر صاحب جو شاهه جي رسالي تي ڪيل مثالي ڪم، جيڪو جلدن تي مشتمل آهي ۽ مستند شاهه جي رسالي سان گڏ شاهه صاحب جي مستند سوانح لکڻ ۽ رسالي جي لغت “روشني” جيڪا پنهنجو مٽ پاڻ آهي، هينئر اچو ته اهڙي معياري تحقيقي ڪم جو گهرائي سان مطالعو ڪري تحقيق جا طريقا ۽ انداز سکون.
ٽرمپ وارو شاهه جو رسالو جيڪو 1866ع ۾ جرمني مان شايع ٿيو. ان کي اها اهميت حاصل آهي جو اهو شاهه صاحب جو پهريون ڇاپي رسالو آهي. ڊاڪٽر صاحب تحقيق ڪري ٻڌايو آهي ته ٽرمپ اهو رسالو هڪ ڏيهي منشي کان تيار ڪرايو هو. ان منشي ٽرمپ جي چوڻ تي ڪيتريون ئي وايون پاڻ ٺاهي رسالي ۾ شامل ڪيون. ( جن جي ڊاڪٽر صاحب نشان دهي ڪئي آهي) اهي وايون شاهه صاحب جي ڪنهن به قلمي رسالي ۾ موجود نه آهن. ان کان علاوه جن واين جي آخري مصرع ۾ “ اديون عبدالطيف چئي“ لکيل نه هو منشي صاحب انهن ۾ ” اديون عبدالطيف چئي ” جو اضافو ڪري ڇڏيو ( ڊاڪٽر انهن واين جي پڻ نشان دهي ڪئي آهي وڏي ڳالهه ته ڊاڪٽر گربخشاڻي جهڙي عالم به پنهنجي تيار ڪيل شاهه جي رسالي ۾ اهي وايون شامل ڪري ڇڏيون. جيئن ته گربخشاڻي وڏو عالم هو، تنهن ڪري شاهه جي ٻين شارحن شاهواڻي ۽ آڏواڻي ۽ ڪن ٻين گربخشاڻي جي پيروي ڪندي. پنهنجي تيار ڪيل رسالن ۾ شامل ڪري ڇڏيون. ڊاڪٽر گربخشاڻي کان اڳ سرڪاري ڇاپي ۽ مرزا قليج بيگ واري رسالي ۾ اهي شامل ٿي چڪيون هيون. تنهن ڪري اهي شاهه جون ٿي ويون. جڏهن مشهور فنڪارن اهي ڳايون پوءِ ته هيڪاري انهن تي مُهر لڳي وئي. (ڏسو شاهه جو رسالو جلد ڏهون) رسالي جو ڪلام ص _16 کان 19 ). ڊاڪٽر صاحب هڪ ٻي غلطي تي نشان دهي ڪندي لکيو آهي ته وڏن سورن خاطر سنڌ جا وڻجارا ڏوراهين ماڳ جاوا ۽ سو ماترا وارن بندرن تي ويندا هئا. جن ۾ سامونڊرا ۽ پرلڪ کي خاص اهميت هئي. پر لڪ کي لڪ يا لڪا جي نالي سان پڻ سڏيو ويو. اتي سون جا سورا ٿيندا هئا يا سون جهڙي نفحي واري ڪمائي ٿيندي هئي. ان جو اهو احڃاڻ ته:
لڪا لڪا ڪن، لئي لڪا جي اوهرتا
سڻي سون لڪا جو، سُک نه سامونڊرين
(شاهه جو رسالو،شاهه جو ڪلام، جلد ٻيو ( ص_31)
شاهه جي شارحن ان بيت ۾ “ لڪا“بجاءِ“ لنڪا” لکي ڇڏيو. پوءِ اهو بيت هن پڙهڻي سان مشهور ٿي ويو.
لنڪا لنڪا ڪن، لئي لنڪا جي اوهرتا
سڻي سون لنڪا جو، سُک نه سامونڊين
ڊاڪٽر بلوچ پهريون عالم آهي جيڪو اتي ويو ۽ حقيقت ڪري ٻڌايائين ته سامونڊرا ۽ پرلڪ اهي ٻئي مشهور ماڳ سوماترا جي شاهي ٻيٽ جي اوڀر واري ڪناري سان هئا. اتان جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته: ستين صدي هجري ( تيرهين صدي عيسوي) ۾ ملڪ صالح “سامونڊرا” رياست جو بنياد وڌو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ سامونڊرا هو، جيڪو سلطان ملڪ صالح جي حڪومت واري دور يعني ستين صدي هجري ۾ ملڪ جو وڏو بندر بڻيو ۽ چوڏهين پندرهين صدي عيسوي ۾ بين الاقوامي واپار جو وڏو مرڪز ٿي ويو. انهيءَ دور ۾ ئي سامونڊرا سنڌ جي پرڏيهي واپارين جي منزلءِ مقصود بڻيو. انهيءَ لحاظ کان کين“سامونڊي” سڏيو ويو.”
( ساڳيو ڪتاب ص( 31_ 32)
ان کي ئي تحقيق چئبو آهي. باقي گهر ۾ ويهي ٻه چار ڪتاب سامهون رکي اٿلائڻ پٿلائڻ سان تحقيق جو حق ادا نه ٿو ٿئي. ان لاءِ وڏي سخت ۽ جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي.
ڏونگر نه ڏوري ۽ سڪڻ جون سڌون ڪري
گهر ويٺي گهوريءَ ڄندڙو ڄام پنهونءُ تان
حقيقت هيءَ آهي ته ڊاڪٽر صاحب ٽيهه ورهيه محنت ڪري ۽ پنجاهه قلمي ۽ سورهن ڇاپي رسالا آڏو رکي. انهن جو ڀيٽ وار اڀياس ڪري شاهه جي شيداين کي ڄڻ کين اونداهي غار مان ڪڍي، روشن راهه تي آڻڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي، جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته ٻين سمورن شاهه جي رسالن ۾ گنج کان وٺي هن وقت تائين جي جڙيل رسالن ۾ شاهه جي ڪلام سان گڏ ٻين شاعرن جو ڪلام سٿيو پيو آهي ڇاپي رسالا ته شاهه عنايت، خواجه محمد زمان لواري واري ۽ شاهه ڪريم بلڙي واري جي ڪلام سان ڀريا پيا آهن. ان کان علاوه انهن ۾ ڪيترن ئي بيتن جون غلط پڙهڻيون ڏنل آهن.
شاهه جو رسالو هڪ بحر آهي، هيڏي وڏي ڪم ۾ ممڪن آهي ته ڊاڪٽر صاحب کان ڪي سهوون ٿي ويون هجن، انهن بابت عالم اديب پنهنجا ويچار پيش ڪري سگهن ٿا. پر منهنجي خيال ۾ اهي تمام ٿوريون نه جهڙيون يا اٽي ۾ لوڻ جيتريون به نه هونديون. باقي ٻين رسالن کي ڏسون ٿا ته اهي ڌاريي ڪلام ۽ غلط پڙهڻين سان ڀريا پيا آهن. شاهه سائين سان عقيدت جي ڪري بغير سوچ ويچار جي هر ڪو پيو اکين تي رکي.
وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي عالمن اديبن ۽ محققن اهڙن رسالن تان حوالا ورتا آهن. ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب ويندي PH.D جون ٿيسز جيڪي شاهه تي لکيون ويون. انهن ۾ به ڪيترائي اهڙا بيت حوالي طور ڏنا ويا آهن. جيڪي شاهه جا نه آهن. شاهه لطيف چيئر پاران شايع ٿيل شاهه عبدالطيف ڀٽائي انسائيڪلو پيڊيا جو به اهو ئي ساڳيو حال آهي.
ڪنهن عالم جي علميءَ ادبي ۽ تحقيقي پورهيي کي چڱي طرح پڙهڻ ۽ پرجهڻ کان سواءِ هوائي ڳالهيون ڪرڻ کان بهتر آهي ته ڪو اهڙو اعليٰ علمي ادبي ڪم ڪيو وڃي، جو هرڪو واهه واهه ڪري.
جيئن ته ڊاڪٽر صاحب جو پنهنجي پُنهُون (شاهه عبدالطيف ڀٽائي) سان پريت جو پيچ پيل هو.تنهن ڪري وڏي محنت ۽ محبت سان منزل ماڻيائين. يعني “مستند شاهه جو رسالو” تيار ڪيائين.
پُنهونءَ ساڻ پريت جو ڪو به پئڙم پيچ
ڪنديس ڪشالا ڪاف جا، هاڙهو ڀاتيان هيچ
ڪاهي مڻنديس ڪيچ، ديرو دوست پُنهونءَ

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *