تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

پنهنجو نيوز روم، جتي سڄي دنيا جي معلومات گڏ ٿئي ٿي ….منصور نثار

جيئن اکر اکر ملي ڪري لفظ ٺهي ٿو ۽ لفظ سان لفظ ملي ڪري جملو ٺهي ٿو ۽ جملو جملي سان ملي اخبار جوڙي ٿو تيئن ئي مختلف ادارن مان آيل دوستن سان پنهنجي اخبار جي ٽيم به جڙي آهي. پنهنجي اخبار جي نيوز ڊيسڪ لاڙڪاڻي، سکر، نوابشاهه، ميرپورخاص، حيدرآباد، لاڙ ۽ ڪراچي ڊويزن سوڌو نيشنل ۽ مانيٽرنگ ڊيسڪ تي مشتمل آهي، جن جي نگراني جاويد بوزدار، سارنگ خاصخيلي ۽ سترام مهيشوري جي ذميواري آهي، جاويد بوزدار سب ايڊيٽرز توڙي رپورٽرز سميت پوري ٽيم جي ڪم ڪار توڙي خبرن کي ڏسڻ سميت انهن کي اخبار جي صورت ۾ پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي ڊيوٽي پنهنجي ٿڌي طبيعت وانگر سهڻي انداز ۾ پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو، ته اتي وري ڊيسڪ توڙي رپورٽرز ۾ ٿيندڙ مسئلن کي حل ڪرائيندو آهي. سارنگ خاصخيلي جيڪو آفيس ايندي ئي هر ماڻهو کي چوندو آهي ته “اچي ويا آهيو نه باقي هي ڪيئن پيو چوي ته اوهان نه ايندا؟” اهڙي جملي سان کيڪارڻ وارو سارنگ هڪ هڪ پيج جوڙي مڪمل ”پنهنجي اخبار“ ٺهرائي ٿو. ان سان گڏ سترام مهيشوري جيڪو جيترو ڳالهائڻ جي حساب مقبوليت رکي ٿو اوترو ئي ڪم ۾ به تيز ۽ ڀڙ آهي ۽ رپورٽرز کي به چڱي ريت منهن ڏيڻ ڄاڻي ٿو.
پنهنجي اخبار جي سٿ ۾ تازو ۽ خوشگوار اضافو سينئر صحافي فاروق سومرو جي شموليت آهي. حيدرآباد کان اچي ڪراچي وسائيندڙ فاروق صاحب پنهنجي سڀاءُ سبب ٿوري وقت اندر ئي سموري سٿ جي جيءُ ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي. فاروق صاحب جي هونئن ته سڃاڻپ نيوز پيج رهيو آهي پر هن وقت هو اسان جي اخبار جو ايڊيٽوريل پيج سنڀالي رهيو آهي. سندس تجربي کيس سنڌي صحافت ۾ جيڪو مقام ڏياريو آهي ۽ اهو سندس ملنسار طبيعت جي ڪري کيس وڌيڪ پيارو بڻائي ٿو.
پنهنجي اخبار جي سٿ ۾ شامل سب ايڊيٽرز ۾ حميد سنڌو جيڏو قدآوار آهي اوترو ڪڙڪيدار آواز رکندڙ پڻ آهي ۽ پنهنجي قد جيڏي ئي خبرن کي سمجهڻ جي صلاحيت رکي ٿو. جڏهن منفرد انداز ۾ ماروئڙا جهانگيئڙا چئي سترام مهيشوري سان مخاطب ٿيندو آهي ته ان وقت سڄي نيوز روم جي صورتحال ڏسڻ وٽان هوندي آهي. حميد جي ڀر ۾ ويٺل قائم علي جمالي، جنهن کي هاڻ ڪجهه ڏينهن کان دوست “وڏيرو” سڏڻ لڳا آهن، اهو پڻ خبرن سان خوب نڀاءُ ڪري ڄاڻي ٿو، هر هر اٿي بيهي پڇا ڪندو آهي ته هي خبر آهي اوهان وٽ، دنيا ۾ هاڻ هيئن ٿيو آهي، سوشل ميڊيا تي هي قصو هلي رهيو آهي، پوءِ اهي خبرون واٽس ايپ تي موڪلي ڏيندو آهي. ان کانپوءِ وارو اچي ٿو صدام ڪولاچي جو، جنهن کي سڀ دوست پيار مان مختلف نالن سان سڏيندا آهن. هو هر روز راندين وارين خبرن سان راند کيڏندي نظر ايندو آهي، راندين جي خبرن مان آجو مس ٿيندو آهي ته وري ڊويزن جي خبرن ۾ مصروف ٿي ويندو آهي، جيستائين خبرن مان جان نه ڇڏرائي تيستائين پريشان رهندو آهي.
صدام جو پاڙيسري سب ايڊيٽر سرفراز ميمڻ پڻ پنهنجي آواز جي ڪري ڊيسڪ تي هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي ويو آهي. علم پرايو پينگهي کان قبر تائين واري چوڻي وانگر هي دوست پڻ خبرن جي گهرائي تائين پهچڻ لاءِ هميشا ڪوشان رهي ٿو. سندس لهجو مثال بڻيل آهي. سرفراز جي ڀر ۾ ويٺل ظهور بوزدار روز عدالتي خبرون ٺاهيندي ٺاهيندي پاڻ سان به ايڏو ته انصاف ٿو ڪري ويهي جو سندس وار به اڀا ٿي ويندا آهن پر وار ٺاهڻ جو وقت به هن وٽ ناهي هوندو. نرم گرم مزاج رکندڙ ظهور لاءِ ڪو به پڪ سان اهو نه ٿو چئي سگهي ته ڪهڙي وقت مذاق ٿو ڪري ته ڪهڙي وقت سنجيده آهي. سندس مذاق سنجيده ۽ سنجيدگي مزاحيا هوندي آهي.
علي حسن چانڊيو جيڪو سڄي ڊيسڪ جو چاچو بڻجي ويو آهي، اهو پڻ خبرن جي جنگ ۾ اڳئين مورچي تي هجي ٿو، اهڙي ريت قيوم سروهي شاعر هجڻ ڪري طبيعت ۾ حساس آهي پر خبرن جي حساسيت پڻ ڄاڻي ٿو، تازي شادي ٿيڻ ڪري ڊيسڪ وارن دوستن لاءِ پاڻ به هڪ خبر بڻيل هجي ٿو، پر هو مانيٽرنگ ڪندي سامهون لڳل اسڪرين تي هر خبر تي نظر پڻ رکندو آهي، اهڙي ريت سمورا سب ايڊيٽرز هر روز شام 4 کان ويندي رات هڪ وڳي تائين پنهنجي پنهنجي بيٽ جي خبرن سان جنگ ڪندي پنهنجي اخبار تيار ڪري عوام جي هٿن تائين پهچائيندا آهن.
هن جديد دور ۾ ڪمپيوٽر جو شعبو پنهنجي اهميت مڃرائي چڪو آهي. اخبار جي ڊزائننگ، لي آئوٽ ۽ تصويرن جي ڇنڊڇاڻ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر جي حيثيت انسان جي ڪرنگهي واري ٿي وئي آهي. پنهنجي اخبار جي ٽيڪنيڪل شعبي ڪمپيوٽر سيڪشن ۾ سني خاصخيلي انچارج آهي. سندس کلمک طبيعت کيس سڄي اداري ۾ ممتاز حيثيت ڏياري ٿي. ان کانسواءِ رميز خان تصويرن کي سنواري سڌاري ان لائق بڻائي ٿو جو ڪمپيوٽر اسڪرين تي ماڻهو پنهنجي پاڻ کي به سڃاڻي نه سگهي. علي وقاص سنديلو ٻٽي ذميواري نڀائيندڙ نوجوان آهي جيڪو شوبز ۽ دلچسپ خبرن جون صفحو سنڀالڻ سان گڏ پيج ميڪر به آهي. سينئر ڪمپيوٽر آپريٽر حبدار علي شاهه به سٿ ۾ تازو شامل ٿيو آهي. سجاد علي شيخ پيج ميڪر هجڻ سان گڏ هيڊنگس سيٽ ڪرڻ جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي.
نور جوکيو پنهنجي اخبار جي سٿ جو اهو خاموش ڪارڪن آهي، جيڪو سمورن هنڌن تي موجود هوندي به نظر نه ايندو آهي، سندس ڪردار هر جاءِ تي نظر ايندو آهي پوءِ مارڪيٽنگ هجي، سرڪيوليشن هجي، اڪائونٽس هجي، رپورٽنگ هجي يا وري انتظامي معاملا نور جوکيو هر جاءِ تي اهم ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو. مارڪيٽنگ شعبي جو انچارج محمد عاصم اعوان آهي جڏهن ته ارشد سولنگي سندس مددگار آهي، ڪاظم حسين، ٽيليفون آپريٽر سليم راڄپر، نعيم، نديم ٻرڙو پڻ اسان جي اداري جي سونهن آهن.
اسان جا پڙهندڙ صبح سان جيترو سڪون سان اخبار پڙهندا آهن، اوترو ئي اسان جو سڪون ڦٽل رهندو آهي. جيستائين اخبار مڪمل تيار نه ٿي ٿئي اسان سک جو ساهه ناهيون کڻندا. خاص طور آخري وقت ۾ يعني جڏهن اخبار آخري مرحلي ۾ هوندي آهي، ته هڪ هڪ سب ايڊيٽر واري واري سان سارنگ خاصخيلي وٽ پهچي ويندو آهي ته منهنجي فلاڻي خبر آهي، منهنجي فلاڻي خبر آهي، سترام چوندو آهي ته منهنجي خبرن کي اهميت ڏيو ته وري قيوم چوندو آهي منهنجي خبرن کي وڌيڪ جاءِ ڏيو، اتي وري صدام جون رڙيون به اينديون آهن ته اڄ جي فلاڻي اهم تصوير آهي اها لڳائجو. مٿان وري جاويد صاحب جي رڙ ايندي آهي جلدي ڪيو ڪاپي ڏيو هيترو ٽائيم ٿي ويو آهي.
اهڙي ماحول ۾ وري جڏهن پيجز جي پرنٽ پڙهي غلطيون ڪڍرائڻ جو وقت ايندو آهي اتي وري سترام ۽ قيوم ۾ مقابلو ٿيندو آهي ته آئون اڳ ۾ پروف ڪڍرايان، ايئن سمورو نيوز روم هڪٻئي کان اڳ پنهنجون پنهنجون خبرون ٺاهي انهن کي پيج ۾ خاص جاءِ ڏيارڻ جي جنگ ڪندي نظر ايندو آهي ۽ پوءِ صبح سوير پنهنجي اخبار عوام جي هٿن ۾ اچي ويندي آهي.

پنهنجي اخبار جو پنهنجو منصور
منصور نثار ٻرڙو نازڪ طبيعت، نازڪ مزاج نوجوان آهي. جيڪڏهن ڪٿي ڪو هر فن مولا آهي ته اهو منصور آهي. فرنٽ پيج جي اهم اشوز کان ويندي تبصرن تائين، آرٽيڪل لکڻ کان ويندي تجزيا ڪرڻ تائين هو هر اهو ڪم ڪري ٿو جنهن جي ذميواري مٿس لڳائي وڃي. روشن خيال منصور هاڻ سوشل ميڊيا جو صفحو پڻ ڪڍي رهيو آهي ۽ ان کي اهڙو ته بهتر بنايو اٿس جو سوشل ميڊيا وارا پاڻ شاهدي ڏين ٿا ته سوشل ميڊيا جون اعتبار لائق خبرون پڙهڻيون اٿو ته پنهنجي اخبار پڙهو. ڀٽائي جي سٽ آهي ته همه منصور هزار پر پنهنجي اخبار جو منصور هڪ هوندي به هزارن کان وڌيڪ اهم آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *