تازا ترين
  • *نئون ڪوٽ: ڪلوئي ويجهو زهريلو کاڌو کائڻ سبب 2 ڄڻن جي فوت ۽22 بيهوش ٿيڻ وارو مامرو *ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد صحت کاتي ٿرپارڪر جون ٽيمون ڳوٺ بچل سومرو پهچي ويون *نئون ڪوٽ: پي پي ايڇ آءِ ۽ ڊي ايڇ جون ڌار ڌار ٽيمن متاثر ڳوٺاڻن جو علاج شروع ڪري ڇڏيو *زهريلي ڏهي ۽ زهريلو کير پيئڻ سبب واقعو پيش آيو، عورت سميت 2ڄڻا فوت ٿي ويا آهن: ڳوٺاڻا*
  • *اسلام آباد: اي ٽي سي ۾ عدليا مخالف تقرير واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي *عدالت ڪيس مان دهشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *عدالت جوابدار افتخار الدين جي اپيل تي ڪيس سيشن ڪورٽ اماڻي ڇڏيو *جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري ڌمڪي واري تقرير تي افتخار خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو*
  • *جروار ۾ زبون حال هيلٿ سينٽر جي عمارت جي مرمت نه ٿي سگهي، شهرين جو احتجاج *هيلٿ سينٽر جي عمارت10 ورهين کان زبون حالي جو شڪار آهي: مظاهرين *2000۾ ٺهيل هيلٿ سينٽر جي عمارت کي 2010 جي برساتن نقصان پهچايو هو: مظاهرين*
  • *پشاور: صحت کاتي جي وزير تيمور جهگڙا پاران ليڊي ريڊنگ اسپتال جو دورو *صحت واري وزير زخمين جي عيادت ڪئي ۽ انتظامن جو جائزو ورتو *ايل آر ايڇ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي، زخمين لاءِ بهتر انتظام آهن: صحت وارو وزير*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ نيب آرڊيننس جي سيڪشن 17 ڊي جي اختيار وارو معاملو *عدالت ڪيس بابت سموريون اپيلون گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *اسان کي ڏسڻو آهي ته قانون جوڙڻ وقت قانون ٺاهيندڙن جي ذهن ۾ ڇا هو: ايڊووڪيٽ طارق *نيب جي قانون تحت وڌ کان وڌ سزا 14 سال ٿي سگهي ٿي: وڪيل طارق محمود*
  • *ڪراچي مان 39 مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل پليجاڻي واسي شاگرد گهر پهچي ويو *ڳوٺ رشيد ٽڳڙ واسي گولڊ ميڊلسٽ گلشير ٽڳر اوچتو گهر پهچي ويو، وارثن ۾ خوشي جي لهر پکڙيل *
  • *وزير اعظم عمران خان پاران پشاور ڌماڪي جي شديد مذمت *ڌماڪي ۾ قيمتون جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس آهي: وزير اعظم عمران خان *ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي صحتيابي جي لاءِ دعا ڪيان ٿو: وزير اعظم عمران خان*
  • *ڪنري ۾ گستاخ خاڪن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، فرانس خلاف نعريبازي *مختلف مختلف جماعتن پاران جامع مسجد کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *ڪنري: گستاخ خاڪن سبب سڄي دنيا جي مسلمانن جي دل آزار ٿي آهي: اڳواڻ*
  • *لاهور: شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ۽ مني لانڊرنگ ريفرنس *شهباز شريف کي جيل اختيارين پاران احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 6 ماڻهو فوت، انگ 6 هزار 745 ٿي ويو *ڪورونا جا وڌيڪ 773 ڪيس ظاهر، انگ 3 لک 29 هزار 375 ٿي ويو*
  • *مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف پاران پشاور ڌماڪي جي شديد مذمت *قرآن پاڪ جي تعليم دوران ڌماڪو ڪرڻ جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي: نواز شريف *واقعي تي شديد ڏک آهي، ٻارڙن جي والدين جو ڏک تمام وڏو آهي: نواز شريف*
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو *چانڊڪا پل وٽ هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب طارق علي چانڊيو زخمي ٿي پيو *نظر محلا واسي زخمي کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو *ڏيرا برادري سان تڪرار هلندڙ آهي، ڪجهه وقت اڳ ڌمڪيون به مليون هيون: مقتول جو ڀاءُ*
  • *پشاور: دير ڪالوني ۾ مدرسي ۾ ڌماڪو، 7 ڄڻا مارجي ويا، 77 کان وڌيڪ زخمي*ڌماڪي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري ۽ ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ پهتل*مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: پوليس *ڌماڪي جي وقت مدرسي ۾ تدريسي عمل جاري هو: پوليس اختياريون *ڌماڪيدار مواد هڪ ٿيلهي ۾ رکيو ويو هو: آءِ جي ڪي پي *
  • * ڌماڪي ۾ 5 کان 6 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو: ايس ايس پي آپريشن *مدرسي ۾ هڪ شڪي شخص ٿيلهو رکي ويو هو: ايس ايس پي آپريشن *ڌماڪي جي وقت مدرسي ۾ تدريسي عمل جاري هو: ايس ايس پي آپريشن*
  • *پشاور: مارجي ويلن ۾ ڪوبه ٻارڙو شامل ناهي: آءِ جي ثناءُ الله عباسي *پشاور: ٽائيم بم ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو آهي: پوليس اختياريون *اسپتال آندل زخمين مان 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي: اسپتال ذريعا*

پنهنجي ٻار ۾ بي غرضي جو جذبو پڪو ڪريو … پون ڪمار منڌاڻ

آئون چاهيان ٿو ته توهان کي هڪ انتهائي اهم ڪهاڻي ٻڌائي ڪري هن آرٽيڪل جي شروعات ڪريان، هي واقعو ساڌو واسواڻي جي زندگي جو سچو واقعو آهي، ٻاروتڻ جي عمر ۾ به ساڌو واسواڻي همدردي، خود قرباني ۽ رحمدلي جي خاصيتن جو روپ هو، هو پن هنجي عمر جي ٻارن کان بلڪل مختلف هو جيئن ئي هو وڏو ٿيندو ويو ته هن ۾ همدردي ۽ بي لالچائي جون خصيتون به وڌنديون ويون، ڪڏهن ڪڏهن جڏهن هو کاڌي تي ويهندو هو ۽ گذرندڙ فقير جي صدا ٻڌندو هو ته پنهنجو کاڌو کڻي ان بکايل سان گڏ وڃي کائيندو هو اڪثر طور تي هن جي ماءُ هن کي سياري جي ٿڌي راتين جي وچ ۾ جاڳندي ڏسندي هئي. منهنجا ٻچا تون ڇو پيو جاڳين ؟ هو هن کان بي چيني منجهان پڇندي هئي، ڇا توکي سيءُ ٿو ٿئي؟ تنهنجي مٿان هڪ وڌيڪ ڪمبل وجهي ڇڏيان ؟ هن جي جواب هن کي ڇرڪائي وڌو، امان جيڪو سيءُ آئون محسوس ڪريان ٿو، اهو سئو ڪمبلن يا سوڙين سان به ڪونه لهندو.آئون تنهنجي ڳالهه نٿي سمجهان منهنجا پٽ هن کيس چيو مونکي صاف سادن لفظن ۾ ٻڌاءِ ڳجهارتن ۾ نه ، ٻار جي لفظن تي غور ڪريو هن کيس چيو امان مان انهن سوين بي گهر ماڻهن بابت سوچيان پيو جيڪي هن شديد ٿڌ ۾ روڊ جي ڪناري تي پيا آهن، انهن جي ٿڌ منهنجي جسم کان پار ٿي وئي آهي، اسان کي کپي ته پنهنجي ٻارن ۾ شروع کان وٺي ڏيڻ جو جذبو پيدا ڪريون جيڪڏهن اسان انهن کي ٻين سان پيار ڪرڻ، سنڀال ڪرڻ، مدد ڪرڻ ۽ انهن کان گهٽ قسمن وارن کي ڏيڻ سيکارينداسين ته پڪ سان اسان همدردي ۽ بي غرضي جا ٻج انهن جا تازين دلين ۾ پوکي ڇڏينداسين ۽ اهي وڏا ٿي اعليٰ ڪردار جا مرد ۽ عورتون بڻجي ويندا.
پنهنجي ٻارن کي همت ڏياريو ته هو ڪڏهن ڪڏهن عيش ۽ فضول خرچ نه ڪن انهن کي ٻڌايو ته ڪڏهن ڪڏهن کاڌو ڇڏي ڏيڻ ۽ بکيو رهڻ ڇاکي چئجي ؟ جيڪڏهن توهان انهن کي سکيا ڏيو ته ٻه ٽي ڏينهن لوڻ يا کنڊ کانسواءِ گذارو ڪن ته هنن کي پاڻ تي ضبط ڪرڻ جي خوبي جي سکيا ملندي. هنن کي ڄاڻ ڏياريو ته پنڌ ڪرڻ ڪيئن آهي، بس تي سفر ڪرڻ، ٽي وي يا ايئر ڪنڊيشننگ کانسواءِ گذارو ڪيئن ڪجي؟ ۽ سادو کاڌو کائڻ ۾ ڇا فائدو آهي؟ انهن ڳالهين ڪري هنن کي خبر پوندي ته غريب ڪيئن گذارو ڪن ٿا. ان مان سندن دل ۾ همدردي ۽ رحم جو جذبو پيدا ٿيندو ۽ کين هدايت ملندي ته غريب ۽ ضرورتمندن ڏانهن پيار ۽ سخاوت جي نظر ڪندا.
اسان اهڙي دنيا ۾ رهون پيا جتي ڏينهون ڏينهن چٽاڀيٽي وڌندي پئي وڃي جتي ميڙ ميڙان جي خواهش اسان جي ٻين جذبن جي مٿان حاوي ٿي وئي آهي، اسان سڀ خود عرض ٿي ويا آهيون هاڻي بي غرضي ۽ بي لالچائي جو جذبو ڪوشش ڪري پاڻ ۾ پيدا ڪرڻ گهرجي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *