تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

“پروفيسر موري ۽ آئون”…علي رضا قاضي

بين القوامي ادب ۾ مچ البوم جو نالو ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي. هو هڪ ئي وقت ليکڪ، صحافي، اسڪرين پلي رائيٽر، براڊ ڪاسٽر ۽ موسيقار آهي. البوم جي ڪتابن جون اٽڪل 4 ڪروڙ ڪاپيون مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿي وڪامجي چڪيو آهن ۽ هن ڪتاب “پروفيسر موري ۽ آئون” جون ڏيڍ ڪروڙ ڪاپيون هٿو هٿ ڪجهه ئي وقت ۾ وڪرو ٿي ويون.
ڪنهن به ٻوليءَ يا ادب ۾ ترجمو ڪيترو ضروري آهي؟ ان لاءِ ڪتاب ۾ شامل ڪجهه ڳالهيون لکجن ٿيون: مشهور ليکڪ سروانتي چيو: ترجمو گلڪاري جيان هوندو آهي. ترجمي کانسواءِ اسان خاموشيءَ سان سرحدن جي اندر رهندا آهيون. ترجمو ٻين ٻولين وسيلي قومن جي ڪلچر، تهذيب، آرٽ وچ ۾ پل جو ڪردار نڀائيندو آهي. قومن جي نفسيات جي معلومات اسان کي انهن جي ادب جي ترجمي مان ملي ٿي. قومن جو هڪ ٻئي کي بهترين تحفو، انهن جي ڪتابن جو ترجمو ئي آهي. سچ ته هي ڪتاب “پروفيسر موري ۽ آئون” به محترم قربان چنا جو سنڌي قوم لاءِ تحفو ئي آهي. قربان چنا لکيو آهي ته: هو جڏهن هڪ جاءِ تي منجهي پيو ۽ هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ان سٽ کي ڪيئن ترجمو ڪجي، ته هن ليکڪ مچ البوم سان اي ميل ذريعي رابطو ڪيو ۽ هن جو ريپسپانس ڏسي حيران ٿي ويو ته ايڏو وڏو ۽ مصروف ماڻهو، فقط سٽ جي تشريح لاءِ هن کي ڪيترائي صفحا لکي موڪليا ۽ تفصيل سان ڳالهه سمجهائي. هن معاملي مان ليکڪ جي عظمت جي خبر پوي ٿي. ان ساڻ قربان چنا جي پنهنجي ڪم سان سچائي پڻ، ته ڪيئن نه هن هڪ هڪ لفظ لاءِ نور نچوئي محنت سان ترجمو ڪيو هوندو. ڪتاب لاءِ مترجم اها ڳالهه اعتماد سان لکي آهي ته هن ڪتاب جو سڄو مقصد لطيف سرڪار جي هڪ سٽ “جي تو بيت ڀانئيا” آهي.
مختصر لفظن ۾ ٻڌائيندو هلان ته موري نالي شخص پروفيسر آهي. موت جي بستري تي ستل اهو پوڙهو ۽ بيمار انسان، جنهن لاءِ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هو ڪنهن به وقت مري سگهي ٿو. ڪهاڻي جو ٻيو ڪردار مچ البوم پاڻ آهي، جيڪو هڪ ڪامياب اسپورٽس جنرلسٽ طور سڃاتو وڃي ٿو. قصو ڪجهه هن ريت شروع ٿئي ٿو ته مچ البوم، هڪ گهٽ ڳالهائو ۽ پڙهائي ۾ نارمل قسم جو شاگرد آهي. امتحانن جي نتيجي واري ڏينهن جڏهن هو پنهنجي استاد پروفيسر موري کان موڪلائڻ وڃي ٿو ۽ پنهنجي والدين جي ملاقات ان سان ڪرائي ٿو ته پروفيسر موري، هن جي تمام گهڻي تعريف ڪري ٿو ۽ سندس والدين کي ٻڌائي ته هنن جو پٽ تمام گهڻو ذهين آهي، هڪ ڏينهن هو سندن نالو روشن ڪندو. اهڙي ريت هو واعدو ڪري موڪلائين ٿا ته ملندا رهندا، پر اهو واعدو ڪجهه مهينن ۾ وسريو وڃي.
مچ البوم جي زندگي تمام گهڻي مصروف ٿي وڃي ٿي. هو واقعي به ڪاميابي جا ڏاڪا تيزي سان چڙهندو رهي ٿو. هڪ ڏينهن ٽي وي تي هو پروفيسر موري جي بيماري جو ٻڌي ٿو. مچ البوم، ڪنهن طريقي سان استاد وٽ پهچي ٿو. اهي طئه ڪن ٿا ته هر اڱاري تي پاڻ ۾ ملندا. هاڻي هو هر اڱاري جي ڏينهن پاڻ ۾ ملڻ لڳن ٿا. مچ البوم کي پروفيسر موري جون ڳالهيون زندگي ۽ سچائي جو آئينو لڳن ٿيون. هڪ مرندڙ ماڻهو جون اميدن سان ڀرپور ڳالهيون. ان وچ ۾ مچ البوم، اخبارن ۾ ڪالم لکي پروفيسر جون ڳالهيون عام ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڪوشش پڻ ڪري ٿو. ساڳي وقت مختلف ٽي وي چينلز تي به پروفيسر موري جا سچا گفتا تمام گهڻي مشهوري ماڻين ٿا. هو اهو پڻ طئه ڪن ٿا ته پروفيسر جي سچين ڳالهين کي گڏ ڪري هڪ ڪتاب ڇپرايو ويندو. هونئن ته ڪتاب جون سڀئي ڳالهيون سون آهن، پر هڪ اقتباس هتي پيش ڪجي ٿو.
“اسان مان هرڪو ڄاڻي ٿو ته هڪ ڏينهن هن کي مري وڃڻو آهي، پر ان ڳالهه تي يقين ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي. موري چئي ٿو ته جيڪڏهن توهان کي پنهنجي زندگي مان ڪجهه حاصل ڪرڻو آهي ته الرٽ رهڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته توهان روز پاڻ کان سوال ڪريو. ڇا مان اهڙو ٿي ويون آهيان، جهڙو مون کي ٿيڻ گهرجي؟ جيڪڏهن توهان اهڙا ناهيو، جيڪو توهان کي هجڻ گهرجي ته پوءِ اهڙا ٿيڻ شروع ڪريو. مطلب جيڪو ڪجهه ٿيڻو اٿو، سو اڄ کان شروع ڪريو. ڇاڪاڻ ته سڀاڻي جي خبر ناهي ته توهان هجو يا نه … پروفيسر موري چئي ٿو ته هڪ ڀيرو مرڻ سکي ورتو ته توهان کي معلوم ٿي ويندو ته زندهه ڪيئن رهڻو آهي!”
ڪتاب ۾ ٻيا به ڪيترائي بهترين نڪتا اٿاري، انهن تي زبردست بحث ڪيو ويو آهي ۽ ان سڄي معاملي ۾ قربان چنا، جي ترجمي جو ڪمال جس لهڻي، جيڪو ڪٿي به محسوس ٿيڻ نه ٿو ڏئي ته هي ڪو ڌاري ٻوليءَ جو ادب آهي. جنهن لاءِ مترجم کي ضرور داد ڏيڻ گهرجي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *