تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

پاريلُ (Rock Pigeon) …سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي …خادم رند

انتھائي خوبصورت پاريل جنھن کي پاريھل، پاريھر، پاريلو ۽ جهنگلي ڪبوتر به سڏجي سنڌ جو مقامي پکي آھي. ھي نه رڳو فطري ماحول پر انسان پاران تيار ڪيل مختلف قسم جي عمارتن ۾ به وڏي پيماني تي نظر ايندو آھي. اسان بيشمار سائيزن، نسلن ۽ رنگن جا جيڪي ڪبوتر ڏسون ٿا سي سڀ انھيءَ پاريل جو اولاد آھن. پاريل کي انگريزيءَ ۾ Rock Pigeon ۽ Rock Dove کانسواءِ Blue Rock Pigeon ۽ Common Pigeon بہ سڏيو ويندو آھي. اردو ۾ کيس نيلا پھاڙي ڪبوتر ۽ سائنسي ٻوليءَ ۾ (Columba livia) سڏبو آھي. پاريل جو واسطو ڪبوترن ۽ ڳيرن جي خاندان (Columbidae Family) سان آھي. ھن خاندان ۾ 344 پکي شامل آھن جن مان سنڌ ۾ فقط 7 جنسون ملن ٿيون. ھڪ بالغ پاريل جي ڊيگھ 30 کان 36 سينٽي ميٽر، پرن جي پکيڙ 50 کان 67 سينٽي ميٽر ۽ وزن 265 کان 380 گرام ٿيندو آھي. پالتو حالت ۾ وزن اڃان وڌيڪ بہ ٿي سگهي ٿو. پاريل جا نر ماد هڪجهڙا ٿيندا آھن پر نر جي ڀيٽ ۾ ماديءَ جو ڪنڌ ۽ ڳچي ڪجھ گهٽ چمڪيلي ھوندي آھي ۽ سينو بہ نسبتن سڌو ٿيندو اٿس. پاريل جو رنگ نيرو سرمائي، ڳچي ۽ ڪنڌ ٿڌو واڱڻائي، چھنب ڪاري ۽ ٽنگون ڳاڙھيون ٿينديون آھن. پرن تي ڪاري رنگ جون 2 پٽيون، چھنب جي مٿان ماس چڙھيل ۽ ڪنڌ ۽ ڳچيءَ وٽان سائي رنگ جا اس تي تجلا ڏيندڙ کنڀ ٿيندا اٿس.
پاريل جو وطن اولھه ڏکڻ يورپ، اتر آفريڪا ۽ اولهھ ۽ ڏکڻ ايشيا جا ملڪ ۽ علائقا آھن، جتي ھي پٿريلين ٽڪرين، ماٿرين ۽ پوکن ۾ عام جام ملندو آھي.انسان پاريل کي ھزارين سال اڳ پالتو بڻايو. انسان پاران آزاد ڪيل يا سندس قيد مان ڀڄي نڪتل ڪبوترن جهنگ جو رخ ڪيو ۽ تيزيءَ سان واڌ ويجهھ ڪندا رھيا. اھڙي واڌ جي نتيجي ۾ ھينئر دنيا جي گولي تي سندن تمام وڏو انگ موجود آھي. ھڪ اندازي موجب اھو تعداد 12 ڪروڙن جي لڳ ڀڳ آھي. ڪبوتر سنڌ ۽ پاڪستان جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ سڀ کان گهڻو نظر ايندڙ پکي آھي. پاريل اڪثر حالتن ۾ زمين تي ٽولن جي صورت ۾ چڳندي ۽ ڳٽڪندي ڏسبو آھي. فطري ماحول ۾ به ھي ٽولا ٺاهي رھندو آهي. اڪثر ڪري صبح ۽ پوئين پھر ۾ کاڌي پيتي جي ڳولها ڪندو آھي. ان دوران ھي مڪئي، مختلف قسم جي دالين ۽ مڱيرن جي فصل کي ڪافي نقصان پهچائيندو آھي. ٽاھه کائڻ تي سڄو ٽولو ڀڙڪو کائي ھڪ ئي وقت اڏامي ويندو آھي ۽ ھوا ۾ ڪجهھ گول چڪر ڪاٽڻ کانپوءِ واپس زمين تي لھندو آھي. پاريل پاڪستان جي چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان جي ميداني ۽ 3000 ميٽرن جي بلنديءَ تائين وارن جابلو علائقن ۾ رھندو آھي. ھي وڏين عمارتن جي مينارن، گنبذن، ڇتين، جارن، ويران جاين ۽ کنڊرن ۾ بہ وڏي پيماني تي ڏٺو ويندو آھي. پاريل کي پاڪستان ۽ ڀارت ۾ مذهبي تقدس حاصل آھي تنھنڪري ھي مذهبي جاين ۾ به با آساني رھائش پذير ٿيندو آھي. سنڌ ۾ ڪي ماڻهو کيس سيد پکي سمجهندا آھن. جيتوڻيڪ ھي مذهبي ۽ ٻين عوامي نوعيت وارين جاين تي وٺيون لاھي گندگي ۽ بدبوءِ ڦهلائيندو آھي پر پوءِ به خاص اھميت جي ڪري کيس برداشت ڪيو ويندو آھي. رات جو پاريل اڪثر ڪري مختلف قسم جي عمارتن تي واھيرو ڪندو آھي پر ڪڏهن ڪڏهن وڻن تي به واھيري تي ويٺل ڏسبو آهي. پاريل غريب طبيعت وارو پکي آھي تنھنڪري شڪاري پکين جو آسان حدف ھوندو آھي. بحري باز ۽ شڪرو ته خاص طور ھن کي نشانو بڻائيندا آھن. چيو وڃي ٿو ته نسلي واڌ وارن ڏينھن ۾ بحري باز پنھنجي لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو خوراڪ پاريل مان حاصل ڪندو آھي.
پاريل جيئن ته شهرن ۾ عام جام رھي ٿو تنھنڪري ھي ماڻهن، گاڏين، مشينن ۽ ڪارخانن جي شور ۽ گوڙ مان ڪو خاص متاثر نه ٿيندو آھي. ٻين ڪبوترن جيان پاريل پنھنجي تر تائين محدود رھندڙ پکي آھي تنھنڪري لڏپلاڻ بلڪل نه ڪندو آھي. قديم دؤر جي پنڊ پهڻن (Fossils) مان معلوم ٿيو آھي ته ھي بنيادي طور ڏکڻ ايشيا جو پکي آھي. انسان ڪبوتر کي نه رڳو کاڌي طور پر اڏام ۽ ڏوٽين واري مقابلن، پيغام پهچائڻ، جاسوسي واري مقصد ۽ طبي کوجنا لاءِ بہ ڪتب آڻيندو رھيو آھي. اھوئي سبب آھي ته يورپ ۾ فوجي خدمتن جي مڃتا ۾ ڪبوترن کي اعليٰ قسم جا ايوارڊ به ڏنا ويا آھن. مطلب ته ڪبوتر قديم وقتن کان انسان لاءِ قربانيون ڏيندو رھيو آھي. پاريل کاڌي ۾ ھر قسم جا ٻج، اناج ۽ ٻوٽن جون سايون ٽاريون ڪتب آڻيندو آھي. ڪن حالتن ۾ ڪينئان ۽ ننڍڙا جيت به کائي وٺندو آھي. شهري ماحول ۾ ھي اناج جي ڪارخانن، گودامن ۽ انسان پاران اڇلايل گند ڪچري مان پنھنجي لاءِ مختلف شيون ڳولهي کائيندو آھي.
پاريل جي نسلي واڌ سياري جي شديد ٿڌ وارن ڏينھن کانسواءِ سمورو سال جاري رھندي آھي پر بھار ۽ اونهاري ۾ اھا پنھنجي انتھا تي پهچي ويندي آھي. پاريل ھڪ مادي تائين محدود رھندڙ پکي آھي. مادي کي ريجهائڻ لاءِ ھي ڦيريون پائي ڳلو ڦونڊاري مخصوص آواز ڪڍندو ۽ پڇ کولي زمين تي ھڻندو آھي. آکيرو گهڻي ڀاڱي ٽڪرين جي غارن ۽ ڦاٽن ۽ عمارتن جي جارن، سوراخن ۽ ٻي ڪنھن مناسب ھنڌ تي ٺاھيندو آھي. ڪکن ۽ ٽارين مان تيار ڪيل سادي سودي آکيري ۾ مادي اڇي رنگ جا 2 آنا لاھيندي آھي. آنن مٿان نر ماد گڏجي 17 کان 19 ڏينھن تائين آرو ڪندا آھن. ٻچن کي پهريان ڪجهھ ڏينھن ماءُ پيءُ ھڪ کير جهڙو پاڻيٺ پياريندا آھن جنھن کي ڪبوتر جو کير (Pigeon’s Milk) چيو ويندو آھي. حقيقت ۾ اھو کير نه ھوندو آھي پر ڪبوتر جيڪو کاڌو کائيندا آھن سو ڪنھن مخصوص عمل جي نتيجي ۾ کير جهڙي شڪل اختيار ڪندو آھي. ٻچا مھيني کن ۾ اڏام لائق ٿي ويندا آھن. پاريل جي سراسري عمر 6 سال ٿيندي آھي ۽ ھي ھڪ سال ۾ 5 يا ان کان بہ وڌيڪ تور (Brood) ڏئي ويندو آھي. پاريل جيئن ته وڏي تعداد ۾ ڌرتيءَ تي رھي ٿو تنھنڪري سندس وجود کي محفوظ قرار ڏنو وڃي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *