تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

پنهنجي تصوير ڪهاڻي

ڪجھ ڏينهن اڳ دبئي ۾ هڪ ڦاٿل معذور نوجوان کي سنڌي ايسوسئيشن آف الامارات جي مدد سان ڳوٺ موڪليو هيوسين، وسيم لولائي معذور هجڻ باوجود هو تمام همٿ ڀريو نوجوان آهي، ان جا ارادا حوصلا هماليا جيڏا آھن، مان سندس همٿ جو قدردان آھيان، سنڌ پهچي هن رابطو ڪيو ته ڪامريڊ سڄي زندگي ڪنهن آڏو هٿ نه ٽنگيو آهي، مالي حوالي سان پريشان آھيان، گذر سفر لاءِ ڪو بندوبست ڪري ڏيو، سڄي عمر دعا ڪندس، جنهن تي مون سندس مدد ڪرڻ جو واعدو ڪندي چيو هو ته اوهان ڪو ننڍو ڪم ڏسو جنهن ۾ آئون اوهان جي مدد ڪري سگهان، نيٺ ڪراچي اندر وسيم کي پڪوڙن جو دڪان ملي ويو جيڪو 28 هزارن ۾ هن پيل سامان خريد ڪيو، ڪالهه مون 15 هزار وس آهر هن کي موڪلي ڏنا جيڪي وسيم پئسا ڏئي ڪري پڪوڙن جو دڪان شروع ڪيو آهي، الله پاڪ کيس ڪامياب ڪري روزي ۾ برڪت وجهي، اڃا 14 هزارن جي کيس اشد ضرورت اٿس، جيڪڏهن ڪوئي دوست مدد ڪرڻ چاهي ته ساڻس 03101127686 تي رابطو ڪري يا گلشن حديد ڪراچي ۾ سندس پڪوڙن جي دڪان تي رقم ڏئي اچي. (ذوالفقار ميهر خان بليدي جي فيس بوڪ وال تان ورتل)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *