تازا ترين
  • *پني عاقل ۾ پ پ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شهر جو گشت *فتاح سميجو پاران ڄام اڪرام ۽ سيف الله ڌاريجو خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ جي مذمت ڪريون ٿا: جيالا*
  • *حيدرآباد: تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ناري عائشه آرائين کي مبينا طور مڙس پاران باهه ڏئي ساڙڻ وارو معاملو *نياڻي عائشه کي مڙس رضوان آرائين ۽ ڏير جاويد باهه ڏئي قتل ڪيو: پيءُ يوسف آرائين *عائشه جو مڙس بااثر آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: ماءُ صفيه بيگم *مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عائشه جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ 5 ڄڻا بيهوشي واري حالت ۾ منتقل *بيهوش ٿيلن غريب آباد چوڪ تان حلوه پڙي وٺي واپرائي هئي: ذريعا *بيهوش ٿيلن ۾ رضوان آرائين، مبشر، نينگر لاريب ۽ ناري نمره شامل آهن: اسپتال انتظاميا*
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*

پنهنجو پريس ڪلب

صالح پٽ ۽ ڀرپاسي وڻن جي واڍي، انتظاميا خاموش

صالح پٽ: سکر ضلعي جي تعلقي صالح پٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڻن جي واڍي تيز ٿي وئي آهي، کبڙ، ٻٻر، ڪنڊي، لئو ۽ ٻين قيمتي وڻن جي واڍي جو انتظاميا پاران ڪنهن به قسم جو نوٽيس نٿو ورتو وڃي، علائقي ۾ بااثرن جي مدد سان ڪاٺ جا اڏا ٺاهيا ويا آهن ۽ قيمتي وڻن جي واڍي ڪري انهن جو وڪرو ڪيو ٿو وڃي، ڄاڻايل علائقي مان روزانو وڏي انگ ۾ گاڏيون ڪاٺ جون ڀرجي وڃن ٿيون پر اهڙي عمل تي مقامي انتظاميا خاموش نظر اچي ٿي. جنهن ڪري صالح پٽ جي سونھن کبڙ کي ختم ڪيو پيو وڃي، هتان جي مقامي انتظاميا کي وڻ جي واڍي روڪرائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. (نيڪ محمد شنباڻي)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *