تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

پنهنجي اخبار جي پنهنجي ڪهاڻي …دودو چانڊيو جي قلم مان

اها آگسٽ 2018ع جي ڳالهه آهي، ڊفينس فيز 2 جي ٻن ڪمرن واري هڪ ننڍڙي آفيس ۾ علي صاحب سان نئين اخبار جي نالي، ٽيم، آفيس ۽ ٻين معاملن تي ڪچهري ٿيندي هئي. اسان روزانو ڪيترا ئي نالا تجويز ڪري اسلام آباد ۾ پي آءِ ڊي جي رجسٽرار آفيس موڪليندا هئاسين ، جتان اڪثر اماڻيل نالن تي هڪڙو ئي جواب ايندو هو ته ان نالي سان اڳ ۾ ئي اخبار نڪري ٿي، آخرڪار هڪ اهڙي ئي شام تي علي صاحب حيدرآباد مان ٿي آيو هو، اسان نالن تي بحث ڪري رهيا هئا سين، مون پنجون ڀيرو نالن جي لسٽ اسلام آباد اماڻي ته پي آءِ ڊي اسلام آباد جي رجسٽرار تنگ ٿي چيو ته “اخبار آهي ڪنهن جي؟ جنهن لاءِ اوهان اسان کي ايترو تنگ ڪيو آهي”، مون کيس وراڻيو ته “علي قاضي صاحب جي اخبار آهي”، جنهن تي رجسٽرار وراڻيو ته “علي قاضي جي اڳ ۾ ئي هڪ اخبار آهي، پوءِ ٻئي ڇو ٿو ڪڍڻ چاهي ؟ “ مون اها ڳالهه علي صاحب کي ٻڌائي ۽ کيس اهو به ٻڌايو ته هن وقت تائين جيترا به نالا موڪليا اٿئون، انهي سڀني نالن سان اڳ ۾ ئي اخبارون نڪرن ٿيون، علي صاحب ڪجهه دير لاءِ خاموش ٿي ويو، گهڻي دير سوچڻ بعد منهنجي هٿ مان قلم وٺي، جنهن پني تي نئين اخبار جا تجويز ٿيل نالا لکيل هئا ، ان جي ڪنڊ تي ” پنهنجي اخبار“ لکي پنو مون ڏانهن وڌائيندي چيائين ته “رجسٽرار کان پڇي وٺ، ڀلا اهو نالو خالي آهي ؟“ مون اسلام آباد ڪال ڪئي، انهي دوران اٽينڊنٽ نعيم ڪافي کڻي آيو، اسلام آباد مان نالو کڻندي ئي ورندي ملي ته اهو نالو خالي آهي، ان ريت ”پنهنجي اخبار“ جي نالي جو جنم ٿي ويو.
هي اهي ڏينهن هئا جو آئون اڃا پراڻو جاب ڇڏي نه آيو هئس، ٻئي ڏينهن ڪراچي ڏکڻ جي ڊي سي آفيس وڃي مون نئين اخبار جي ڊڪليئريشن لاءِ فارم ڀريو، ڊڪليئريشن دوران ٻه دلچسپ واقعا پيش آيا، هڪ ڀيري ڊي سي آفيس جي سپرنٽينڊنٽ ٻڌايو ته هڪ همراهه جاسوسي ڪندي تنهنجي پٺيان هتي آيو هو ته دودو چانڊيو هتي روز ڇو ٿو اچي؟ مون کيس ٻڌايو ته هو پنهنجي اخبار ڪڍڻ ٿو چاهي، منهنجي جاسوسي لاءِ آيل همراهه اهو سمجهي نه سگهيو ته اخبار جو نالو ”پنهنجي اخبار“ آهي يا دودو چانديو پنهنجي ڪا ڊمي اخبار ڪڍڻ چاهي ٿو؟ هو همراه انتهائي مطمئن ٿي هليو ويو ، جڏهن اسان ”پنهنجي اخبار“ جي نالي جو اعلان ڪيو، ته ان جاسوسي ڪندڙ همراهه مٿي تي ڌڪ هڻندي چيو ته آئون ڳالهه سمجهي ئي ڪونه سگهيس، دودو ته پنهنجي اخبار ڪڍڻ نه پر علي قاضي صاحب جي نئين اخبار ”پنهنجي اخبار“ جي ڊڪليئريشن لاءِ ويندو هو.
ڊڪليئريشن جي ڪم دوران مون کي ايس ايس پي آفيس حيدرآباد به وڃڻو پيو، ايس ايس پي اسپيشل برانچ جان محمد برهماڻي سڄي سنڌ مان رپورٽ گهرائڻ بعد پنو هٿ ۾ ڏيندي چيو ته “زندگي ۾ پهريون اهڙو چانڊيو مليو آهي، جنهن تي سنڌ ۾ ڪٿي به ڪو پوليس ڪيس داخل ٿيل ناهي”، انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ ”اياز ميلو“ هلندڙ هو، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان ماڻهو آيل هئا، انهي ”اياز ميلي“ ۾ حيدرآباد ۾ جيڪو به ماڻهو مون سان ملي، اهو پهريون سوال اهو ئي پيو ڪري ته “علي صاحب، جيڪا اخبار پيو ڪڍي ان جو نالو ڇا آهي؟” ڇاڪاڻ ته ان وقت تائين اخبار جي نالي جو اعلان نه ٿيو هو ، ان ڪري آئون اهو نالو نه ٻڌائي رهيو هئس، منهنجي ننڍڙي ڌيءُ ماريه به مون سان گڏ هئي، اها به اهو سوال ٻڌي ٻڌي تنگ ٿي پئي، حيدرآباد مان واپسي تي ٽول پلازا پار ڪندي ڪار جي پوئين سيٽ تي ٽيڪ لڳائي، انتهائي سنجيده انداز ۾ مون کي چيائين ته “بابا هاڻي پنهنجي ڌيءِ کي ته نئين اخبار جو نالو ٻڌايو !“ مون کان ٽهڪ نڪري ويو، مون واپس اچي علي صاحب سميت باقي ساٿين کي اها ڳالهه ٻڌائي، جيڪي پڻ ان ڳالهه تي کليا، جيئن ئي اخبار جي نالي جو اعلان ٿيو ته مارڪيٽ ۾ دلچسپ تبصرا ٿيا، ڪن چيو ته “علي قاضي، هاڻي سڄي سنڌ کان سندس اخبار کي ”پنهنجي اخبار“ چورائيندو، ڪنهن چيو ته هن بحراني دور ۾ نئين اخبار هلي نه سگهندي، ڪنهن وري اهو چيو ته دنيا ۾ وڏيون وڏيون اخبارون ۽ رسالا بند ٿي رهيا آهن، اهڙي دور ۾ نئين سنڌي اخبار جي ڪابه گنجائش ناهي، ڪنهن چيو ته نالو اهڙو رکيو اٿن جو ماڻهو قبول ئي نه ڪندا، اسان انهن ڏينهن ۾ جنهن کي به فون ڪري ٻڌائيندا هئاسين ته “پنهنجي اخبار” مان پيا ڳالهايون ته ماڻهو پڇندا هئا ته ڪهڙي اخبار مان؟؟ اسان جڏهن چوندا هئاسين ته “پنهنجي اخبار” مان ته ٻيهر سامهون وارو سوال ڪندو هو ته ڀلي پنهنجي اخبار مان پيا ڳالهايو پر اخبار جو نالو ته ٻڌايو …. اسان کي بار بار ٻڌائڻو پوندو هو ته اخبار جو نالو ئي “پنهنجي اخبار” آهي. اسان اهي تبصرا ٻڌي کلندا به هئاسين ۽ اخبار به ڪڍندا رهيا سين، ڇو ته اسان کي خبر هئي ته اسان اهڙي دور ۾ اخبار ڪڍي رهيا آهيون جيڪو واقعي ئي ميڊيا جو انتهائي بحراني دور آهي، وڏا وڏا ادارا بند پيا ٿين. ملڪ اندر معاشي، ڪاروباري، سياسي توڙي صحافتي سڀ هوائون ڪنهن نئين اداري جي حق ۾ نه هيون، اهڙي دور ۾ علي صاحب پاران روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز ٽي وي آڻڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هو، نه صرف سنڌ پر پوري پاڪستان ۾ هي پهريون ادارو آهي، جيڪو ان وقت وجود ۾ اچي رهيو هو، جڏهن معاشي بحراني طوفان وڏن وڏن ادارن کي پاڙان پٽي رهيو هو، علي صاحب ۽ سندس ٽيم کي هڪ ته پنهنجي محنت ۽ پورهئي تي ڀروسو هو، ٻيو سنڌ جي ماڻهن تي به اعتماد هو ته هو هميشه سچائي سان گڏ بيهندا آهن، ”پنهنجي اخبار“ جي ٽيم پنهنجي پورهئي سان ۽ سنڌ جي ماڻهن سچائي سان وفا ڪئي، جنهن جي نتيجي طور اسان هڪ سال اندر سنڌ جي سڀ کان وڌيڪ ڇپجندڙ اخبار “پنهنجي اخبار” جي سالگره ملهائي رهيا آهيون. اسان سڄي سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ سنڌي پڙهندڙن کي سالگره جون واڌايون پيش ڪريون ٿا.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *