تازا ترين
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

پاڻ ڇٺيءَ کان ڇورا ماڻهو محترم امام علي جنهن جو هڪ نظم … ڊاڪٽر نواز علي شوق

جڏهن حيدرآباد وڃڻ ٿيندو آهي ته ڪتابن جون ڀريون ٻڌي کڻي ايندو آهيان، پوءِ هوريان واري ڦيري سان اهي پڙهندو رهندو آهيان ۽ ڪجهه نه ڪجهه لکندو رهندوآهيان. اهو ڄڻ زندگيءَ جو معمول آهي . پنهنجو اهو ادبي نعرو آهي:
پڙهه پڙهان زندهه رهي ۽ لک لکان زندهه رهي
قوم زندهه ئي رهي، پر جي زبان زندهه رهي
اوهان کي عرض آهي ته اوهان به قومي فرض سمجهي پڙهندا رهو ۽ ڪجهه نه ڪجهه لکندا رهو، هن فقير جي انهيءِ آزمايل نسخي تي عمل ڪري ته اوهان جي زندگي ڏاڍي سڪون سان گذرندي. ٻه ٽي مهينا اڳ حيدرآباد مان ڪجهه ڪتاب خريد ڪري آيو هيم، جڏهن ڪورونا جا ڪلور شروع ٿيا سڄي دنيا ۾ ماتم مچي ويو، هر ڪو گهر ۾ نظر بند ٿي ويو، مون کي نظربندي ۾ وڌيڪ فرصت ۽ فراغت ملي وئي. پنهنجي ته هئن به لکڻ پڙهڻ جي عادت آهي پر ڪورونا واري ڪربلائي دور ۾ پريشاني دور ڪرڻ جو وڏو وبهه ملي ويو. صبح کان شام تائين لکڻ پڙهڻ جو شغل جاري رهيو. وچ ۾ پنهنجي اخبار به پڙهندو رهيم ، چوندا آهن ته ڪتابن جهڙو ڪو وفادار دوست ناهي. ٻيا دوست دور هيا، پر وفادار دوست (ڪتاب) ويجها هئا، هنن واهه جو نڀايو ۽ ماندو من پرڀايو، انهن سان رهاڻيون ٿينديون رهيون، جڏهن امر رائيسنگهه راجپوت جي ڪتاب “ڊولا ماڙو ڊٽ” سان ڪچهري ڪئي ته ڏاڍو مزو آيو، سڄو ٿر اکين آڏو اچي ويو، هن ڪتاب ۾ ٿر جي مختلف ماڻهن جا خاڪا ڏنل آهن، ڏينهن سوا ان سان قربائيتيون ڪچهريون ٿينديون رهيون. ان موتين جهڙي جرڪندڙ ڪتاب ۾ ٿر جي هڪ شاعر محترم امام علي جهنجهيءَ جو پڻ خاڪو شامل آهي ۽ سندس هڪ شاهڪار نظم پڻ ڏنو ويو آهي، آئون امام علي جي شخصيت ۽ سندس شاعري کان گهڻو متاثر ٿيس.
امر رائيسنگهه ان ڪتاب ۾ امام علي جو جيڪو خاڪو چٽيو آهي ان مان ڪي ٽڪرا پيش ڪجن ٿا.
امر لکيو آهي ته هو جيڪو رنگ سچ جو روپونتو راڻو آهي هو مئل محفلن ۾ جان وجهندڙ جاودگر شاعر آهي. جنهن کي پنهنجي سموري شاعري ائين ياد آهي. جيئن وطن کان وڇڙيل ڌرتيءَ جي ڪنهن ڌيئاري کي وطن جا گهڙ گهٽ ۽ گس ياد هوندا آهن. جيڪو ٿر جو عهد ساز شاعر آهي. جنهن کي ڳوٺاڻي نينگريءَ جي خيالن جهڙي خوبصورت شاعري جي سحر جو اثر ٿر جي اڪثر شاعرن تي آهي. ٿر جي شاعريءَ جي سينوريل ڍنڍ ۾ امام علي نيل ڪنول جي نرم پنن جهڙو نيارو ۽ ڀٽائي جي ٻولي ۾ ٻهڪندڙ پاٻوڙن جهڙو پيارو شاعر آهي هو جهڙو اندر آهي تهڙو ٻاهر آهي جو ٻهرويت کان پاڪ آهي هن جي سانوري چهري تي نمرتا جهڙي ٽهڪن جهڙي مرڪ هر ويلي هٿيڪي ملي ٿي. هر رنج وغم کي مرڪن کي مٽائي زندگي جي زهر کي امرت ڪري پيئڻ ۽ جيئڻ ڄاڻي ٿو. هو ڄاڻي ٿو ته ڏکن کي ڪيئن ڏوڪجي ۽ سکن کي ڪيئن سرڪجي هو ڄاڻي ٿو ته سانوڻي ۾ ڀرجي آيل ڀٽون ڏسي ڌنارن ڏوٿيئڙا ڪيئن سرها ٿيندا آهن. هو ڄاڻي ٿو ته ڌنارن جي دردن ۾ سندن بانسريون ڪيئن ڪوڪنديون آهن. هو ڄاڻي ٿو ته مينهن ۾ مور ڇو نچندا آهن پلر جا تلاءُ ڇڏي جهرڪيون واريءَ ۾ ڇو ونهنجديون آهن ماڪوڙيون ڪيئن مينهن ۾ مستيون ڪنديون آهن، هو فطرت جي گونا گوئيت ائين ڄاڻي ٿو جيئن ڪا ماءُ پنهنجي نڀاڳي پٽ جون سڀ عادتون ڄاڻيندي آهي تڏهن ته هن پنهنجي ديس ۾ وڻن، ڌڻن، ڌڙن، هوائن ، پکين ۽ سکين جي اکين کي ڏسي شهديو پانڊو وانگي اڳ ڪٿي ڪندي اهڙي دانهن ڪئي جنهن کي ٻڌي سموري ديس ۾ بدن مان سيئوکريون نڪري ويون، واقعي امام جي ان شاهڪار نظم ۾ اهڙو دک درد ۽ سوز سمايل آهي .
امام علي سچ لکيو آهي ٿري ويچارا واقعي ڇٺي کان ڇورا آهن جئين ڀٽائي فرمايو آهي :
سر جي تان سور. سامائي تان سک ويا
اهي ٻئي پور، نماڻي نصيب ٿيا
ڪنهن به حڪمران سندن سار نه لڌي ته هوڪهڙي حال ۾ آهن! هنن ڪڏهن به سک جو ساهه نه کنيو، ڏڪار ۽ ڏولائي جا ڏکيا، ڏينهن گذاريائون. نه ڪنهن سندن کاڌي خوراڪ جو بندوبست ڪيو . نه کين صحت جو سهولتون مليون ۽ نه وري تعليم جو ڪوانتظام ڪيو ويو. کوهه کاراٿي ويا. مسڪين مٺي پاڻي لاءِ واجهائيندا رهيا ٻڍا ۽ ٻيا مرندا رهيا ، عورتون بيمارين ۾ وڪوڙجي ويون، نوجوان روزگار لاءِ سڪندا رهيا، ههڙي حال تي به ڪنهن کي به رحم نه آيو!!هينئر وري ترقي جا سونهري ۽ جادگريءَ جهڙا سهڻا سپنا ڏيکاري سندن نالو نشان مٽائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جڏهن ون يونٽ ٺهيو هو تڏهن به سنڌين کي اهڙا سونهري خواب ڏيکاريا ويا هئا. ته سنڌ ۾ ترقي ٿيندي، جيڪا ترقي ٿي سان جڳ ڏٺي،ملڪ رياض ترقي جي بهاني لٺ سان ملير جون زمينون هٿ ڪري وڏن ماڻهن کي بحريه ٽائون ۾ بنگلا ۽ فليٽ ٺهرائي ڏنا ۽ پنهنجي لاءِ هڪ پهاڙي تي شاهي محل ٺهرايو آهي جتي هيليڪاپٽر تي پيو اچي ۽ وڃي،
افسوس : مسڪين ماروئڙن جون زمينون ويون، فطري حسن هليو ويو، تاريخي آثار تباهه ٿي ويا، لڳي ٿو ته ٿر ۾ به اهڙي ئي ترقي ٿيندي، نه ڪارونجهر رهندو نه اهو ڪاسبو رهندو نه ڀوڏيسر واري مسجد بچندي، نه وري مندر سلامت رهندو، جين مندرن جو نان نشان نه رهندو، سڀ ترقي جي نذر ٿي ويندا. ڊٽ کائر، ۾ اوپرا ۽ انجبي اچي ويندا. سڀ ڀٽ ، ڀٽون، ڏهر ۽ معدني خزانا، انهن اوپرن اجنيبن جي حوالي ٿي ويندا. نه فقط مسجد ۽ مندر ڊهندو، پر ٿرين جو اندر به ڊهندو، پوءِ اها ترقي ڪهڙي ڪم جي جن ۾ مائروڙن (اصلي مالڪن) جو ڪو حصو پتي نه هجي، اهو سون ئي گهريو جيڪو ڪن ڇني، اها صورت حال ڏسي اما علي جي رڙ ڪري چيو :
هاڻي پنهنجي مسجد ڊهندي
هاڻي پنهنجو مندر ڊهندو
هاڻي جو اندر ڊهندو
جيئن ترقي جي بهاني صدين کان رهندڙ مسڪين مائروڙن کي بحريه ٽائون وارن ڌڪي ڌار ڪيو، اتي الاجي ڪير اچي ويا آهن، انهن اوپرن نوابن ، خانن ملڪن ۽ چوڌرين کي مسڪين ماروئڙا سڃاڻن به ڪين،ٿر ۾ به ائين ٿيڻ وارو آهي، روڊ رستا ٺهي ويا آهن. ڏائڻ سڄو ٿر ڏسي ويا آهن، انن اتي ترقي جي آڙ ۾ ڪيترائي منصوبا تيار ڪري ڇڏيا آهن، اتي ڪو مسڪين نه رهندو، بنگلا ۽ فليٽ ٺهندا. ڪو ملڪ ڪارونجهر تي محل ٺهرائيندو ۽ اتي هيلڪاپٽر پيو اچ وڃ ڪندو، صدين کان رهندڙ ٿريا انهن اجنبين جا غلام ٿي ويا آهن. ۽ سندن ڇونرن ڇنن ۽ پکن پيهن جو نان نشان نه رهندو.
امام علي جو هي نظم هڪ تاريخي نظم آهي، جيڪو سندس اعليٰ سياسي ۽ قومي شعور جو ساکي آهي. سچ پڇ ته هن هڪڙي ننڍڙي نظم تان شاعرن جا وڏا ديوان ۽ ڪليات قربان ڪري ڇڏجن، نظم جي هڪ سٽ۾ سور سمايل آهي، اندر جو آواز آهي

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *