تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

پرياڻي پيرن جو قبرستان …عزيز ڪنگراڻي

پَرياڻي پيرن جو قبرستان ضلعي دادو جي تعلقي خيرپور ناثن شاھ جي شهر خانپور چي ڏکڻ اوڀر ۾ لڳو لڳ واقع آھي. ھن قبرستان ۾ ڪنهن جا مقبرا آهن؟ يا پرياڻي پير ڪير هئا؟ ان بابت تاريخ خاموش آهي. تاريخي طور ڪو به حوالو مونکي ملي نه سگهيو آهي. هن قبرستان ۾ پير دفن ٿيل آهن يا وقت جي ڪنهن ٻئي اهم قبيلي سان تعلق رکندڙ بزرگ ماڻهو يا جرنيل دفن ٿيل آهن؟ ڪا به حتمي راءِ قائم ڪري نه ٿي سگهجي. هن قبرستان جي سار سنڀار پيرزادو قبيلي سان تعلق رکندڙ ماڻهو ڪن ٿا. مون 2012ع ۾ اِي ايف ٽي (EFT) جي تعاون سان ڄامشوري کان شهداد ڪوٽ تائين سنڌُو درياھ جي ساڄي ڪناري سان مسجدن ۽ مقبرن جي ديوارن تي ٿيل چٽسالي(Painting ) جي سروي ڪئي هئي ۽ ڪتاب هسٽري آن وال (History on wall) لکيو آهي جيڪو اِي ايف ٽي طرفان ڇپائي هيٺ آهي. هن سلسلي ۾ مختلف علائقن ۾ جن به دوستن مون سان سهڪار ڪيو هو انهن جا ٿورا ڪتاب ۾ پڻ درج ڪيا آهن. تڏهن پرياڻي پيرن جو قبرستان به ڏسڻ ويو هوس جنهن ۾ بهترين شاعر دوست پياري علي زاهد تعاون ڪيو هو.
مون پرياڻي پيرن بابت مقامي ماڻهن کان ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪنهن به خاطر خواھ ڄاڻ نه ڏني. صرف اهو ٻُڌايو ويو ته قبرستان مقامي طور پرياڻي پيرن جي نالي سان مشهور آهي. قبرستان جي سار سنڀار ڪندڙ کان قبرستان ۾ مقبرن ۾ مدفون ماڻهن جا نالا معلوم ڪرڻ چاهيئ پر هُو به هٻڪي پيو ۽ هڪ مقڀري ۾ دفن ٿيل ماڻهو جو هيڪر هڪ ته ٻيهر ٻيو نالو ٻُڌائي پيو. بهرحال مٿولي جي زباني ته اِهي مقبرا پرياڻي پيرن جا آهن. سندس عجيب روايت موجب ته اهي پير پَرِيءَ (Fairy) جو اولاد آهن جنهنڪري پرياڻي پير سڏجن ٿا. اِهي پير پَرِيءَ جو اولاد آهن سا صرف ڏند ڪٿا ئي سمجهي سگهجي ٿي. هيءَ قبرستان ڪلهوڙن جي دور جي پڇاڙي ۽ ٽالپرن جي دور جي شروعات جو معلوم ٿئي ٿو. هيءَ راءِ ٽن اهم دليلن جي بنياد تي قائم ڪري سگهجي ٿي. هڪ ته مقبرن جي طرز تعمير ٻنهي دورن جي نشاندهي ڪري ٿي. ٻيو مقبرن جي ديوارن تي ٿيل فريسڪو چٽسالي پڻ ٻنهي دورن جو ڏس پتو ڏئي ٿي. ٽيون جيڪو ٽالپورن دور هجڻ جو مضبوط حوالو آهي سو پينٽر طرفان هڪ مقبري جي پينٽنگ ۾ سال 1812ع درج ڪيل آهي ۽ اهو سال ٽالپورن جي دور کي ظاهر ڪري ٿو. حاصل مطلب ته هيءَ قبرستان ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور جو يادگار آهي.
خانپور کان اولھ طرف ڳوٺ ڳاڙهي ۽ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو قبرستان آهي. ممڪن آهي ته هن قبرستان ۾ دفن ٿيل ماڻهن جو ڪلهوڙن جي ميانوال تحريڪ سان تعلق هجي ۽ بعد ۾ ٽالپورن سان وابسته رهيا هجن. ڇاڪاڻ ته مقبرن جي تعمير ڪنهن هڪ دور جي نه آهي. ڪي مقبرا آڳاٽا تعمير ٿيل آهن ته ڪي بعد ۾ تعمير ٿيل آهن. ڪافي مقبرن جا گنبذ ڪري پيا آهن جن جي ڇت متولي گاڊرن ۽ ٽيئرن ذريعي سرون رکي بند ڪئي آهي.مقبرن جي ديوارن تي فريسڪو چٽسالي پڻ شاندار ٿيل آهي. جنهن ۾ پکي به آهن ته پنن، گلن جون ڊزائنون به آهن. ديوارن تي اربيسقيو ۽ ٻيون جاميٽريڪل ڊزائنون به چٽيل آهن. هنن مقبرن جي ديوارن تي ڪيليگرافي به ملي ٿي. ساليانو مرمت يا رنگ روغن ٿيڻ ڪري مقبرن جي ديوارن تي فريسڪو چٽسالي ميسارجي به وئي آهي

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *