تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

پرواھ نه ڪر…سڪندرھاڙھو

جمن جي زال گهر جي اڱڻ تي وڏو ٻڙڌڪ مچايو بيٺي ھئي..ذري گھٽ اڌ پاڙو ڪٺو ٿيل ھو..چوڻ لڳي اڳي تون سپاھي ھوندو ھئين..اسان وٽ سامان سان گهر ڀريل ھوندو ھو کائڻ پيئڻ جي ته کوٽ ئي نه ھوندي ھئي ايتري قدر جو اوڙي پاڙي وارا به اسان کان کوٽي وڌي ۾ کڻي ويندا ھئا ۽ پيسي پائي جي ته ڪڏهن به ڪمي محسوس نه ھوندي ھئي، مڙي ئي تنهنجي ڦاٽل ساٽل سوٽ ۾ پنج سئو يا ھزار جو نوٽ پيل ھوندو ھو پر ھاڻي جڏهن کان وٺي تون جمعدار ٿيو آھين تڏهن کان وٺي بک اچي پاسريون ورتيون آهن پيسو پائي ته ٺھيو صرف صابڻ لاءِ به سڪي موئين آھيان..جمن جمعدار زال جا اھي جملا ٻڌي ڪنڌ ھيٽ ڪندي چوڻ لڳو.ميٽم! ڇا ڪيان جڏهن کان اسان جي ملڪ ۾ ھاف فراءِ ۽ ڦل فراءِ جو قانون لاڳو ٿيو آهي تڏهن کان شھرن توڙي ٻھراڙي واري علائقن ۾ ڦرون، ڌاڙا، چوريون چاڪاريون ۽ خون خرابا ڇو بند ٿي ويا آهن..تڏهن ته اچي پيٽ پٺي ھڪ ٿي ويا آهن.ميٽم! پر تون پرواھ نه ڪر اھڙا ڏينهن الله ٻيھر آڻيندو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *