تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

ٽڪ ٽاڪ … آتش انقلابي

اڙي ڇورا توهان جو منهن بس موبائل ۾ لڳو پيو اٿوَ، رڳو اها ڳِٽ ڳِٽ لڳي پئي آ، ڪم ڪار جو ته توهان کي فڪر ئي ڪونهي، دنيا ترقي ڪري وئي آ توهان کي رڳو اها پادر جيڏي موبائل هجي بس، نڀاڳو اٿو ڪم ڪار ڪيو وڃي: الهه ڏتو اوطاق ۾ ويٺل نوجوانن کي چيو.
اهو ٻڌي صادق وراڻيو: نه چاچا دنيا ترقي ڪونه ڪئي آ، اسان ترقي ڪئي آهي، ڏس توکي جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي تون گهر ويٺي ڪري سگهين ٿوجيڪڏهن اسان وٽ موبائل نه هجي ها نه ته اسان کي ڪير سڃاڻي به ڪونه ها، هاڻي ڏس رڳو ويڊيو ڀري ٽڪ ٽاڪ تي رک ته پوري دنيا پئي اسان کي ڏسي ڇا اها ترقي ناهي ڇا؟ نه صادق پاڻ ترقي ڪئي ناهي ترقي ڪئي هئي ، پاڻ واري ترقي مٽي ۾ ملي وئي، حڪومت ٽڪ ٽاڪ ئي بند ڪري ڇڏيو: صادق جي دوست چيو
صادق حيرانگي مان چيو: ڇا! ٽڪ ٽاڪ بند ٿي ويو، حڪومت اهو صحيع عمل ناهي ڪيو، چاچا اسان حڪومت جي ان عمل خلاف روڊن تي ايندا سين، ۽ ها ترقي ڪري ڏيکاريندا سين.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *