تازا ترين
  • *ميرپورخاص: محمود آباد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 27 ورھين جو فوت *ڄام ڏاتار واسي سرور شاھ ساهرن جي جي گھر گهمڻ آيو هو، موبائيل فون چارج ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳو *
  • *پني عاقل ۾ پ پ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شهر جو گشت *فتاح سميجو پاران ڄام اڪرام ۽ سيف الله ڌاريجو خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ جي مذمت ڪريون ٿا: جيالا*
  • *حيدرآباد: تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ناري عائشه آرائين کي مبينا طور مڙس پاران باهه ڏئي ساڙڻ وارو معاملو *نياڻي عائشه کي مڙس رضوان آرائين ۽ ڏير جاويد باهه ڏئي قتل ڪيو: پيءُ يوسف آرائين *عائشه جو مڙس بااثر آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: ماءُ صفيه بيگم *مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عائشه جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ 5 ڄڻا بيهوشي واري حالت ۾ منتقل *بيهوش ٿيلن غريب آباد چوڪ تان حلوه پڙي وٺي واپرائي هئي: ذريعا *بيهوش ٿيلن ۾ رضوان آرائين، مبشر، نينگر لاريب ۽ ناري نمره شامل آهن: اسپتال انتظاميا*
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*

پرستش؛ مثبت ۽ منفي اثر … ڊاڪٽر پياعلي جتوئي

تاريخ گواهه آهي، ته انسان مختف دورن ۾ مختلف شين، ماڻهن، لقائن، منظرن، مختلف مهلن پهرن، قولن، عقيدن، وهمن وسوسن، مذهبن ۽ تن جي مقدس ڪتابن جي مختلف طريقن سان پرتش ڪندا رهيا آهن، اوائلي دورن ۾ جڏهن انسان اڃا ايتري قدر تعليم يافته نه ٿيو هو ۽ سائنسي علم منطق کان ڪوهين ڏور هو، تنهن وقت ۾ ماڻهو ڪيترن قسمن جا هٿ ٺوڪيا قائدا قانون، وهم وسوسا توڙي ريتون رسمون جوڙيون هيون، جن تي پيڙهي با پيڙهي وڏي جوش و خروش سان وڏي عقيدي ۽ احترام سان انهن تي اکيون ٻوٽي عمل ڪندا رهندا هئا ۽ ڪنهن کي به ان پاڪ شئ، پاڪ جڳهه، پاڪ حستيء جي باري ۾ ڪا تنقيد ڪرڻ يا سندس حيثيت کي للڪار ڪرڻ جي همت نه ٿيندي هئي. اگر ڪنهن سِرڦرئي يگاني ماڻهو، ڪنهن يگاني ڪردار اهڙي توهم پرستيء جي خلاف پنهنجو آواز بلند به ڪيو ته ان جي زبان ڇڪي ڪڍي ويندي هئي، کيس سوريء جو سينگار ڪيو ويندو هيو. اهڙن يگانن ڪردارن ۽ امر ماڻهن جي نالن سان تاريخ ڀري پئي آهي جيڪي صرف ان وقت جي ڪنهن پير مير، ديومالائي ڪردار جي پرتش ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ سندس
دٻدٻي کي للڪارڻ جي جرئت ڪئي، تنهن جو حشر يا ته سِر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو يا وري سندس جسم تان کل لاٿي وئي. جيئن ته پرستش گهڻن قسمن جي ٿئي ٿي ۽ مختلف دورن ۾ ان جا مختلف رنگ روپ ٿين ٿا، بحرحال هتي توهان کي ٿلهي ليکي پرستش جا ڪجهه قسم ۽ سندس مثبت توڙي منفي پهلو سمجهائڻ ضروري ڀانيان ٿو.
عقيدي پرستي؛
ڏٺو وڃي ته دنيا جي سڀ کان اوائلي ۽ قديم پرستش جيڪا نظر اچي ٿي سا ڪنهن نه ڪنهن عقيدي، وهم وسوسي يا مذهب جي روپ ۾ هوندي آهي. انسان خدا جو وجود تسليم ڪري ان جي پرستش ڪرڻ هڪ بنيادي سبب بڻجي ٿو. گهٽ علم رکڻ توڙي فطري تبديلين ٿيڻ، قدرتي آفتن جو اچڻ ۽ وبائن جي ڦهلجڻ توڙي مختلف مشڪلاتن ۽ تڪليفن ۾ انسان پنهنجي بچاء لئه پنهنجو مشڪل ڪشا، پنهنجي تڪليفن جو رکوال ۽ بکين جو لڄپال ايجاد ڪيو ۽ ان کي خوش ڪرڻ لئه مختلف طريقن سان ان جي پرستش ڪرڻ لڳا. ڪڏهن ان جي خوشنودگي ۽ آسودگي ماڻڻ لئه ڪنهن ساهدار جو ٻليدان ڏيڻ لڳا ته ڪڏهن سندس پرتش ڪندي ان بيجان بت کي کير جون وٽيون پياريندا رهيا ته ڪڏهن ان تي کاڌي پيتي جون شيون ڇٽيندا رهيا. تاريخ ۾ خدائي توڙي ان جي حوالي سان مقدس بڻايل شيون، شخصيتون جيتري حد تائين پوچيون ويون آهن، اوترو ٻي ڪا شئ پوڄي ناهي وئي. اها پرتش نه صرف خود خدا جي ذات تائين محدود رهي پر خدا سان سلهاڙيل هر شئ جنهن جو سڌو يا اڻسڌي طور خدا سان تعلق هيو،
قوم پرستي توڙي وطن پرستي؛
دنيا جي مختلف پرستشن مان قوم پرستي توڙي وطن پرستي به تمام اهم هجي ٿي جيڪا تقريبن هر ملڪ ۽ قوم جي فردن ۾ پنهنجي پنهنجي ملڪ توڙي قوم لئه هجي ٿي. هي به هڪ خاص قسم جي سوچ هجي ٿي جنهن ۾ ڪنهن هڪ فرد واحد کي اهو باور ڪرايو ڪيو اڃي ٿو ته جيئن ته تون دنيا ۾ سڀني کان اعليٰ ۽ اهم آهين تنهنڪري تنهنجي ذات سان لاڳاپيل هر اها شئ اهم آهي جيڪا تنهنجي آهي. تون جنهن ڳوٺ، پاڙي، گهٽيء ۾ ڄائو آهين، نپنو آهي، کيڏيو آهين، جيڪو تنهنجو شهر آهي، تنهنجو صوبو آهي، تنهنجو ملڪ آهي اهو سڀ دنيا جي مڙني ڳوٺن، وستين واهڻن کان اتم ۽ اتاولو آهي. ڇو جو تون اهم آهين تنهنڪري تنهنجو تخم، تنهنجو نسل، تنهنجي ذات، تنهنجي قوم پوري دنيا ۾ رهندڙ هڙني ماڻهن کان اعلا ۽ مٿانبري آهي. ڪوبه تنهنجي نسل، تنهنجي ذات جو مد مقابل ۽ نه ئي ڪو تنهنجو مٽ ثاني نه ٿو ٿي سگهي. ڇوجو تون اهم آهين تنهنڪري تنهنجي ٻولي، تنهنجي پوشاڪ، تنهنجو تمدن، تنهنجي ثقافت، تنهنجي رهڻي ڪهڻي سڀ عظيم آهن. ڇو جو تون خدا جي چونڊيل قوم آهين تنهنڪري تنهنجو عقيدو، تنهنجون ريتون رسمون اهم ۽ باقي آهن، باقي سڀ ڪوڙ فريب ۽ ڌوڪو آهي. اهڙي قوم پرستي ايتري حد تائين وڌي وڃي ٿي جو ماڻهو پنهنجي ديس جي مٽي، خاڪ کي چمن ٿا.
شخصيت پرستي؛
ٻين سڀني پرستشن مان سڀ کان هيٺائين درجي واري ۽ سڀ کان خطرناڪ قسم جي پرستش شخصيت پرستي هجي ٿي. هن ۾ ڪوئي مذهبي اڳواڻ، ڪوئي قومي اڳواڻ، ڪوئي پير فقير، عالم ڏاهو، پنڊت، دلير دودو، سورمو، ويڙهاڪ مطلب زندگيء جي ڪنهن به قسم جي شعبي سان سلهاڙيل ماڻهوء جو جڏهن پنهنجي قوم جي ماڻهن، ساڳي سوچ رکندڙن، هم مذهب وارن عقيدت مندن توڙي ساڳي ذات، ساڳيو نسل، ساڳي قوم جي ماڻهن ۾ هن جون ڪجهه خوبيون مشهور ٿي وڃن يا ڀلي ڪائي خوبي نه هجي پر توڙي جو اهو اسان جي پنهنجي نسل، پنهنجي قوم، پنهنجي ملڪ، پنهنجي قبيلي سان واسطو رکندڙ هجي ٿو، تنهنڪري هن جي تعظيم ۽ تڪريم ڪرڻ فرض آهي. هن جي هر حڪم، فرمان، قول توڙي سڏ تي سڏ ورنائڻو آهي. هو ڀلي اسان کي ليکي نه ليکي، اسان جي عزت ڪري نه ڪري پر پوء به اهڙين شخصيتن جو سحر پنهنجي پنهنجي مخصوص قسم جي ماڻهن ۾ ايترو ته وڌي ويندو آهي جو ان جو ڪوئي مڃيندڙ، ڪوئي عقيدتمند، ان جي شان ۾ گستاخي ته پري جي ڳالهه پر ان جي لئه ڪا عقلي توڙي منطقي تنقيد ٻڌڻ لئه به تيار نه هوندو ۽ ان جي اجائي فضول دفاع ۾ هر قسم جي جهيڙي، رت وهائڻ توڙي قتل ڪرڻ تائين تيار ٿي ويندو.
ساڳي طرح سان تاريخ ۾ موجود هر علم، هر فلسفي هر چڱي شي توڙي هر مٺي(بري) شئ پوري عالم انسانيت جي اريبين ماڻهن ۽ انهن جي اربين سالن جي مسلسل ڪاوشن جي پيداوار آهي، تنهنڪري اسان ڪنهن به سٺي ڳالهه تي صرف هڪڙي خاص ماڻهوء جو ذاتي حق نه ٿا جتائي سگهون، نه ئي ڪنهن بڇڙائي تي ڪنهن هڪ خاص فرد کي ڏوهي ٺهرائي سگهجي ٿو. هن گولي تي پلجندڙ عالم انسان جي هيتري ڪاميابيء جو سهرو پوري انساني تاريخ جي هر فرد کي ٻڌي سگهجي ٿو، انهن ڪيترن گمنام ماڻهن کي سرخ سلام پيش ڪري سگهجي ٿو جن سڀ کان پهرين اڳين پيرن کي گهمڻ بدران هٿ بڻائي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، ان فرد جي عظمت تي لکين سلام جنهن پهريون ڀيرو ٻج پوري پهريون سلو پوکيو، ان قوم تي ڪروڙين دعائون جنهن ڦيٿو ايجاد ڪيو، اهو انسان سچ پچ ڪيڏيون نه کيرون لهڻي، جنهن مٿي جي سور جي گوري، ڪنهن موذي مرض جي ويڪسين ايجاد ڪئي. اچو ته اهڙن سڀني عالم انسانيت جي محسنن کي گڏجي سرخ سلام پيش ڪيون.ڇوته هي ماڻهو نه صرف منهنجي پنهنجي نسل جو آهي پر منهنجي جنس انسان ته آهي، دنيا جي هر ملڪ سان اوتري محبت ڪجي ڇوته اهو منهنجي هن ڌرتيء جو حصو آهي، نه صرف مان هن ڌرتيء سان محبت ڪيان ٿو پر مان پوري ڪهڪشان سان پيار ڪيان ٿو ان کان علاوهه پوري ڪائنات سان بي انتها پيار ڪيان ٿو ڇو ته مان پاڻ ان ئي ڪائنات جو حصو آهيان ۽ اها پوري ڪائنات منهنجي آهي ۽ مان ئي ڪل ڪائنات آهيان.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *