تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

پنهنجي تصوير ڪهاڻي

ڪوٽڙي سائيٽ خدا جي بستي ۾ پورهيت غلام رسول خاصخيلي جي 10 ورهين جي نياڻي اقرا جو علاج نه ٿيڻ سبب گذريل 4 سالن معذور بڻيل آهي، هلڻ گهمڻ کان لاچار بڻيل آهي، ان سلسلي ۾ پورهيت غلام رسول خاصخيلي جو چوڻ آهي ته منهنجي نياڻي 4 سال اڳ روڊ حادثي سبب سخت زخمي ٿي پئي سندس ڄنگهه ۾ ڌڪ لڳڻ سبب 2 هنڌن تان ٽٽي پئي، سرڪاري اسپتال مان علاج ڪرايو، پر ڪو فرق نه پيو، غربت سبب پريشان آهيون، هن چيو ته آئون فيڪٽري ۾ پورهيو ڪري ٻچڙن جو پيٽ پاليندو آهيان منهنجو گهر به مسواڙ تي آهي، اسان جي سنڌ حڪومت ۽ اعلي اختيارن کي اپيل آهي ته منهنجي نياڻي جي مدد ڪري سرڪاري خرچ تي سندس علاج ڪرايو وڃي، ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا تي پڻ نياڻي جي علاج لاءِ مدد جي اپيل ڪئي پئي وڃي ۽ نياڻي جي علاج ۾ مدد لاءِ سندس والد غلام رسول جو نمبر 03223925177 پڻ ڏنو ويو آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *