تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

پنهنجي اخبار: ڊجيٽل کان پرنٽ ايڊيشن تائين جو سفر! ….اشفاق آذر

هي زندگيءَ ۾ ڪنهن اخباري اداري جي پهرين سالگره آهي، جنهن ۾ نه هڪٻئي سان هٿ ملائي سگهجي ٿو ۽ نه ڀاڪر پائي مبارڪون ڏئي سگهجن ٿيون. پر اها ڪورونا وائرس کان ڏيڍ سال کن اڳ جي ڳالهه آهي، جڏهن هڪٻئي سان هٿ ملائڻ سان گڏ ڀاڪر به پائبا هئا، هڪٻئي سامهون کنگهبو ۽ نڇون به بي فڪري سان ڏبيون هيون. تڏهن ڳڻتي اها ڪونه هئي ته اسان جا هٿ ڌوتل آهن يا نه؟ ڳڻتي اها هئي ته جنهن اداري ۾ اڌ زندگي گذاري، رٽائرمينٽ جي ڪجهه ويجهو آياسين، اتان شفٽ ٿي هاڻ هڪ نامعلوم اداري ۾ زندگيءَ جي ٻيهر اي بي سي جي شروعات ڪرڻ ڪيترو ڏکيو مرحلو هوندو!! ايئن به ناهي ته ڪو انهي اداري ۾ زندگي سولي گذري هجي، جو اسان جهڙا ماڻهو ته “جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، وڏا وس ڪيام” ڪندا ئي رهن ٿا. خير. هڪ اداري کان ٻئي ٺهيل ٺڪيل اداري ڏانهن لڏپلاڻ شايد ايترو مشڪل نه هجي پر مون سان گڏ جن ڪوليگس (ساٿين) برپٽ بيابان ۾ خيما کوڙيا، تن کي بهرحال اهو يقين ضرور هو ته انهي بيابان کي بازار ۾ بدلجندي ضرور ڏسنداسين پر ڪهڙي قيمت تي، اها ڪٿ اڃا جاري آهي!
ان وقت سوال اهو هو ته هڪ اهڙي دور ۾ جڏهن معلومات جا تيز ترين ذريعا سوشل ميڊيا جي صورت ۾ موجود آهن، جڏهن خود سوشل ميڊيا تي بيشمار نيوز پيج، انيڪ ويب سائيٽس، خبرن جا اڻ ڳڻيا سورس آهن، اهڙي ڊجيٽل ماحول ۾ هڪ مڪمل سنڌي اخبار جو آئيڊيا ڪيتري قدر ماڻهن ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي سگهي ٿو؟ جڏهن پڙهندڙن وٽ چوائس بي پناهه آهي، اڪثر صورتن ۾ پڙهندڙ پاڻ لکندڙ به آهن ته پوءِ سنڌي ماڻهو ڇو ڪنهن نئين شيءِ ڏانهن مائل ٿيندا؟ سوال ته ان کانسواءِ ٻيا به گهڻا هئا جن ۾ افرادي قوت کان ويندي رپورٽرز جي نيٽ ورڪ ۽ نيوز ڊيسڪ کان ويندي ٽيڪنيڪل عملي جي کوٽ جا به هئا پر هڪ لفظ انهن سڀني سوالن مٿان حاوي هو، اهو هو يقين! اها هئي خوداعتمادي، ته “ها، اسين هڪ اهڙو پروجيڪٽ شروع ڪري سگهون ٿا، جيڪو ان کان اڳ ڪنهن به ناهي ڪيو ۽ هن فيڪ نيوز جي دور ۾ هڪ ساکائتي اداري جو بنياد وجهي سگهجي ٿو جيڪو ڊجيٽل ۽ ويب جي دنيا ۾ صحافت جي هڪ نئين پيراميٽر طور ڳڻيو ويندو.
ماڻهو اسان کي چوندا هئا ته سائين سنڌي ماڻهن وٽ وري ڪهڙو انٽرنيٽ آهي جو هو نيٽ تي توهان جي اخبار ڏسندا؟ جيڪڏهن موبائل فون به آهي به ڪنهن وٽ ايترو ٽائيم آهي جو هو توهان جي ويب سائيٽ کوليندو؟ اهي ۽ ان جهڙا ٻيا جملا اڃا حوصلو وڌائي ڇڏيندا هئا ته جيڪو ڪجهه ڪرڻ وڃون پيا، اهو ڪنهن چيلنج کان گهٽ ناهي.سوشل ميڊيا تي خبرن ۽ معلومات جي ٻوڏ کان ڪنهن کي انڪار ڪونه هو، ان هوندي به اهو ويڪيوم(خال) پنهنجي جاءِ تي موجود هو ته اها معلومات ڪيتري قدر درست ۽ تصديق ٿيل آهي؟ ان تي ڪيترو اعتبار ڪري سگهجي ٿو؟ ڇاڪاڻ ته سوشل ميڊيا تي اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته فوٽو شاپ ٿيل تصويرن، هيراڦيري ڪري اپ لوڊ ڪيل سرڪاري نوٽيفڪيشنز، غلط ڄاڻ تي ٻڌل مواد بنا ڪنهن تصديق جي شيئر ٿيندو رهندو آهي ۽ ماڻهو پهرئين ڌڪ ۾ ان تي يقين به ڪري وٺندا آهن، اها خبر بعد ۾ پوندي آهي ته اها معلومات غلط ۽ بي بنياد هئي. سو مقصد اهو ئي هو ته انهي وٿيءَ کي ڀرجي ۽ ماڻهن کي اهو ويساهه ڏجي ته وٽن ڊجيٽل ميڊيا تي هڪ اهڙو پليٽ فارم موجود آهي، جتي هو هر پل اکيون ٻوٽي تصديق ٿيل معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا.
ايئن علي قاضيءَ جي سربراهي ۾ “پنهنجي اخبار” جي سفر جي شروعات ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ويب سائيٽ ڊزائين ڪندڙ ويب ڊزائينرز کي مٿي تي هٿ هئا ته هنن کان جيڪو ڪم وٺي رهيا هئاسين، اهو بقول هنن جي ته انگريزن کي بيهوش ڪرڻ لاءِ ڪافي هو. ويب ڊزائين، سا به سنڌيءَ ۾ اخبار جي لي آئوٽ سان ملندڙ جلندڙ، جنهن ۾ هيڊنگ ۽ ٻه ٽي پٽيون به هجن، پوءِ ان ۾ روزانو فرمائشي پروگرام ته هينئن نه هونئن هجي، هينئن ڇو، هونئن ڇونه؟ اهو داستان وري ڪنهن ٻئي ڀيري. بهرحال انهي ويب سائيٽ، خدا ڪارڻ، ڪيترين ئي ڊمي اخبارن جو ڀلو ڪيو، سو هڪ جدا داستان آهي، جيڪي خبرون ڪٽ پيسٽ ڪري پنهنجي اخبارن ۾ لڳائيندا هئا، اهو به ڪونه ڏسندا هئا ته خبر ۾ اهو به لکيل رهجي ويندو هو ته “پنهنجي اخبار” جي نمائندي سان ڳالهائيندي فلاڻي هيئن چيو…” خير.
ڊجيٽل دنيا ۾ ميڊيا جا ڪيترائي ادارا اهڙا آهن، جن جون ڪيترن ئي سالن کان ويب سائٽس ۽ پيجز ٺهيل آهن، اڄ به جيڪڏهن ڏسجي ته انهن جي فالوئرز جو تعداد انتهائي گهٽ آهي، پر اها “پنهنجي اخبار” جي ٽيم جي مستقل مزاجي سان محنت جو ئي نتيجو هو، جو ويب سائيٽ جي فيس بڪ پيج جي فالوئرز جو تعداد پهرين هڪ لک ۽ پوءِ هڪ سال جي عرصي ۾ 2 لک کان وڌي ويو. اهو انگ انهن دوستن جي سوال جو جواب هو، جيڪي چوندا هئا ته سنڌي ماڻهو نيٽ تي ڪهڙو سنڌي اخبار پڙهندا؟ ڊجيٽل ميڊيا اهو پليٽ فارم آهي، جنهن تي توهان زبردستي نه ڪنهن کي فالوئر بڻائي سگهو ٿا نه کانئن زوري سبسڪرائب ڪرائي سگهو ٿا، جيڪڏهن توهان جي ڳالهه ۾ وزن آهي ته ماڻهو پاڻ توهان ڏانهن مائل ٿيندا، جيڪڏهن توهان جي شيءِ معياري آهي، ته توهان کي موٽ ڏيندا، نه ته ليکيندا ئي ڪونه! سو تمام ٿوري عرصي اندر 2 لک کان وڌيڪ فالوئرز ٿيڻ ۽ ان ۾ مسلسل اضِافو ان ڳالهه جو پختو دليل بڻجي سامهون آيو ته اسان جيڪا محنت ڪئي پئي سا پڙهندڙن وٽ صاب پئي آهي، ٻي ڳالهه ته “پنهنجي اخبار” ڊجيٽل دنيا ۾ هڪ نئين ٽرينڊ کي پڻ متعارف ڪرايو، جنهن کي بنياد بڻائي ٻيون ويب سائيٽس به ٺهيون ۽ ٺهن پيون.
ڊجيٽل پليٽ فارم کان اخبار جي پرنٽ ايڊيشن جي اچڻ جو فيصلو انتهائي مشڪل ترين هو، ڇاڪاڻ ته اهو پيپر جي پڄاڻي جو دور هو، اخباري صنعت شديد بحران جو شڪار هئي، ڪيتريون ئي اخبارون بند ٿي چڪيون هيون، ڪي وري مالي خساري جي ور چڙهي ويون، ڪن صفحا ۽ اسٽاف گهٽائي ڇڏيو، ڪن وٽ ڏيڻ لاءِ پگهارون ڪونه هيون. اها سڌي سنئين جوا هئي. مونکي ايڊيٽوريل سيڪشن سنڀالڻ جو ٽاسڪ مليو، جنهن کي ڇڏئي ڪو زمانو ٿي چڪو هو. ايڊيٽوريل لکڻ کان ويندي آرٽيڪلز ايڊٽ ڪرڻ، لکڻ واري وقت ڏانهن موٽ کائڻ ڪو ايترو سولو ڪونه هو. مٿان وري مصيبت اها ته نيوز ڊيسڪ جا ساٿي ته هفتيوار موڪلون ڪن، آئون عيد براد جو انتظار ڪريان پر جيستائين اي پي اين ايس ۾ ميمبرشپ ملي، تيستائين ته عيد جا ڏينهن به اداري ۾، جو اخبار جي ڪا موڪل نه هوندي هئي. اهو تجربو به خوب رهيو جو ڪيترائي پراڻا سنگتي ڳولي هٿ ڪيا، جيڪي لکڻ کان پاسيرا ٿي چڪا هئا. مون لاءِ سڀني جا نالا لکڻ ممڪن ناهي پر آئون پياري حسن مجتبيٰ، سهيل سانگي، نصير ميمڻ، اظهار سومرو، انعام ڀٽي، امداد سومرو جپسي، اعجاز منگي، شهاب اوستو، شوڪت ميمڻ، عديل مهر، آدرش، لنڊن مان آصف جيلاني ۽ ٻين انيڪ دوستن جو ٿورائتو آهيان، جن مستقل ڪنٽريبيوٽ ڪيو. آئون انهن جو به ٿورائتو آهيان، جن لکڻ جي حامي ڀري منهن پرتي ڪيو يا صاف جواب ڏنو.
هاڻ ڊجيٽل کانپوءِ پنهنجي اخبار جي پرنٽ ايڊيشن ۽ ان کانپوءِ سيٽلائيٽ چينل “ٽائيم نيوز” تائين جي سفر کي ڏسجي ته اهو 16 مهينن جو سفر ڪنهن الف ليلوي داستان کان گهٽ نٿو لڳي. انهن 16 مهينن ۾ زندگي جا تلخ تجربا به ساڻ رهيا، گهڻو ڪجهه پرکڻ، سمجهڻ ۽ سکڻ لاءِ مليو. اهو به ته ضروري ناهي ته زندگي جو ڳچ سفر جن سان گڏ گذريو هجي، جن سان گڏجي ٽهڪ ڏنا يا لڙڪ لاڙيا هجن، اهي توهان جي ڏکئي وقت ۾ توهان سان گڏ بيهن، ۽ اهو به ته ضروري ناهي جن سان توهان هڪ پل به گڏ نه گذاريو هجي، اهي مشڪل وقت ۾ توهان جا ٿنڀا ۽ ٿوڻيون ٿين.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *