تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

پنهنجي تصوير ڪهاڻي

شهدادڪوٽ جي دانهن ڪنهن کي ڏجي؟
هي پاڻي ڪنهن بچاءُ بند جي ٽٽڻ يا دريائي ٻوڏ يا ڪنهن شاخ کي گهارو پوڻ وارو پاڻي نه آهي، پر ھي پاڻي گٽرن ۽ نالين جو گندو پاڻي آهي جنهن کي ڏسڻ سان 2010 ع واري مها ٻوڏ ياد اچي رھي آھي. پر قصو ھن ريت آهي ته ھڪ ھفتي کان وٺي شهدادڪوٽ ميونسپل ڪاميٽي ۾ ٽي ايم او جي ڪرسي لاء ٻن بااثر ٽي ايم اوز فدا حسين مگسي ۽ اورنگزيب مگسي وچ ۾ مقرري تان رسا ڪشي ھلي رھي ھئي، جڏهن ته ٻئي ڄڻا پپلز پارٽي جي ايم پي اي مير نادر مگسي کي ويجھو ٻڌايا پيا وڃن، جنهن ڪري مقرري ۾ دير ٿيڻ ڪري شھر جو اھڙو حشر ٿي ويو، ٽي ايم او جي ڪرسي تان ھڪ ھفتي کان ٻن ڪامورن وچ ۾ ھلندڙ ڇڪتاڻ ختم ٿيڻ کان پوءِ وري ملازمن کي به عيد جي پگهار نه ملڻ ڪري ملازمن به ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري شهر جا مين روڊ رستا پاڻي ۾ ٻڏل آهن. ھاڻي ڪوئي ٻڌائي ته شھدادڪوٽ وارا ڪنھن کي دانهن ڏين. (رفيق ڀٽي جي فيس بوڪ وال تان ورتل)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *