تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

پنهنجي تصوير ڪهاڻي … پنهنجي تصوير ڪهاڻي

هن تصوير ۾ نظر ايندڙ شخص چاچو شاهنواز چنو آهي جيڪو لعلورائنڪ شهر سان تعلق رکي ٿو، چاچو شاهنواز پيشي جي لحاظ کان موچي آهي، جيڪو ٻين جي ڇڳل جُتين کي ٽانڪا هڻي پنهنجي پيٽ جي بک کي سبي ٿو، شاهنواز جي عمر 65 سال آهي، تقريبن اڌ صدي کان هو اهڙو پورهيو ڪري ٿو، شاهنواز پنهنجي پٽن کي پالي تاتي وڏو ڪيو آهي جيڪي پڻ هن وقت پورهيو ڪري پيٽ پالن ٿا، شاهنواز چنو لعلورائنڪ لاءِ هڪ محنت جو مثال آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو هو غربت باوجود ڪنهن آڏو هٿ نٿو ٽنگي پر وڏي عمر باوجود پورهيو ڪري ڪجهه رپيا ڪمائي ٿو جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته محنت عمر جي محتاج ناهي، نه وري پورهيو ڪرڻ ۾ ڪو عيب آهي پر ان سان پنهنجو پيٽ پالڻ سولو ضرور ٿئي ٿو. (تصوير: پرويز علي جي فيس بوڪ وال تان ورتل)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *