تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

پروفيشنل موٽيويشنرن …عذير عابد

انسان جي اندر سوين خواھشون جنم وٺن ٿيون، ڇاڪاڻ ته ماڻھو سوچين ۽ ويچارين ٿا، ھڪ سالم دماغ واري ماڻھو جو ذھن ھر وقت ڪجھه نه ڪجھه سوچيندو ۽ ڪنھن نه ڪنهن ڳالھه تي غور ڪندو رھي ٿو . جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي ھي دنيا  ظاھر آهي  ھڪ غريب پورھيت لاءِ  ايستائين جو ھڪ وچين طبقي واري ماڻھو لاءِ به ڏاڍي ڏکي آھي ڪنھن مظلوم پورھيت جو Survival يعني گذارو ھن ھڻ وٺ جي دنيا ۾ ڏاڍو ڏکيو آھي ـ گڏوگڏ اھا ڳالھه به واضح آهي ته ھر ماڻھو بھتر ٿيڻ چاھي ٿو ھر ماڻھو پنهنجي ذھن ۾ ڪجھه سوچي پوءِ انکي عملي جامو پھرائڻ چاھي ٿو ۽ جڏھن عملي ميدان ۾ پنهنجي ڪنھن مقصد يا خواھش کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪو ڪم ڪري ٿو ته سماج اندر ان ماڻھو لاءِ ھزار رڪاوٽون آھن ۽ اھي رڪاٽون برٽينڊ رسل مطابق ٻن قسمن جون آھن ھڪڙيون نفسياتي ((Psychological)) ۽ ٻيون وري سماجي، ڪجھه رڪاوٽن جو ڪو وجود ڪونھي اھي صرف سندس ذھن ۾ وجود رکن ٿيون ( اھي رڪاوٽون ۽ مونجهارا به حقيقت ۾ سماجي ۽ معاشي حالتن جي پيداوار آھن))  ڪجهه رڪاوٽون وري Objective آھن جيڪي سماج ڪنھن فرد لاءِ کڙيون ڪري ٿو . خواھشن ۽ اميدن جو پورو نه ٿيڻ سوين بيمارين کي جنم ڏي ٿو پوءِ اھي بيماريون ذھني ھجن يا جسماني، مثال طور : نا اميدي، مايوسي، تنھائي ۽ پريشاني  ھڪڙن انجو حل اھو ٻڌايو ته خواھش ئي نه ڪيو خواھشون سڄي مصيبت جو سبب آھن انڪري ان کان پري ڀڃي وڃو. جون ايليا ان خيال جي ترجماني هيئن ڪئي آهي.
روح آزاد هو منظور تقاضا نه رهي
هي تمنا ڪه مجهي ڪوئي تمنا نه رهي
يعني خواھشن کي گھٽايو ـ سادي زندگي گذاريو ـ دنيا کان پري ڀڃي وڃو ـ ھيڪل وياڪل رھو ـ ھي دنيا نيڪ ماڻھن جي نه آھي ـ پرھيزگار ماڻھن جو ھتي ڪو به ڪونھي ـ خواھش نه ڪرڻ واري معاملي جو جواب اھو مليو ته : ماڻھو خواھش ڪري ڇو ٿو ؟ انسان جي اندر اھا ڪھڙي شي آھي جيڪا انسان کي پھرين خواھش ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي ۽ پوءِ خواھش پوري نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ مصيبتن ۽ پريشانين کي جنم ڏي ٿي، جواب اھو مليو ته جيسيتائين ماڻھو جا پنج حواس يا پنجن مان ڪو ھڪ به  حواس سلامت ھوندو ماڻھو خواھش  ڪندو رھندو يعني خواھش جو بنياد وري حواس Senses آھن تنهنڪري اھا ڳالھه غيرسائنسي آهي ته خواھش ئي نه ڪيو (ھن مضمون جو موضوع سماج نه پر فرد آھي تنھنڪري جيڪي ڳالھيون ڪجن ٿيون اھي انفرادي سوچ ۽ نوعيت جون آھن ) ـ ماڻھو زندھه ھوندو ته خواھش ڪندو رھندو ڇاڪاڻ ته انسان جون ڪجھه نفسياتي ۽ طبعي  ضرورتون Psychological and physical) needs)  ھجن ٿيون جن جو پورائو انسان جي جيئري رھڻ لاءِ بيحد ضروري آھي، ٻي صورت سالم ۽ ٺيڪ ٺاڪ رھڻ ذھني توڙي طبعي حوالي سان ڏکيو ٿي پوي ٿو ـ ضرورتن جو پورائو سماج ۽ فطرت اندر موجود شيون ڪن ٿيون، اھي ڪن کي ججھي مقدرا ۾ ميسر آھن ته ڪي وري مڪمل طرح انھن نعمتن کان محروم آھن ـ 
ھڪڙي طرف اھي ماڻھو ھئا جن چيو خواھشون ئي نه ڪيو ته ٻي طرف اھي ماڻھو آهن جيڪي ماڻھن کي اتساھين پيا  جڏھن ماڻھو  مايوس ٿا ٿين، وڏن وڏن ڪارنامن ڪرڻ ۾ ناڪام ٿين ٿا تڏھن انھن کي اتساھين ٿا، اڳ ۾ اھي اديب  ليکڪ ۽ دانشور ھوندا  ھئا جيڪي ماڻھن کي اتساھيندا ھئا پر ھاڻي اھي ماڻھو پروفيشنل بڻجي ويا آھن جيڪي پاڻ نه ته تاريخ جو چڱي طرح مطالعو ڪن ٿا ۽ نه وري فلسفي ۽ انقلابن  جي تاريخ  جو گھرو مطالعو ڪن ٿا . صرف چند پروفيشنل ليکارين جا ڪتاب پڙھي پوءِ پنهنجي روزي کي چمڪائين ٿا، انھن جي ليڪچر ۾ توھان کي ڪا به غير روايتي ڳالھه نه ملندي بس ساڳيو ئي ساڳيون نصيحتون: سٺا ٿي وڃو، بھتر ٿي وڃو، خدا توھانجي مدد ڪندو. ھا بھتر ڪيئن ٿجي، غير معمولي ڪيئن بڻجي، ھاري ۽ مزدور جي ٻار وٽ ته ايترا موقعا ئي ڪونھن انھن کي سدائين ھيسايو، دٻايو ۽ احساس ڪمتري ۾ مبتلا ڪيو ويو آھي، ان ۾ اعتماد (Confidence) ڪيئن پيدا ٿيندو؟ ماڻھو جي ننڍڙي عمر جي تجربن جو انساني زندگي ۾ ڪيترو ڪردار آھي ؟ معاشي حالتون معاشري جي سموري سوچڻ جي انداز ۽ نفسيات تي اثرانداز ٿين ٿيون ان موضوع تي ھو ڳالھائڻ لاءِ تيار نه آھن، اھي پروفيشنل موٽيويشنر ماڻھن جي المين، ڏکن دردن ۽ پيڙائن جي ڳالھه نٿا ڪن، اھي صرف انفرادي طرح ماڻھن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڪڏھن 10 ته ڪڏھن 15 اصول ٻڌائين ٿا، اھڙن ماڻھن جي ليڪچرس ٻڌڻ سان تمام سٺا ۽ فرمانبردار نوڪر ته پيدا ٿي سگھن ٿا پر غير معمولي ڏاھا ڪڏھن به پيدا  ٿي نٿا  سگھن، انھن ماڻھن جا تصور ۽ خيال به عجيب غريب ھجن ٿا، انھن وٽ ڪاميابي ۽ ناڪامي جا تمام گھٽيا ۽ تنگ نظر تصورآھن. ڪاميابي کي صرف سٺي نوڪري ۽ آسائش واري زندگي ٿا سمجھن، پورھيت طبقي، ماڻھن جي المين، سماج جي شعوري نشو نما سان ھنن جو ڪو به واسطو ڪونھي، ھي ماڻھو پنهنجي ليڪچرز ذريعي انفرادي سوچ کي جنم ڏين ٿا، پنهنجي مدي خارج خيالن جي انجيڪشنس ھو نوجوان نسل ۾ لڳائيندا رھن ٿا ۽ڪتابن ۾ پڙھيل ڳالهيون جيئن جو تيئن ماڻھن کي ٻڌائن ٿا. 
اچو ته پاڻ ڪاميابي جا وڏا تصور ٺاھيون، سماج سان ڳنڍجون، مظلوم پورھيتن سان گڏ بيھون، ڳالھين، روين ۽ سوچن جي گھرائي تائين پھچون نه ڪي سطحي ۽ رواجي ڳالھيون ڪريون.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *