تازا ترين
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

پنهنجي تصوير ڪهاڻي

گهوٽڪي جو ڳوٺ عارب مهر سهولتن کان وانجهيل
گهوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ عارب مهر کي هن جديد دور ۾ به بنيادي سهولتون نه ملي سگهيون آهن، ڳوٺ ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا ڪچا آهن جڏهن ته لاکو لنجاري کان عادلپور تائين روڊ ٽٽي ويو آهي، ، ان کانسواءِ گوٺ ستارو مھر ۽گوٺ يوسف مھر کي ملائيندڙ پل ڪيترن مھينن کان ڪريل آهي پر ان جي به مرمت ناهي ڪرائي وئي، ڄاڻايل ڳوٺ ۾تعليمي سهولت به ميسر ناهي نه وري ڊرينيج جو ڪو نظام ڏنو ويو آهي، اليڪشن جي وقت وڏا واعدا ڪيا ويا هئا پر اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد چونڊيل نمائندن علائقي واسين جي سار ئي ناهي لڌي. هتان جي رهواسين جو مطالبو آهي ته بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن. (طاهر علي مهر)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *