تازا ترين
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

پرياڻي پيرن جو قبرستان … عزيز ڪنگراڻي

پَرياڻي پيرن جو قبرستان ضلعي دادو جي تعلقي خيرپور ناثن شاھ جي شهر خانپور چي ڏکڻ اوڀر ۾ لڳو لڳ واقع آھي. ھن قبرستان ۾ ڪنهن جا مقبرا آهن؟ يا پرياڻي پير ڪير هئا؟ ان بابت تاريخ خاموش آهي. تاريخي طور ڪو به حوالو مونکي ملي نه سگهيو آهي. هن قبرستان ۾ پير دفن ٿيل آهن يا وقت جي ڪنهن ٻئي اهم قبيلي سان تعلق رکندڙ بزرگ ماڻهو يا جرنيل دفن ٿيل آهن؟ ڪا به حتمي راءِ قائم ڪري نه ٿي سگهجي. هن قبرستان جي سار سنڀار پيرزادو قبيلي سان تعلق رکندڙ ماڻهو ڪن ٿا. مون 2012ع ۾ اِي ايف ٽي (EFT) جي تعاون سان ڄامشوري کان شهداد ڪوٽ تائين سنڌُو درياھ جي ساڄي ڪناري سان مسجدن ۽ مقبرن جي ديوارن تي ٿيل چٽسالي(Painting ) جي سروي ڪئي هئي ۽ ڪتاب هسٽري آن وال (History on wall) لکيو آهي جيڪو اِي ايف ٽي طرفان ڇپائي هيٺ آهي. هن سلسلي ۾ مختلف علائقن ۾ جن به دوستن مون سان سهڪار ڪيو هو انهن جا ٿورا ڪتاب ۾ پڻ درج ڪيا آهن. تڏهن پرياڻي پيرن جو قبرستان به ڏسڻ ويو هوس جنهن ۾ بهترين شاعر دوست پياري علي زاهد تعاون ڪيو هو.
مون پرياڻي پيرن بابت مقامي ماڻهن کان ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪنهن به خاطر خواھ ڄاڻ نه ڏني. صرف اهو ٻُڌايو ويو ته قبرستان مقامي طور پرياڻي پيرن جي نالي سان مشهور آهي. قبرستان جي سار سنڀار ڪندڙ کان قبرستان ۾ مقبرن ۾ مدفون ماڻهن جا نالا معلوم ڪرڻ چاهيئ پر هُو به هٻڪي پيو ۽ هڪ مقڀري ۾ دفن ٿيل ماڻهو جو هيڪر هڪ ته ٻيهر ٻيو نالو ٻُڌائي پيو.بهرحال مٿولي جي زباني ته اِهي مقبرا پرياڻي پيرن جا آهن. سندس عجيب روايت موجب ته اهي پير پَرِيءَ (Fairy) جو اولاد آهن جنهنڪري پرياڻي پير سڏجن ٿا. اِهي پير پَرِيءَ جو اولاد آهن سا صرف ڏند ڪٿا ئي سمجهي سگهجي ٿي.
هيءَ قبرستان ڪلهوڙن جي دور جي پڇاڙي ۽ ٽالپرن جي دور جي شروعات جو معلوم ٿئي ٿو. هيءَ راءِ ٽن اهم دليلن جي بنياد تي قائم ڪري سگهجي ٿي. هڪ ته مقبرن جي طرز تعمير ٻنهي دورن جي نشاندهي ڪري ٿي. ٻيو مقبرن جي ديوارن تي ٿيل فريسڪو چٽسالي پڻ ٻنهي دورن جو ڏس پتو ڏئي ٿي. ٽيون جيڪو ٽالپورن دور هجڻ جو مضبوط حوالو آهي سو پينٽر طرفان هڪ مقبري جي پينٽنگ ۾ سال 1812ع درج ڪيل آهي ۽ اهو سال ٽالپورن جي دور کي ظاهر ڪري ٿو. حاصل مطلب ته هيءَ قبرستان ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور جو يادگار آهي.
خانپور کان اولھه طرف ڳوٺ ڳاڙهي ۽ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو قبرستان آهي. ممڪن آهي ته هن قبرستان ۾ دفن ٿيل ماڻهن جو ڪلهوڙن جي ميانوال تحريڪ سان تعلق هجي ۽ بعد ۾ ٽالپورن سان وابسته رهيا هجن. ڇاڪاڻ ته مقبرن جي تعمير ڪنهن هڪ دور جي نه آهي. ڪي مقبرا آڳاٽا تعمير ٿيل آهن ته ڪي بعد ۾ تعمير ٿيل آهن. ڪافي مقبرن جا گنبذ ڪري پيا آهن جن جي ڇت متولي گاڊرن ۽ ٽيئرن ذريعي سرون رکي بند ڪئي آهي. مقبرن جي ديوارن تي فريسڪو چٽسالي پڻ شاندار ٿيل آهي. جنهن ۾ پکي به آهن ته پنن، گلن جون ڊزائنون به آهن. ديوارن تي اربيسقيو ۽ ٻيون جاميٽريڪل ڊزائنون به چٽيل آهن. هنن مقبرن جي ديوارن تي ڪيليگرافي به ملي ٿي. ساليانو مرمت يا رنگ روغن ٿيڻ ڪري مقبرن جي ديوارن تي فريسڪو چٽسالي ميسارجي به وئي آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *