تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

پنهنجي ڏکن کي ساهه کڻڻ سان ٻاهر خارج ڪري ڇڏيو … پون ڪمار منڌاڻ

توهان پنهنجي جان اندر رهو پيا هن دنيا ۾ صرف اهائي جاءِ آهي جنهن ۾ توهان کي زندگي گذارڻي آهي، توهان جو جسم ڏاڍو قيمتي آهي، گوتم ٻڌ جو چوڻ آهي ته اهائي گاڏي آهي جنهن تي اسان سوار آهيون. هر هڪ زندهه شيءَ وانگر توهان جو جسم به وقت جو محتاجج آهي ۽ ڄمڻ کان مرڻ تائين تبديلي مان گذري ٿو عمر جي پرواهه نه ڪندڙ جسم جو ڪوبه وجود ڪونهي ان کي ڪوبه لافاني نٿو بڻائي سگهي توهان اهو ڪجهه ڪري سگهوٿا ته ان کي جيسيتائين جيئرا آهيو تيسيتائين صحتمند ۽ چست رکو.
1- زندهه رهڻ لاءِ ضروري آهي ته هر وقت تازي هوا ۾ ساهه کڻو: جيڪڏهن توهان زندگي جو حسن ڏسڻ چاهيو ٿا ته ساهه کڻڻ جي مشقت (ورزش) کان مٿي ڪابه شيءَ ڪونهي . آمريڪي ليکڪ ڦلپ سمٿ جو چوڻ آهي ته آڪسيجن کي ٻين غذائي شين وانگر ذخيرو نٿا ڪري سگهو پنهنجي ڏکن کي ساهه کڻڻ سان ٻاهر خارج ڪري ڇڏيو، ساهه کڻڻ جون مشقون اسان جي ڦڦڙن جي گنجائش تمام گهڻي وڌائن ٿيون ۽ جسم کي گهربل آڪسيجن فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ان جي ڪري صحت بهتري ڏي وڌي ٿي ۽ حياتي ڊگهي ٿئي ٿي.
2- ورزش باقاعدگي سان ڪريو: توهان کي گهرجي ته روزانو پوري ورزش ڪري پگهر ذريعي پنهنجي جسم جي زهريلي مادن کي ٻاهر ڪڍو نه ته توهان جي جسم جون مشڪون ڪمزور ٿي وينديون ۽ زندگي خراب گذرندي ، ورزش اها شي آهي جيڪا توهان جي جسم جون مشڪون جبلي طور تي دٻاءُ جي وقت يعني ڊوڙڻ يا وڙهڻ وقت چاهينديون آهن، صحت جي فائدن حاصل ڪرڻ لاءِ ورزش جا قسم ۽ ورزش جو مقدار گهڻن ئي ماڻهن کي آساني سان ملي ويندو آهي، مثال تيزي سان پنڌ ڪرڻ، هلڪو ڊڪڻ ساڳي جاءِ تي ڊوڙڻ، سائيڪل هلائڻ، نچڻ ۽ ترڻ، اصل مزو ذهن جي سرگرمي ۽ جسم جي ورزش منجهان تڏهن ايندو آهي جڏهن ٻنهي کي ملائي ۽ هڪ ڪري ڇڏجي.
3- جسم جي اشارن کي سمجهو ۽ پاڻ کي ڍلو رکو: گهڻو ڪم توهان جي جسم کي نقصان پهچائي سگهي ٿو، ڳڻتيون ۽ فڪر، مٿي ۾ سور ۽ مايوسي جو سبب بڻجن ٿيون، هر ماڻهنو چئي ٿو ته آرام ڪري پر ڪوبه نٿو ٻڌائي ته ڪيئن ڪجي، اتي به توهان کي ڪنهن استاد جي ضرورت نه پوندي ته آرام ڪيئن ۽ ڪڏهن ڪجي، سڀ کان وڌيڪ ڀروسي جي لائق توهان جو پنهنجو بدن آهي، جيئن زلزلي کان اڳ ممڪن خطري جي لاءِ زمين جا اشارا ملندا آهن ڪوبه نٻل ۽ ڪمزور جسم توهان کي نظرانداز ٿيل اشارن جي ڪهاڻي ٻڌائيندو، ڪڏهن ڪڏهن توهان پاڻ کي ڏاڍو ٿڪل ٽٽل يا ذهني دٻاءُ بي آرام محسوس ڪندوءَ ۽ سيني ۾ ساڙ محسوس ٿيندو يا ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي، جيڪڏهن توهان انهن اشارن کي هروقت سمجهي ويو ته توهان کي اڳواٽ خبر پئجي ويندي پوءِ توهان کي پنهنجي جسم جو فڪر ڪرڻ گهرجي نه ته خطرناڪ نتيجا نڪرندا، توهان کي کپي ته پنهنجي جسم ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ اهي ڳالهيون ڌيان ۾ رکو جيڪڏهن پنهنجي جسم جا آواز غور سان ٻڌو ته توهان جا 99 سيڪڙو مسئلا ختم ٿي ويندا ۽ باقي هڪ سيڪڙو ڪو سچ پچ مسئلو نه هوندو.
4- غذا جي ذريعي صحت : سماجي فلاسا فر ول ڊيورانٽ جو چوڻ آهي ته اسان جا جسم اهائي شڪل وٺندا آهن جهڙي غذا اسان کائون ٿا ان سان گڏوگڏ جهڙي غذا اسان جي ابن ڏاڏن کاڌي هئي، هوٽلن جي کاڌن کان پري رهو اهي توهان جي پٺن کي هلڪو ڪندا پر جسم جو وزن وڌائي ڇڏيندا، صحت مند کاڌن کائڻ، مناسب ورزش ۽ صحيح سوچ سان زندگي وڌائي سگهو ٿا.
5- پنهنجي صحت کي صحيح رکو: زندگي اها ناهي ته توهان ڏينهن گذاريندا وڃو، صحت واري زندگي کي حياتي چئجي خوشي به صحت سان لاڳاپيل آهي، عظيم فلسفي خليل جبران جا لفظ ٻڌو توهان جو جسم توهان جي روح جو (هڪ ساز) آهي هاڻي اهو توهان تي ڇڏيل آهي ته ان مان سريلا آواز ڪڍو يا بي هنگم گوڙ شور.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *