تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

پريانڪا چوپڙا جي هڪ پوسٽ جي قيمت ڪيتري ؟

بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا هوپر هيڊڪوارٽر جي چوٿين سالياني انسٽاگرام رچ لسٽ ۾ شامل ٿيندڙ پهرين بالي ووڊ شخصيت آهي ۽ ان ويب سائيٽ موجب امڪاني طور هڪ پوسٽ لاءِ 2 لک 89 هزار ڊالر ملي سگهن ٿا، انسٽاگرام تي پريانڪا جا 5 ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ فالوئرز آهن. انسٽاگرام شڊيولر اينڊ پلاننگ ٽول جي ان ويب سائيٽ “هوپرايچ ڪيو” تي مشهور ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي 26هين نمبر تي آهي ۽ سندس هڪ پوسٽ جي قيمت 2 لک 96 هزار ڊالر ٻڌائي پئي وڃي، 100 شخصيتن جي ان فهرست ۾ انڊيا جي ڪنهن ٻي شخصيت جاءِ نه ٺاهي آهي. ويب سائيٽ تي هالي ووڊ سپر اسٽار ڊوائين جانس سرفهرست آهي جنهن جي هڪ پوسٽ جي قيمت سائيٽ موجب هڪ ملين ڊالر کان ڪجهه وڌيڪ ٿي سگهي ٿي، سندس 187 ملڪين فالوئرز آهن. گذريل سال جي مقابلي ۾ هن ڀيري انسٽاگرام تي ان جي قيمت 15 سيڪڙو وڌي چڪي آهي، هن ڪائلي جونز ۽ فٽبال جي ليجنڊ ڪرسٽيانو رونالڊو کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. پريانڪا تازو ئي اميزون سان ٻن سالن جي ملٽي ملين جي ڊيل سائن ڪئي آهي جڏهن ته نيٽ فليڪس سان پهريان ئي ٻن پروجيڪٽ وي ڪين بي هيروز ۽ وائٽ ٽائگر پائپ لائن ۾ آهن، ان کانسواءِ ڪيانو ريو جي دي ميٽرڪس فور ۾ به هوءَ نظر ايندي. سال 2000ع ۾ مس ورلڊ جو تاج ماڻي بالي ووڊ ۾ قدم رکندڙ پريانڪا جو شمار سڀ کان وڌيڪ فيس وٺندڙن هيروئن ۾ ٿئي ٿو، هن تازو ئي هالي ووڊ ۾ به پاڻ مڃرايو آهي، پريانڪا دنيا جي سئو با اثر ماڻهن جي فهرست ۾ به شامل رهي چڪي آهي، ان کانسواءِ دنيا جي سئو با اثر عورتن جي فهرست ۾ پڻ سندس ذڪر ٿي چڪو آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *