تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

پاڻي تي هاڻي ٻه پاڻي ٿيندا

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽ تي ڪالهه مختلف معاملن تي ٽرينڊز هلايا ويا جن ۾ هانيا عامر، ارطغرل غازي، عاصم اظهر، ڪپتان کان اڀرتا پاڪستان، انڊين آرمي، پاڪستان نيڊز پي ايم ايل اين، بارش آتا هي تو پاني آتا هي، ڪشمير، چور، ڪرپٽ پي ٽي آءِ سرڪار، آخري اميد نواز شريف، ريگيولرائيز پي پي ايچ اسٽاف سنڌ، عاصم سليم باجوه، جوهي نيڊز واٽر هيش ٽيگ ٽرينڊز ٽاپ تي رهيا.
جوهي کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ٽوئيٽر تي جوهي نيڊز واٽر هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو، جنهن ۾قربان بلوچ ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته پاڻي بحران سبب جوھي جي ڏاکڻي پاسي جا ھي ويران ٿيل ويڙھا آھن، جتي ڪڏھن سڳداسي چانورن جي سڳنڌ ھوندي ھئي ۽ ڪڻڪ جا آنڀو سج کي اکيون ڏيکاريندا ھئا، مان ان مٽي مان جنم ورتو، وڏو ٿي جوھي ۾ سنگت ماڻي، آسودو ٿيس، ان زندگي کي اسلام آباد ۾ به وساريان ته گنھگار ٿيان، پاڻي تي هاڻي ٻه پاڻي ٿيڻ ۾ ڪا دير ناهي. امداد سومرو ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته جوھي جو شعور، جوھي واسي سياسي وابستگين ۽ پارٽي اختلافن کان مٿانهان ٿي پنھنجي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف ھزارن جي انگ ۾ ٻاھر نڪتا آھن . جيڪو جوھي واسين جي ھن احتجاج ۽ شعور کي نظرانداز ڪندو اھو جمھوري سڏبو نه سياسي، عامر رضا لکيو ته ڀوتار پنهنجون زمينون سيراب ڪري جوهي جي هزارين هارين ۽ زميندارن جي حقن تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن، سندن جيئندان کسيندا رهيا آهن، هزارين انسانن جي خوراڪ ۽ روزگار کي تباهه ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ ايم اين اي لال مالهي لکيو ته پي پي حڪومت جوهي کي پاڻي جي سهولت ڏيڻ ۾ به ناڪام ٿي وئي آهي، هن چيو ته جوهي وارن کي پاڻي ڏنو وڃي. ان کانسواءِ عاجر جمالي، فاروق سومرو، انتظار حسين، علي احمد رضوي، غلام مرتضيٰ سرهيو، زاهد ٻٻر ۽ ٻين پڻ جوهي کي پاڻي ڏيڻ واري مهم ۾ حصو ورتو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *