تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

پاڪستان جي تاريخ جو مختصر جائزو ….ڊاڪٽر ناظر محمود سنڌيڪار؛ اظھر آزاد مغل

جڏھن پاڪستان آزاد ٿيو ته ان ۾ وسندڙ مختلف طبقن جا پنھنجا خواب ھئا. اڄ جا نوجوان اڪثر اھو سوال ڪندا آھن ته ڇا پاڪستان جو قيام درست ھو يا ھندستان جو متحد ۽ گڏ رھڻ ئي بھتر ھجي ھا. ان سوال جو مختصر جواب ھي ٿي سگھي ٿو ته جيڪڏھن مون کان 1940 ۾ پڇيو وڃي ھا ته شايد اھو چوان ھا ته ھندستان کي متحد رھڻ ڏيو پر جيڪڏھن اھو ساڳيو سوال مون کان 1947 ۾ ڪيو وڃي ھا ته شايد مان اھو چوان ھا ته پاڪستان کي ھاڻي ٺھڻ ئي گھرجي.ان جو سڀ کان وڏو سبب اھو آھي جو 1940 کان 1947 تائين جي ستن سالن ۾ ڳالھه ايترو اڳتي وڃي چڪي ھئي جو ته جيڪڏھن پاڪستان نه ٺھي ھا ته يقينن پورو ھندستان وڏي ڊگھي عرصي تائين رتو ڇاڻ جو جو شڪار رھي ھا ۽ پوءِ آخرڪار ٽٽي ئي وڃي ھا. 1947 تائين مسلم ليگ کان سواءِ خود ڪانگريس به انھيءَ نتيجي تي پھچي چڪي ھئي ته مسلم اڪثريتي علائقن جو الڳ ٿي وڃڻ ئي بھتر ٿيندو بجاء ان جي جو انھن کي زبردستي پاڻ سان گڏ رکيو وڃي ۽ ھڪ ڪمزور مرڪز کي قبول ڪيو وڃي.ڪجھه ماڻھو چون ٿا ته جيڪڏھن پاڪستان نه بڻجي ھا ۽ ھندستان متحد رھي ھا ته پوري ھندستان ۾ جمھوريت وڌي ويجھي ھا ۽ اھي علائقا جيڪي اڄ پاڪستان ۾ شامل آھن اتي به جمھوريت جون جڙون مضبوط ٿين ھا پر ان بدران ھڪ وڏو امڪان اھو به موجود ھو ته جيڪڏھن پاڪستان نه ٺھي ھا ته جلد ئي شايد پوري ھندستان ۾ مارشل لا لڳي وڃي ھا..خير ھي ڳالھه ٻولھه ھاڻي بي معنيٰ آھي ۽ جڏھن ھي ملڪ ٺھي ئي ويو آھي ته اسان جي توجھه ان جو جواز تلاش ڪرڻ بدران ان جي تلاش تعمير ۽ ترقي تي ھئڻ گھرجي.
جڏھن پاڪستان دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو ته ان ۾ رھندڙ ۽ وسندڙ عام انسان جا خواب اھي ھئا ته ان ۾ ھڪ فلاحي رياست جون سڀئي خوبيون موجود ھونديون. ان ۾ صحت ۽ تعليم جون سھولتون مفت ۽ اعليٰ معيار جون ھونديون.نيڪال جي نظام جو بھتر انتظام ھوندو.توانائي جا ذريعا مھيا ڪيا ويندا. رستن جو ڄار وڇايون وينديون. ماڻھو پنھنجي ڳلين، محلن ۽ پنھنجي گھرن ۾ محفوظ ھوندا ۽ حڪمراني جو انداز منصفاڻو ھوندو ۽ انصاف جي فراھمي ھر ھڪ کي يقيني بڻائي ويندي..
آزادي کان جلد پوءِ انڊين نيشنل ڪانگريس فوري طور تي زرعي سڌارن جو اعلان ڪري ڇڏيو ھو. پاڪستان جي زرعي زمين رکندڙن لاءِ ھي سڌارا ڪنھن لعنت کان گھٽ نه ھئا. ھندستان ۾ زمين جي وڌ ۾ وڌ ملڪيت جي ھڪ حد مقرر ڪئي وئي ھئي پر پاڪستان ۾ ائين نه ٿي سگھيو. پاڪستان جي جاگيردارن ۽ زميندارن جي خوابن جي تڪميل پوري ٿي وئي. اھي ھينئر به ھزارين ايڪڙ زمينن جا مالڪ آھن ۽ ڳالھه اھا آھي ته ھي زمينون مختلف نالن تي رکيون ويون آھن. اھڙي طرح مسلمان سرمائيدارن جو به اھو خواب ھو ته نئين وطن ۾ انھن کي غير مسلم سرمائيدارن ۽ صنعتڪارن کي سبقت جو منھن نه ڏسڻو پوندو.انھن کي چڱي طرح اندازو ھو ته گڏيل ھندستان ۾ انھن جي لاءِ ٽاٽا ۽ برلا جھڙن سرمائيدارن جي موجودگي ۾ صنعت ۽ تجارت جي شعبي ۾ بالادستي جي حاصلات جا تمام گھٽ امڪان ھوندا. مسلمان سرمائيدار اھو خواب ڏسي رھيا ھئا ته ھڪ نئين رياست ۾ انھن کي غير مسلمانن جي طرفان ڪنھن سبقت جو مقابلو نه ڪرڻو پوندو ۽ نئين آزاد رياست مڪمل طور تي انھن جي رحم ڪرم تي ھوندي.
مسلمانن جي سول ۽ فوجي آفيسر شاھي اھو خواب ڏٺو ھو ته نئين وطن ۾ اھي بغير ڪنھن رڪاوٽ جي تمام تيزي سان اعليٰ منصبن ۽ عھدن تي فائز ٿي سگھندا. اھي اھو خواب ڏسي رھيا ھئا ته رياست جي نئين نظام ۾ انھن کي غير مسلمان اميدوارن سان مقابلو نه ڪرڻو پوندو ۽ انھن جي لاءِ اعليٰ ترين عھدن تائين پھچي وڃڻ آسان ٿي ويندو.سول ۽ فوجي آفيسر شاھي جا ھي خواب به پورا ٿي ويا. ھڪ گڏيل ھندستان جي نظر ۾ جنرل ايوب خان جي حوالي سان صورتحال جو جائزو ورتو وڃي ته معلوم ٿيندو ته ان جي لاءِ ڪمانڊر ان چيف جي عھدي تائين پھچڻ ۽ پاڻ کي فيلڊ مارشل جي عھدي تي فائز ڪرڻ جو موقعو ھٿ نه ٿو لڳي ۽ نه ئي ھو فوجي وردي جي سھاري پاڻ کي ملڪ جو صدر بنائڻ جو اعلان ڪري سگھي ھا. سول ۽ فوجي آفيسر شاھي جو اھو خواب ڪڏھن به پورو نه ٿئي ھا جيڪڏھن انھن کي ھڪ گڏيل ھندستان ۾ رھڻو پوي ھا.
پاڪستان جي مذھبي اڳواڻن جا به پنھنجا خواب ھئا. انھن مذھبي رھنمائن به پاڪ سرزمين سان پنھنجون اميدون وابسته ڪري ڇڏيون ھيون جن قيام پاڪستان جي مخالفت ڪئي ھئي.جڏھن پاڪستان ھڪ حقيقت بنجي ويو ته مذھبي ۽ فرقيوارانه پارٽين ۽ تنظيمن پاڪستان کي ھڪ ڪٽر مذھبي ملڪ بنائڻ جا خواب ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيا.اھي ھڪ اھڙي مذھبي رياست جو خواب ڏسڻ لڳا جتي انھن جي عقيدن ۽ مسلڪ جي حڪمراني ھوندي.انھن اھو خواب ڏٺو ته اھي پوري معاشري کي پنھنجي مسلڪ جي رنگ ۾ رنگي ڇڏيندا.ملن جي خوابن جي سرزمين تي مذھبي جنون جي بالادستي ڏينھون ڏينھن وڌنڌي پئي وڃي.ماڻھن کي فرقيواريت جي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آھي.افسوس جو پاڪستان ۾ ملن جا خواب به پورا ٿي ويا.مسلم ليگ سان وابسته سياستدانن جا ٻئي پاسي پنھنجا الڳ خواب ھئا.انھن سيڪيولر ۽ لبرل سياسي پارٽين سان مقابلو ڪرڻ نه چاھيو.آزادي کان پوء، جڏھن پھرين آئين ساز اسيمبلي وجود ۾ آئي ته خاص ڪري اھا ڪوشش به ڪئي وئي ته آئين جو مسودو تيار ٿيڻ نه ڏنو وڃي ڇاڪاڻ جو ائين ڪرڻ کان پوء اسيمبلي جي لاء پاڻ کي معطل ڪرڻ لازمي ھيو.اسيمبلي جي اڪثر ميمبرن تي اھو خوف ڇانيل ھو ته نين چونڊن ۾ اھي ڪامياب ٿي نه سگھندا تنھنڪري انھن ممڪن حد تائين آئين سازي واري عمل کي ڊيگھه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.کاٻي ڌر جي طرف لاڙو رکندڙ لبرل ۽ سيڪيولر سياستدانن ۽ گروھن جا پنھنجا خواب ھئا.ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا پاڪستان جي حمايت ڪئي ھئي ۽ تحريڪ پاڪستان کي “قومي خود اراديت“ جي تحريڪ قرار ڏنو ھو.ھي اصطلاح مارڪس ۽ لينن جي تعليمات ۾ به ڪثرت سان استعمال ٿئي ٿو. انھن ماڻھن تقريبن اھو خواب ڏٺو ھو ته پاڪستان ۾ سوشلسٽ انقلاب کي برپا ڪرڻ جلد ممڪن ٿيندو جنھن کان پوء سوويت يونين جي پاڇي ھيٺ سفر جو آغاز ٿي ويندو.انھن جا خواب پاڪستان جي تخليق کان جلد پوء ان وقت چڪنا چور ٿي ويا جڏھن رياستي مشينري انھن کي پنھنجو بنيادي نشانو بڻايو ۽ پاڪستان جي مخالفت ڪرڻ وارا ملان ملڪ جي سياسي افق تي ڇائنجڻ لڳا.
اسان جيڪڏھن ماضي جو جائزو وٺون ته اھا حقيقت عالم آشڪار ٿئي ٿي ته آزادي کان پوءِ عام انسانن جا خواب پورا نه ٿيا جڏھن ته انھن ماڻھن جا اڪثر خواب پايه تڪميل تي پھچي ويا جنھن جو تعلق اشرافيه سان ھو.پاڪستان ۾ اڄ به ھڪ عام ماڻھو صحت ۽ تعليم جي سھولتن لاء واجھائي رھيو آھي جڏھن ته جاگيردار طبقو اڃا تائين وسيع زمينن جو مالڪ بڻيو ويٺو آھي.عام مسلمان پيئڻ جي صاف پاڻي تائين رسائي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جي نظام جي فراھمي جا جيڪي خواب ڏٺا ھئا سي ستر سال گذرڻ کان پوء به پورا نه ٿيا آھن.ان جي ابتڙ سرمائيدار ۽ صنعتڪار عوام جي پئسي تي قرض ھضم ڪري رھيا آھن ۽ صنعتي گند ڪچري کي انھن جاين تي ڦٽو ڪري رھيا آھن جتان ڪنھن دؤر ۾ ماڻھن کي پيئڻ لاء پاڻي ملندو ھو. عام ماڻھو جي لاءِ سستي ۽ مسلسل بجلي جي فراھمي اڄ به ھڪ خواب آھي جڏھن ته سول ۽ فوجي آفيسر شاھي پنھنجي لاء خوشحالي جا ٻيٽ اڏاوت ڪري ڇڏيا آھن.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *