تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

پاڪستان ۾ جمهوريت جي مختصر تاريخ…رام اوڏ

ترقي پسند ۽ رجعت پرست مڪتبه فڪر جا پيروڪار فرد جناح صاحب کي پنهنجي پسند مطابق تشريح ڪن ٿا. کاٻي۽ ساڄي ٻنهي ڌرين کي جناح صاحب جي ڳالهين مان پنهنجي پنهنجي پسند جو مواد ملي وڃي ٿو، ڇو ته جناح جو مذهبي ۽ سيڪيولر موقف موجود آهي.ڍاڪا ۾ 1906ع ۾ نواب سليم الهه جي دعوت تي اجلاس گهرايو ويو ۽ مسلم ليگ ٺهي. يو پي جو نواب وقارالملڪ پارٽي تي اثرانداز ٿيو. وزير حسن ۽ مولانا محمد علي جوهر، جناح صاحب کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ راضي ڪيو. مسلم ليگ ۽ جناح صاحب جي سياست صوبائي خودمختياري لاءِ به هئي. ( سنڌ ۾ پوءِ اهو سياسي متو رسول بخش پليجي اپنايو.) مسلم ليگ ڪانگريس کان صوبائي خودمختياري جو مطالبو به ڪري رهي هئي. ڪانگريس اپر ڪلاس هندو اشرافيه ۽ مسلم ليگ نوابن ۽ جاگيردارن جي مفادن جي محاذ تي بيٺل هيون. 1946ع جي اليڪشن ۾ پنجاب ۽ سنڌ جا جاگيردار مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا. مسلم ليگ جو عوامي ڪردار 1937ع کان 1946ع تائين آهي، جتي پمفليٽن ۽ جلسن جي صورت ۾ عوامي رنگ ملي ٿو، جناح صاحب مسلم اڪثريتي صوبن ۽ رياستن واري فيڊريشن جو مطالبو ڪيو هو. پاڪستان 1940ع جي لاهور ٺهراءَ مطابق وجود ۾ آيو، جنهن ۾ Constituent Units جو Sovereign and Autonomous هجڻ جو ذڪر آهي؟ مسلم ليگ سنڌ جي صدر سائين جي ايم سيد سڀ کان اول 1943ع ۾ سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو. پاڪستان جا فڪري بنياد قرادادِ مقاصد تي رکيا ويا. ان کانپوءِ سياست جي سڄي تاريخ ان آبجيڪٽوِريزوليشن جي اثر جي چوگهير ڦري ٿي. 1949ع جي قرادادِ مقاصد کان رياست جو نظرياتي تصور ترويج ڪندو رهي ٿو.
جناح صاحب جو اسرار هو ته ملڪ جو آئين جلد ٺهي، پر لياقت علي خان اقتدار کي ڊيگهھ ويڪر ڏيڻ لاءِ لنوائيندو رهيو، ڇو ته عام چونڊن ۾ کين چونڊجڻ جا امڪان گهٽ هئا. هڪ افغان شهري سيد اڪبر ،لياقت علي خان کي 16 آڪٽوبر 1951ع تي راولپنڊي جي ڪمپني باغ ۾ قتل ڪيو، (ساڳئي باغ ۾ 56 سالن کانپوءِ بينظير ڀٽو کي قتل ڪيو ويو.) لياقت علي خان جي قاتل کي ٿڏي تي ماري راز کي راز ئي رهڻ ڏنو ويو. ( ساڳي ريت بينظير جي قتل جي جاءِ راولپنڊي فائر برگيڊ ڌوئي صاف ڪري ڇڏي.) لياقت علي خان قتل جي جانچ ڪندڙ آفيسر هوائي جهاز حادثي ۾ گذاري ويو ۽ قتل ڪيس جا ڪاغذ سڙي رک ٿي ويا.
1953ع ۾ گورنر جنرل غلام محمد ڪرپشن ۽ نااهلي جي الزام تحت خواجه نظام الدين جي حڪومت برطرف ڪئي. خواجه نظام الدين کي هڪ پاسي ڪري، محمد علي بوگرا کي آندو ويو. غلام محمد ۽ سڪندر مرزا مسند تي ويٺا. 22 نومبر 1954ع تي محمد علي بوگرا ون يونٽ جو اعلان ڪيو. 5 آڪٽوبر 1955ع تي ايڪٽنگ گورنر جنرل اسڪندر مرزا ون يونٽ جو آرڊر جاري ڪيو. 1955ع ۾ ٻي آئين ساز اسيمبلي وجود ۾ آئي. 1956ع ۾ پهريون آئين آيو. 1956ع وارو آئين 1958ع ۾ ٽوڙي، 7 آڪٽوبر 1958ع تي ملڪ ۾ مارشل لا مڙهي وئي ۽ ايوب خان فوجي بغاوت ذريعي اقتدار ۾ آيو. 1958ع جي فوجي راڄ جو هڪ سبب ون يونٽ واري انتظامي ڍانچي کي برقرار رکڻ هو. 1 جولاءِ 1970ع تائين ون يونٽ لاڳو رهيو. عوامي مزاحمت جي رد عمل ۾ صوبا بحال ڪيا ويا. ايوب خان مسلم جديديت پسندي جو حامي هو، اقتدار جي رسائي لاءِ مسلم ليگ کي استعمال ڪيو. اسٽيل ملز سوويت يونين جي سهڪار سان ايوب خان جي دور ۾ ٺهڻ شروع ٿي. پير علي محمد راشدي، ايوب خان کي مشورو ڏنو هو ته هو تاحيات بادشاھ ٿي راڄ ڪري.
1965ع جي صدارتي اليڪشن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو مادرِ ملت فاطمه ڀٽو جي مقابلي ۾ فيلڊ مارشل ايوب خان جو ساٿ ڏنو هو. فاطمه جناح ڌانڌلي باوجود ڍاڪا ۽ ڪراچي مان کٽيو هو. ايوب خان کان ذوالفقار علي ڀٽي وزارت جي آڇ قبول ڪري ون يونٽ جي حمايت ڪئي. ايوب خان سياستدانن تي بدانتظامي ۽ ڪرپشن جو الزام هڻي ان نيت سان مارشل لا هنئي ته هو تبديلي آڻيندو پر ادارن جي جوڙجڪ بهتر نه ٿي ۽ عوام ان خلاف رستن تي اچي ويو. جنهن سبب هو مجبور ٿي اقتدار تان مستعفي ته ٿيو پر 1969ع ۾ اقتدار يحيي خان حوالي ڪيو، جنهن مارشل لا لاڳو ڪيو. 1962ع جو آئين ختم ڪيو ويو. 1962ع وارو آئين ايوب خان جي ڪابينه جي ڪجھه وزيرن جي ڪميٽي ٺاهيو هو.
ذوالفقار علي ڀٽي سياست جي شروعات 1957ع کان ڪئي. 30 نومبر 1967ع ۾ ذوالفقار علي، جي اي رحيم، ڊاڪٽر مبشر ۽ معراج محمد خان سان گڏ پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاهي. اڳتي هلي ڀٽي انهن کي نظرياتي اختلافن ۽ ٻين سببن جي ڪري پارٽي مان نيڪالي ڏني، پ پ جي معراج محمد خان ۽ مختيار رانا کي جيل ياترا ڪرايائين. ٽڪا خان پيپلز پارٽي جو جنرل سيڪريٽري رهيو. آمر يحيي خان 1970ع ۾ چونڊون ڪرايون. اها پهرين عوامي چونڊ هئي. عوامي ليگ مشرقي پاڪستان مان قومي اسيمبلي جي 162 سيٽن مان 160 سيٽون کٽيون، ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي مغربي پاڪستان جي چار صوبن مان 138 سيٽن مان 81 سيٽون حاصل ڪيون. ڀٽو چونڊ نتيجن تي حيران ٿيو ۽ مجيب جي ڇھه نقطن جي مخالفت ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽي 1971ع ۾ عوامي ليگ جي چونڊ مينڊيٽ کي نه مڃيو. اليڪشن ۾ عوامي ليگ اڪثريت سان کٽي وئي ۽ آئيني طور حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي پر اقتدار شيخ مجيب الرحمان حوالي نه ڪيو ويو. ان ردِ عمل ۾ اُٿيل بغاوت کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ 25 مارچ 1971ع جي اڌ رات بنگالين تي آپريشن ڪيو ويو. البدر ۽ الشمس به بنگالين کي ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ ڪم ڪيو. 1971ع ۾ مشرقي پاڪستان بنگلاديش بڻجي ويو.
بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽو سويلين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿيو. ڀٽو صدر به ٿيو ۽ پوءِ 1973ع ۾ وزيراعظم ٿيو. سندس حڪمراني جو عرصو 1970ع کان 1977ع تائين آهي. ڀٽو جو اهم سياسي منشور اقتدار ئي رهيو هو. ڀٽو اسلامي سوشلزم جو حامي هو. هن 1973ع جو آئين ڏنو. 1973ع جي آئين تحت پاڪستان نظرياتي رياست ٿي ويو. 1977ع جي اليڪشن ۾ ڀٽي اڪثريت حاصل ڪئي پر ڌانڌلي جو الزام هنيو ويو. ضياءَ، جولاءِ ۾ اقتدار تي قابض ٿيو. 5 جولاءِ 1977ع تي ضياءَ ذلفي جي حڪومت ختم ڪري مارشل لا هنئي. ڀٽو کي گرفتار ڪري، 4 اپريل 1979ع ۾ سينٽرل جيل راولپنڊي ۾ ڦاهي چاڙهيو ويو. ضياءَ 1985ع ۾ محمد خان جوڻيجو کي وزيراعظم بڻايو. ضياءَ جينيٽيڪلي انجنيئرڊ اڳواڻ هو. افغان جهاد جو حصو ٿيو. اسلامائزيشن جي پاليسين جي حمايت ۽ 1990ع تائين صدر رهڻ لاءِ ريفرينڊم ڪرايو. هن وٽ نظريو اهو ئي هو:
ايڪ هون مسلم حرم ڪي پاسباني ڪي لئي،
نيل ڪي ساحل سي ليڪر تابه خاڪ ڪاشغر.
ضياءِ جي آمريت خلاف 1983ع ۾ جهموريت جي بحالي لاءِ تحريڪ شروع ٿي. ضياءَ جي آمريت جي دور ۾ پارٽين ۽ ڪارڪنن کاٻي ڌر جو اهم ڪردار ادا ڪندي جدوجهد ڪئي. ڀوتارن جي مفاد ۾ ايم آر ڊي بنا نتيجي ختم ٿي؟ ايم آر ڊي جي تحريڪ جي ردِ عمل ۾ مذهبي انتهاپسندي، قبائلي نسل پرستي، ڌاڙيل، هيروئن، ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ جاگيرداري جهڙا رجحان پروموٽ ڪيا ويا، ( ڪجھه عنصر ون يونٽ کان وڌڻ لڳا هئا). سنڌ کي نسل، فرقي ۽ ٻولي جي بنياد تي ورهايو ويو. ٻروچ ۽ سماٽ سردار ڄڻيا ويا. جمهوري رجحانن، قومي حقن ۽ قومپرستي خلاف ايم ڪيو ايم جهڙيون فاشسٽ تنظيمون وجود ۾ آنديون ويون ته جيئن نظرياتي حامي ٺاهي سگهجن. ضياءَ جو دور قدامت پسند آمريت جو دور آهي. هي پاڪستان جي تاريخ جو مها رجعت پسند ڊڪٽيٽر هو، ان جي اقتدار ۾ آمد سان هڪ نئين رجعتي دور جو آغاز ٿيو هو. آگسٽ 1988ع ۾ ضياءَ جي جهاز ۾انبن جي پيتي ۾ رکيل بم ڦاٽو، ۽ اک نه ڏٺو گوڏي کي.
ضياءَ جي پرلوڪ پرواز کانپوءِ چونڊون ٿيون. بينظير ڀٽو 1988ع ۾ وزير اعظم ٿي، غلام اسحاق خان صدر ٿيو. اڳتي هلي، 1990ع ۾ ڪرپشن جي الزام تحت بينظير جي پهرين حڪومت اسحاق خان ختم ڪئي. وري اليڪشن ٿي، نواز شريف ۽ اسلامڪ ڊيموڪريٽڪ الائنس کٽي آيا. ملڪ ۾ نجڪاري جو عمل شروع ٿيو. نواز ليگ پنجاب جي سرمايه دارن جي پارٽي آهي، جنهن جو منشور ڪاروباري ڪلاس جي مفادن ۾ آهي. نواز شريف جو پهريون دور 1990ع کان 1993ع تائين رهيو. نواز شريف جي پالنا ۽ پرورش ضياءَ ڪئي هئي. بينظير ڀٽو ٻيو ڀيرو 1993ع کان 1996ع تائين رهي. 1993ع ۾ بينظير وزير اعظم ٿي، ۽ فاروق احمد لغاري صدر ٿيو، جنهن بينظير حڪومت معطل ڪئي. سندس دور حڪومت ۾ مرتضي ڀٽو کي 20 سيپٽمبر 1996ع تي شهيد ڪيو ويو. نئين چونڊ ٿي ۽ نواز شريف وزير اعظم ٿيو. فاروق لغاري استعيفي ڏني ۽ نواز شريف جو دوست محمد رفيق تارڙ صدر ٿيو. نواز شريف ٻيو ڀيرو 1997ع کان 1999ع تائين رهيو. گهڻو ڪري هر سويلين حڪومت ختم ڪرڻ جو جواز قومي سلامتي کي خطرو، ڪرپشن، نااهلي جهڙا سبب ٻڌايا ويا.
فوجي بغاوت کانپوءِ نواز شريف کي گرفتار ڪيو ويو. آرمي چيف پرويز مشرف آيو. نواز شريف کي جيل ياترا ڪرائي وئي، بعد ۾ سعودي عرب جو رستو ڏنو ويو. 2002ع ۾ اليڪشن ٿي. ظفر الله خان جمالي 2004ع تائين وزيراعظم رهيو. 2004ع کان 2007ع شوڪت عزيز وزير اعظم رهيو. آڪٽوبر 2007ع پرويز مشرف وري صدر چونڊيو ويو. پرويز مشرف جي دور ۾ جمالي، شجاعت ۽ شوڪت عزيز اقتدار ۾ حصيدار ٿيا. مشرف دور ۾ 26 آگسٽ 2006ع تي اڪبر بگٽي کي قتل ڪيو ويو. (جڏهن ته بينظير ڀٽو پرويز مشرف کي پنهنجو امڪاني قاتل قرار ڏنو هو.) پرويز مشرف جي دور ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ اڳڀرائي ٿي. 12 مئي 2007ع تي ڪراچي ۾ خون جي هولي کيڏي وئي. اڳوڻو چيف جسٽس افتخار چوڌري ڪراچي اچڻو هو هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪرڻو هو، پر حالتن سبب ايئرپورٽ تان ئي واپس اسلام آباد وريو. مشرف ايم ڪيو ايم کي ٺيڪ ٺاڪ ٽيڪو ڏنو هو.
27ڊسمبر 2007ع تي بينظير ڀٽو کي راولپنڊي ۾ شهيد ڪيو ويو. 2008ع ۾ چونڊون ٿيون. يوسف رضا گيلاني وزيراعظم ۽ آصف علي زرداري صدر ٿيو. 2012ع ۾ سپريم ڪورٽ يوسف رضا گيلاني کي نااهل ڪيو ۽ راجا پرويز اشرف وزيراعظم ٿيو. مئي 2013ع ۾ چونڊون ٿيون. ممنون حسين صدر ۽ نواز شريف وزيراعظم ٿيو. آگسٽ 2017ع تي ڪرپشن الزام ۾ سپريم ڪورٽ نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو. جولاءِ 2018ع جي اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف تبديلي جي کوکلي نعري سان ڪامياب ٿي. عمران خان وزيراعظم ۽ عارف علوي صدر ٿيو. ٿلهي ليکي چئجي ته پاڪستان جي تاريخ جي ٻاهتر سالن ۾ 32 سال آمريت رهي ۽ باقي 40 ساله عرصو بورجوا جمهوريت جو رهيو آهي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *