تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

پنهنجي تصوير ڪهاڻي

جشن آزادي جي مبارڪ
ٽيھتر سالن کان منھنجا ابا، ڏاڏا، پڙڏاڏا لٽنجندا، ڦرجندا ۽ برباد ٿيندا رھيا آھن، منھنجي مائن، ڏاڏين ۽ نانين سدائن بکون، ذلتون ۽ بيوسيون ڏٺيون آھن. گذريل ٻارنھن سالن کان منھنجا ڳوٺ، شھر ۽ وسيلا منھنجي ئي ٻولي ڳالھائيندڙ، منھنجن پنھنجن حڪمرانن، ڦُري، لٽي، تباھ ڪري ڇڏيا آھن. آئون جنھن وٽ نه ٻه ويلا ماني آھي، نه پيئڻ جو صاف پاڻي، نه بُت تي اڻڦاٽل ڪپڙو، نه مينھن ۾ ٽِمڻ کان بچيل ڇِت !، آئون جنھنجي امڙ چاھيندي به مونکي عيد تي سيون نٿي کارائي سگھي، آئون جنھن جي داخلا لاءِ ڪو به اسڪول ناھي ۽ جنھنجي کيڏڻ لاءِ ڪو رانديڪو ناھي !، اھو آئون، ستن سالن جو لاواث، ڌڪاريل، محروم ۽ بيواھو سنڌي ٻارڙو، ھن جشن آزادي جي موقعي تي چاچا آصف علي خان زرداري، چاچا بلاول ڀٽو زرداري، چاچا مراد علي شاھ ۽ چاچا عمران خان کي جشن آزادي جي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، خدا ڪري اوھان، اوھانجي ٻچڙن سميت خوش ۽ آباد ھجو. (سٽون: اياز لطيف پليجو)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *