تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

پرڏيهه ۾ تعليم پرائڻ جي اهميت…ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو

اسين جڏهن ٻئي ملڪ وڃي تعليم پرايون ٿا ته ان جا ڪيترائي فائدا آهن، جيڪي انفرادي طور به ٿين ٿا ته وري گڏيل انساني سماج لاءِ به، جن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
انفرادي فائدا:
اعتماد پيدا ٿئي ٿو. معياري تعليم حاصل ٿئي ٿي. نئين ثقافت يا ڪلچر جي خبر پئي ٿي. نيون ٻوليون سکڻ جو موقعو ملي ٿو. نوان دوست ٿين ٿا. خوبصورت دنيا کي ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو. ماڻهو آزادي محسوس ڪري ٿو. پنهنجو پاڻ تي ڀروسو پيدا ٿئي ٿو. پنهنجي خاندان ۽ مٽن مائٽن جو قدر ٿئي ٿو. حب الوطني جو جذبو پيدا ٿئي ٿو. ٻين جو خيال ڪرڻ اچي ٿو. ذميواري جو احساس ٿئي ٿو. ڪيريئر جي لاءِ نوان موقعا پيدا ٿين ٿا. وقت، پيسي ۽ محنت جو قدر ٿئي ٿو. صبر ڪرڻ جي سگهه پيدا ٿئي ٿي. پنهنجي صلاحيتن جي خبر پوي ٿي.
گڏيل فائدا:
گڏيل سوچ پيدا ٿئي ٿي، جنهن تحت بين الاقوامي امن ۽ ڀائيچاري لاءِ ڪردار ادا ڪري سگھجي ٿو. ٻين جي مذهب، ٻولي، رسم رواج جو قدر ٿئي ٿو. گڏيل سائنسي کوجنا جو حصو ٿجي ٿو. انسان ذات جي مجموعي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪردار ادا ڪجي ٿو. ترقي يا فته ملڪن ۾ روزگار ۽ رهائش جو موقعو ملڻ ڪري، پنهنجي خاندان ۽ علائقي يا ملڪ لاءِ ماڻهو وڌيڪ ڪارائتو بڻجي ٿو.
ڪهڙي ملڪ وڃڻ گھرجي:
حقيقت ۾ ڪنهن به اعليٰ تعليمي اداري ۾ تعليم پرائڻ سڀ کان اهم ڳالهه آهي پوءِ اهو پنهنجو ئي ملڪ ئي ڇو نه هجي. پر اسان جي شاگردن لاءِ سڀ کان اهم انگريزي ٻولي ڳالهائي ويندڙ ملڪ هجن ٿا، جن ۾ انگلينڊ، آمريڪا، آسٽريليا، ڪئنيڊا، نيوزيلينڊ ۽ سينگاپور اچي وڃن ٿا. ان کانپوءِ يورپين يونين جا سمورا ملڪ شامل آهن، پر جيئن ته هن وقت سائنسي تحقيق ۽ اسڪالرشپ ڏيڻ ۾ اوڀر ايشيا جا ملڪ جاپان ۽ چائنا وغيره به اڳيان اڳيان آهن. ان ڪري ڪوبه موقعو هٿان ڇڏڻ نه گھرجي.
هن مضمون ۾ پرڏيهه ۾ تعليم بابت ڪجهه اهم نقطا هيٺ ڏجن ٿا. سڀ کان پهرين ته انگلينڊ، آسٽريليا، آمريڪا، ڪئنيڊا، جرمني، فنلينڊ يا يورپ جي ڪنهن به ملڪ يا اوڀر ايشيا جي ملڪن طرفان ملندڙ اسڪالرشپ ۾ پاڻ آزمائڻ گھرجي.
پوءِ پنهنجي مالي سگهه جي حساب پنهنجي پسند جي معياري يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ جي ڪوشش ڪجي. عالمي شاگردن جي تناسب سان پنهنجي خرچ تي ويندڙ شاگردن جو گھڻو تعداد آمريڪا، انگلينڊ ۽ آسٽريليا ۽ جرمني وڃي ٿو.
جرمني ۾ جيئن ته اعليٰ تعليم مفت آهي، صرف رهائش ۽ کائڻ پيئڻ جو خرچ ڪرڻو پوي ٿو، تنهن ڪري اهڙا شاگرد جيڪي وڌيڪ فيس افورڊ نٿا ڪري سگھن، انهن لاءِ جرمني بهتر رهندو.
اسڪينڊيونين ملڪ، جن ۾ سوئيڊن، ناروي، فن لينڊ ۽ ڊينمارڪ وغيره اچي وڃن ٿا، اهڙن ملڪن ۾ به مجموعي طور في گھٽ آهي ۽ سوشل سپورٽ به ڪن ٿا، ان ڪري هي ملڪ به چوٿين آپشن طور رکڻ گھرجي.
مجموعي طور يورپين يونين جا سمورا ملڪ انگلينڊ کان گھٽ فيس رکن ٿا، ان ڪري آمدني جي مطابق ترقي يافته يورپ جي ڪنهن به ملڪ جي گھٽ فيس واري يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ سان مالي معاملن ۾ آساني ٿي سگھي ٿي.
اميگريشن لاءِ سوچيندڙن کي آسٽريليا، ڪئنيڊا، نيوزيلينڊ ۽ جرمني وڌيڪ بهتر آپشن آهن. انگريزي ٻولي ۾ پڙهڻ لاءِ به انگريز ملڪ ئي بهتر آپشن آهن.
جرمني ۽ فرينچ ٻولين ۾ دلچسپي رکندڙ يا ڪنهن ٻي ٻولي ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ انهن ٻولين وارا ملڪ بهتر آپشن ٿي سگھن ٿا. قدرتي سونهن لاءِ سوئٽرزلينڊ پسنديده ملڪ آهي. تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ اٽلي ۽ چيڪ ريپبلڪ سٺا ملڪ آهن. خرچ جي حساب سان ايمسٽرڊيم، انگلينڊ، ميونخ، پئرس، برلن، سڊني، ميلبرن، زيورڪ مهانگا شهر آهن، انهن جي ڀيٽ ۾ ڪنهن ٻئي شهر ۾ رهائش جو خرچ گھٽ ٿي سگھي ٿو.
QS world ranking سڀ کان وڌيڪ بين الاقوامي شاگرد لنڊن انگلينڊ ۾ اچن ٿا جن جو تناسب 41 آهي. ٻئي نمبر تي ميلبرن 31 سيڪڙو ۽ سڊني آسٽريليا ۾ 30 سيڪڙو آهن. زيورڪ سوئٽرزلينڊ 27 سيڪڙو پوءِ مونٽريل ڪئنيڊا ۾ 28 سيڪڙو، پئرس فرانس ۾ 19 سيڪڙو، برلن جرمني ۾ 17 سيڪڙو ۽ ميونخ جرمني ۾ 15 سيڪڙو، سيول 10 سيڪڙو، ٽوڪيو ۾ 7 سيڪڙو آهن.
ٽيوشن فيس ۾ سڀ کان مهانگو انگلينڊ آهي جتي ايوريج 21 هزار ڊالر خرچ اچي وڃي ٿو.
ميلبرن آسٽريليا ۾ 22700 ڊالرز تائين ساليانو خرچ اچي ٿو.
سڊني ۾26377 ڊالرز تائين سالياني ٽيوشن فيس هجي ٿي.
مونٽريل ڪئنيڊا ۾ 13 هزار ڊالرز جي لڳ ڀڳ فيس هجي ٿي.
پئرس ۾ 4 هزار ڊالرز تائين ٽيوشن فيس آهي.
زيورڪ ۾ 2 هزار ڊالر تائين ٽيوشن فيس آهي.
جرمني ۾ جيئن ته بين الاقوامي شاگردن لاءِ به مفت تعليم آهي پر نالي ماتر فيس ورتي وڃي ٿي جيئن برلن جي تعليمي ادارن ۾ 269 ۽ ميونخ ۾ صرف 69 ڊالر ٽيوشن فيس آهي.
نوٽ: ايشيا جي ملڪن ۾ سڀ کان مهانگو ملڪ سنيگاپور آهي پر جاپان ۽ ڪوريا جي تعليمي ادارن جي فيس به يورپ جي ڪافي ملڪن کان وڌيڪ آهي، جيئن ڪوريا ۾ ساليانو ٽيوشن فيس 7 هزار ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي ۽ جاپان ۾ 6 هزار ڊالرز تائين ۽ چائنا ۾ به ڪافي ٽيوشن فيس آهي. ملائشيا ۾ به ٽيوشن فيس 3 کان 4 هزار ڊالر تائين آهي.
ايئن اسڪينڊيون ملڪن جن ۾ سوئيڊن، ڊينمارڪ، ناروي ۽ فنلينڊ اچي وڃن ٿا، اتي به ڪافي يونيورسٽين ۾ ماسٽرس ۽ پي ايچ ڊي لاءِ ٽيوشن فيس گھٽ آهي.
فنڊنگ ۽ پارٽ ٽائيم ڪم جو طريقيڪار:
جيئن ته سموري دنيا ۾ بيچلر ڊگري جي تعليم سڀ کان وڌيڪ مهانگي هوندي آهي، ان کان پوءِ ڪجهه گھٽ فيس سان ماسٽرس جي تعليم آهي ۽ مجموعي طور پي ايچ ڊي جي فيس باقي ڊگرين جي ڀيٽ ۾ گھٽ هوندي آهي، پر ان جو اهو به مطلب نه آهي ته پي ايچ ڊي ۾ ڪا تمام گھٽ فيس آهي. اها به حقيقت آهي ته پي ايچ ڊي لاءِ فنڊنگ ۽ اسڪالرشپ عام طور ملي ٿي، جنهن جو سبب اهو آهي ته پي ايچ ڊي صرف اهي ئي ماڻهو ڪرڻ چاهيندا آهن جيڪي سائنسي طور تي علم ۾ ڪجهه واڌارو ڪرڻ جا اهل هجن ٿا ۽ اهڙو ڪم مجموعي طور انسان ذات لاءِ فائديمند سمجهيو وڃي ٿو. پر چٽاڀيٽي ۽ اسڪالرشپن جي گھٽتائي جي ڪري هر ڪنهن کي اهڙو موقعو ڪونه ٿو ملي. مجموعي طور هر ذهين ماڻهو کي پهرين فل برائيٽ آمريڪن اسڪالرشپ، برٽش ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ کان ويندي تواس اسڪالرشپ يا آسٽريليا، جاپان، چائنا وغيره جي حڪومتن طرفان يا پنهنجي ملڪ پاڪستان جي هائير ايڊيوڪيشن ڪميشن طرفان يا اڃان به دنيا جي اهم يونيورسٽين طرفان الڳ سان ملندڙ اسڪالرشپ کان ويندي ڪنهن پروفيسر يا ريسرچ گروپ وٽ هلندڙ فنڊيڊ پراجيڪٽ ۾ دلچسپي ڏيکاري فنڊنگ حاصل ڪرڻ گھرجي، پر اهڙن ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪجي، جتي مفت هجي يا وري فيس گھٽ هجي. انهن ۾ جرمني جو نالو سڀ کان سرفهرست آهي، ان کان پوءِ فنلينڊ، سوئيڊن، ناروي، ڊينمارڪ ۽ فرانس وغيره اچي وڃن ٿا. ايئن آمريڪا، آسٽريليا، انگلينڊ ۽ ڪئنيڊا سڀ کان مهانگي تعليم ڏيندڙ ملڪ آهن، انهن جي ڀيٽ ۾ وري فرانس، سوئٽرزلينڊ، نيڌرلينڊ، بيلجيم، اٽلي وغيره ۾ وچٿري فيس آهي. تنهن ڪري ڏٺو وڃي ته اوڀر يورپ جي ملڪن رشيا، چيڪ سلواڪيا ۽ پولينڊ ۾ به فيس وچٿري آهي. وچٿري فيس مان مطلب 3 کان 7 هزار ڊالر فيس آهي. جڏهن ته مهانگن ملڪن جي فيس 8 هزار کان 24 هزار ڊالر تائين آهي.
ڪنهن اسڪالرشپ نه هجڻ جي صورت ۾ به داخلا وٺي اعليٰ تعليم لاءِ ويندڙ شاگردن کي پارٽ ٽائيم ورڪ پرمٽ مان فائدو حاصل ڪرڻ گھرجي، جنهن لاءِ انگلينڊ توڙي آسٽريليا، نيوزيليڊ، آمريڪا ۽ ڪئنيڊا سميت يورپ جي سمورن ملڪن ۾ ورڪنگ هاورس طئه ٿيل آهن، جڏهن ته پوسٽ اسٽڊي ورڪ ويزا جو به رواج آهي، جنهن سان پرڏيهي شاگرد تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ به پوسٽ اسٽڊي ورڪ ويزا لاءِ اپلاءِ ڪري 6 مهينن کان 2 سال تائين رهي سگھي ٿو، جنهن سان ان کي نه صرف مستقل نوڪري ملڻ جا امڪان هجن ٿا پر اميگريشن لاءِ سندس ڪيس به مضبوط ٿئي ٿو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *